تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا اڻپورا انتظام: امتياز عباسي

ڄ سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي فضا ڇانيل آهي هر ٻيو ملڪ دهشتگردي کي مُنهن ڏئي رهي آهي اُها دهشتگردي جيڪا پهريان صرف سياسي جلسن جلوسن تائين محدود هئُي اها اڄ اچي اسان جي تعليمي ادارن تي پهتي آهي جتي اسان جا معصوم ٻار اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ جيڪي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا نام نهاد دهشتگرد انهن تي پنهنجي بهادري آزمائين ٿا.جڏهن ته هڪ سلگون تي سڄي دنيا عمل ڪندي آهي جتي به جنگ هجي اتي اتان جي تعليمي ادارن اسپتالن عبادتگاهن معصوم ٻارن عورتن ۽ پيرسن ماڻهن کي نشانو ناهي بڻائڻو پر اڄ جا دهشتگرد جيڪي اسلام جا سچا پوئلگ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جا امتي  سمجهن ٿا جڏهن ت اسلام ۾ هڪ انسان کي قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتل آهي پر هي وهشي دريندا غافلن جي راه تي هلي ڪري اسلام کي نقصان پهچائي رهيا آهن توهان کي ياد هوندو ته نائجيريا جيڪو مسلمان ملڪ آهي اتي جي نام نهاد بڪوحرام نالي  اسلامي ٺيڪيدار نائجيريا جي هڪ يونيوسٽي مان ٻه سو کان وڌيڪ شاگردياڻين کي اغوا ڪري ڪجھ مهينن کان پوء انهن کي جڏهن ظاهر ڪيو تـ خبر پئي تـ انهن اسلام جي ٺيڪيدار پنهنجي وهشين سان انهن جا نڪاح پڙهائي ڇڏيا ڇا اسلام اسان کي اهو سيکاريو آهي ۽ هي ٻيو واقعو جيڪو اسان ملڪ ۾ ٿيو جنهن اسان جون نينڊرون حرام ڪري ڇڏيون انهن اسلام جي ٺيڪيدارن جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪيو ۽ اتي معصوم ٻارن جي مٿان  بندقون جا منهن ڪنهن ساوڻي جي برساتن جيان کولي ويا ۽ چند گهڙين ۾ ٻـ سو کان وڌيڪ گلن کي موت جي نيند سمهاريو ويو  اهي اسان زخم اڄان تازا ئي هئا تـهنن وحشين باچا خان يونيورسٽي ۾ اندر داخل ٿي ويا ۽ اتي هنن استاد ۽ شاگردن تي گولين جو مينهن وسايو ۽ وري مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اهي جيڪي واقعا پيش آيا انهن ادارن ۾ حفاظتي انتظام سخت هجڻ باوجود اهڙا ڪيئس ڪيا ويا ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکي سنڌ جي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جي حالت ڏسون تـ  اسان جي ڄامشوري ۾ ٽـ يونيورسٽيون آهن انهن جا حفاظتي انتظام بـ اهڙا ڪارائتا نه آهن جو ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي مُنهن ڏئي سگهن ڇو ته جيڪي اسلام جا ٺيڪيدار جنت حاصل ڪرڻ لاء مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن انهن جي آڏو اهڙا انتظام ڪجهه به نه آهن ٻئي طرف وڏن شهرن ڪراچي حيدرآباد سکر نواب شاه ۽ خيرپور ميرس جي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي اندروني سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪاري وارا ڪک آهن خدا نه ڪري جو  وري اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي ۽ اسان جي مائرن جون جهوليون وري اجڙي وڃن انهن جي جگر جي ٽڪرن مٿان وري بندوقون ڀونڪي پون اهڙن واقعن کان بچڻ لاء اسين پاڪستان جي وس وارن سيڪيورٽي ادارن ڱي پر زور اپين ٿا ڪيون ته مستقبل جي معمارن کي جون زندگيون بچايون وڃن تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن اسان جي خوابن جي تڪميل لاء اسان سيڪيورٽي خدشا ختم ڪيا وڃن ته جيئن انهن معصوم ٻارن کي ۽ انهن مائرن کي جيڪي پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي قوم جي سرمائيو بڻائڻ لاء انهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن تن مائرن جي جي خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ کان بچايو وڃي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *