ذوالفقار علي ڀتي ۽ بينظير ڀٽو کانپوءِ پ پ ۽ اسٽيبليشمنٽ جو موجوده جهيڙو: دلشاد ڀٽو

ڪنهن ڏاهي کان سوال پڇيو ويو ته رهبر ۽ ليڊر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ وراڻيائين ته رهبر قوم لاءِ قربانيون ڏيندو آهي ۽ ليڊر قوم کان قربانيون گهرندو آهي، ڊگهي عرصو اڳ جڏهن ميان نواز شريف صاحب جلاوطني کان واپس آيو ته ڪارڪنن نعرا پئي هنيا ته قدم وڌايو ميان صاحب اسين توهان سان گڏ آهيون ۽ اوهانکي ياد هوندو ته ميان صاحب جواب ڏنو هو ته اڳم جڏهن مون قدم وڌايو ۽ پوئتي لوڻو هڻي ڏٺم ته پويان ڪير به نه هو ساڳئي نموني پ پ ۽ ڀٽو جي فلاسافي ۽ سياست الڳ آهي. ڀٽو شهيد پنهنجي مخالفن کي تڙي ڏني ته جيڪڏهن کيس قتل ڪيو ويو ته هو قبرمان به عوام تي حڪمراني ڪندو، قيادت کي اعتماد،  سچائي ۽ ثابت قدمي مان ملندو آهي، ڀٽي جي شهادت کانپوءِ حڪمرانن سمجهيو ته معاملو لئي مٽي ٿي ويو پر ڇاڪاڻ ته ڀٽو نه رڳو عالمي اڳواڻ هو پر هو فلاسافر به هو ان وقت جي آمرن آڏو آڻ  نه مڃي  ۽ هو بي گناهه قتل ڪيو ويو. هن سان عدالتن نا انصافي ڪئي. ڀٽي جي شهادت هڪ اڻ کٽ آتش فشان کي جنم ڏنو، سندس نياڻي جيڪا خود خداداد صلاحتين جي مالڪ هئي، ميدان ۾ نڪري پئي هن سياست جو واڳون سنڀالي ورتيون، هن ضياءُ کي للڪاريو، آمريت خلاف ويڙهه ڪئي ، ۽ هو جيل وئي ، جلاوطن ٿي ۽  نيٺ آمر کي شڪست ڏني، پ پ جي لولي لنگڙي ۽ هٿ ٻڌل حڪومت قائم ٿي پ پ کي مهانگين شرطن تي اقتدار مليو، اسٽيبلشمنٽ نٿي چاهيو ته ملڪ ۾ جمهوري قوتون مضبوط ٿين، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه  جون پهرين واريون  ٻئي مختصر عرصي واريون حڪومتون برطرف ڪيون ويون، انهن جي برطرفي جي ٻين ڪيترن سببن ۽ الزامن سان گڏ وڏو الزام ڪرپشن جو هو ۽ ان ڪرپشن ۾ سرفهرست نالو آصف علي زرداري جو هو، مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا،مشرف نواز شريف جي حڪومت تي راتا هو هڻي جڏهن اقتدار تي براجمان ٿيو ته نواز شريف جيل ۽ پوءِ  جلاوطن ٿيو. محترمه به ملڪ کان ٻاهر هئي، جڏهن مشرف نيب جا  ڪيس کوليا ته ڪرپشن زده ڪيترائي نواز ليگي ۽ پيپلا  وڃي مشرف جي پيرن ۾ ڪريا ۽ قبلو مٽائي ڇڏيائون، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه  وري به مشرف کي اقتدار تان هٽائڻ جي جدوجهد جاري رکي، هن جيڪو اين آر او صحيح ڪيو ان جو وڏو فائدو زرداري، نواز شريف ۽ ايم ڪيو ايم کي پيو، واپس آئي سندس واپسي تي اسٽيبلشمنٽ سخت ناراض هئي.  هو حڪمرانن جي نظر ۾ بي اعتماد هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ عوامي اڳواڻ هئي ۽ حڪمرانن کي خبر هئي ته هوءَ عوام ڏانهن موٽي ويندي ۽ ائين ئي ٿيو، هو آئي لکين ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي ويا،

عوام سندس پروانو هوءِ ۽ هو عوام سان محبت ڪندي ڪندي آخر شهيد ڪئي وئي. نه رڳو سنڌ پاڪستان پر سڄي دنيا سندس غم ۾ وٺجي وئي. سندس شهادت المناڪ طريقي سان ٿي. ماڻهو سوڳ ۽ غم ۾ ورتا پيا هئا، دنيا پريشان هئي ته پ پ جي قيادت هاڻ ڪير سنڀاليندو. نيٺ چيئرميني جو تاج وڃي محترمه جي مڙس آصف علي زرداري تي پيو. هي نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن محترمه جي شادي  آصف علي زرداري  سان  پئي ٿي  تب پراڻا جيالا سخت ناراض ٿي ويا هئا. بهرحال آصف علي زرداري کي پ پ، اسٽيبلشمنٽ ۽ ٻين پارٽين قبول ڪيو ڇاڪاڻ ته ڪاٻي چوائس يا نعم البدل هو ڪونه. زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمتي پاليسي کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، اليڪشن ٿي، اليڪشن ۾ پ پ سنڌ کان سواءِ باقي صوبن مان  پ پ کي سادي اڪثريت ملي پر هن مفاهمت جي بنياد تي نه رڳو پنهنجو متفقه وزير اعظم آندو پر پاڻ به صدرٿي ويو، ٿوري عرصي ۾ نواز شريف ۽ ٻين سندس اتحادين مٿس بي اعتمادي جو اظهارڪرڻ شروع ڪيو، نواز شريف گڏيل حڪومت کان ڌار ٿي ويو، مشرف هٽي ويو ان به هن تي الزام هنيو ته هو بي اعتبار آهي ۽ واعده خلافي ڪري ٿو. ان وقت سڄو ملڪ دهشتگردي جي ليپٽ ۾ هو. مسئلا ضرور هئا پر سندس مفاهمتي پاليسي  تحت جڏهن هن سڀني کان خاطري ورتي ته جمهوريت کي ڊي ريل نه ڪيو ويندو ته سڀ ڌريون ڦاسي پيون، سڀني چيو ته پ پ کي پنهنجو مدو پور ڪرڻ ڏنو وڃي. ياد رهي ته هڪ  دفعو محترمه بينظير جي شهادت جي موقعي تي   شهيدن جي مزارن ڏانهن منهن  ڪندي هن  تقرير ۾ چيو هو ته پ پ لاش کڻڻ جو ٺيڪو نه کنيو آهي نه ئي اسان اسٽيبلشمنٽ سان وڙهڻ جو ٺيڪو کنيو آهي. انڪري ان جو مطلب هو ته پ پ هاڻ پرو اسٽيبلشمنٽ پارٽي آهي . ان کانپوءِ هن جا جنرلن سان جهيڙا هلندا رهيا مميوگيٽ وغيره جو مسئلو ٿيو پر پ پ جي ٻنهي وزيراعظمن ۽ وزيرن مٿان ڪيترائي ڪرپشن جا الزام لڳا ۽ ڪورٽن ۾ ڪيس هليا. خيرن سان پنج سال پورا ٿيا. مفاهمي پاليسي تحت وري مرڪز  ۽ پنجاب نواز شريف رکيو ۽ وري ٻين پنجن سالن لاءِ پ پ سنڌ ۾ اچي وئي، هن وقت تائين سنڌ ۾ حڪمراني جا ست سال پورا ڪري چڪي آهي ۽ اڃان ٽي سال رهڻو اٿس پر حالت جيڪا سنڌ  جي ٿي آهي اهڙي حالت مارشلا دورن ۾ به نه ٿي آهي، سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه آهي، شهرن جي حالتون  انتهائي خراب،  رشوت ايتري جو پوئين 60 سالن ۾ نه ٿي هوندي.  خزانو خالي،  نوڪريون من پسند ماڻهن کي رشوت تي، سرڪاري خزانو ترقياتي ڪمن ۽ عوامي بهبود جي ڪمن ۾ هڻڻ بجاءِ پيٽ ڀرڻ ۾ پورو ڪيو ويو آهي. گذريل ستن سالن ۾ حڪومت ۽ ان جي وزيرن جي ڪارڪردگي يا چونڊيل نمائيندن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، ڪرپشن جي داستانن جون خبرون روز اليڪٽرانڪ پرنٽ ميڊيا تي اچن پيون، ڪو ٻڌڻ ۽ سڻڻ وارو نه آهي حڪومت ۾ شامل وزير ۽ پارٽي عهديدار رڙيون ڪن پيا ته سندن ڪم نه پيا ٿين،  وزير بي اختيار آهن پنهنجي کاتي ۾ سندن حڪم نٿا هلن، ڪيترن وزيرن احتجاجن استعفائون ڏنيون ۽ چيو ته سندن کاتن ۾ ”ادا“ ۽ ”ادي “ جي مداخلت آهي يا انهن جا ڪارندا ڪم ڪرڻ نٿا ڏين. هيٺان کان مٿي تائين رشوت آهي ۽ اها به سڀني کي خبر آهي ته بدعنوانين سان ڪمائيل وڏو حصو ڪٿي ۽ ڪنهن کي ڏنو وڃي ٿو. سڀ ماڻهو پريشان آهن ته ايترا پئسا ۽ ملڪيتون آخرڪاڏي ڪندا؟  هاڻ جڏهن رياستي ادارا ستن سالن جي خاموشي کان پوءِ سجاڳ ٿيا آهن ۽ پ پ جي بدعنوانين تي ڏنڊي ۾ هٿ وڌو آهي ته پ پ قيادت مڇر جي پئي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته سندن حڪومتي ڪمن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي کين ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي .

سوال هي آهي ته گذريل ستن سالن کان اوهانجي حڪومت آخر ڪم ڪهڙو پئي ڪري. هي ماڻهن ۽ خلق خدا جا اهنج اوهانکي نظر نٿا اچن. ان جو مطلب ته سنڌ جي ماڻهن اوهانکي ووٽ ڏئي مينڊيٽ ڏنو آهي اوهين انهن  کي جيئن وڻين ڪريو ڪوبه اوهانجي ڪمن ۾ مداخلت نه ڪري، اوهين جيئن وڻين سنڌي عوام کي اڏي تي رکي  مڏي ڪاتي سان پيا ڪهو ۽ رياست ويٺي تماشو ڏسي!  ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام اوهانکي پنهنجي حڪمراني لاءِ چونڊيو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين کي هاڻ ياد آيو آهي ته رياستي ادارا ۽ اسٽيبلشمنٽ کين روڪي ٿي ۽ سندن بدعنوانين کي وائکو ڪري ٿي. آصف علي زرداري پنهنجي پٽ جيڪو پارٽي جو چيئرمين آهي ۽ بي اختيار چيئرمين آهي کيس تقرير به ڪرائڻ نٿي ڏني وڃي. هاڻ ان کي سامهون ويهاري ۽ رياستي ادارن ۽ اسٽيبلشمنٽ سان جنگ جو اعلان ڪري ٿو سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن جنگ ۾ زرداري ڪامياب ٿيندو،  ٻيو ته هي جنگ زرداري جي بقا جي آهي ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي يا پ پ جي نظرياتي جنگ آهي؟  زرداري اسلام آباد ۾ بيهي اسٽيبلشمنٽ کي للڪاريو ٿو ڇا هو ذوالفقار علي ڀٽو يا بينظير ڀٽو آهي؟  هن ۾ اهي خصلتون ۽ صلاحيتون آهن؟ جيڪي ڀٽن ۾ هيون، هن جو  سنڌ، ملڪ ۽ عالمي ليول تي ايترو قد ڪاٺ ۽ ساک آهي؟ هن وقت هو اسٽيبلشمنٽ سان ڪهڙي آسري تي جنگ جو اعلان ڪري ٿو؟ ڀٽن واري پ پ ته تباهه ٿي وئي هي پاڻ ان کي سنڀالي نه سگهيو، هن جو عوام سان ڳانڍاپي واري رشتو ته آهي ڪونه ۽ نه ئي هي عوامي ليڊر آهي.  هي پنهنجي گهران نڪرڻ کان لاچار آهي، زمين تي وڃي تب سوين گاڏين جي قافلن سان لڪي وڃي. سڄي علائقي ۾ ڪرفيو لڳايو وڃي ٿو.

هي تاريخي سچ آهي ته پ پ ۽ ڀٽن جون هن ملڪ جي غريب عوام لاءِ  تمام وڏيون قربانيون آهن، اڄ جڏهن پ پ مظلوم ٿي ميدان تي ايندي ته واقعي ڪراچي کان خيبر تائين ملڪ بند ٿي ويندو؟ ڇا پ پ ۾ هاڻ اهو سر ڏيڻ وارو جيالو رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *