آدمشماري ملتوي نه ٿيڻ گهرجي..: گھنشام شيام

ملڪ جي ڇهين آدمشماري جيڪا 8 سال اڳ 2008 ۾ متوقع هئي سا مارچ 2016 ۾ ٿيندي ٿيندي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ) واري اجلاس ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ٿي ويئي آهي. هونئن مرڪزي حڪومت اڳئي آدمشماري ڪرائڻ جي موڊ ۾ نه هئي ڇو جو گذريل پ پ پ حڪومت ۾ به گھرشماري کان پوءِ آدمشماري ڪرائڻ جو ٻيو مرحلو پنجاب جي اعتراضن جي ور چڙهي ويو هو ۽ آدمشماري نه ٿي سگھي هئي. جڏهن ته گذريل پ پ پ حڪومت پڻ آدمشماري ڪرائڻ متعلق ديرسان فيصلو ڪري لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو هو پر پوءِ به آدمشماري ٻي مرحلي ۾ داخل ٿي. پنجاب جي اعتراضن جي ور چڙهي رڪجي ويئي. انهي وقت کان پنجاب صوبو اڄ تائين مختلف بهانن سان آدمشماري ٿيڻ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي ڇو جو 2011ع ۾ ٿيل گھر شماري ۾ پنجاب صوبي ۾ آبادي جي شرح بلڪل گھٽ هئي. انهي ڪري پنجاب کي پڪ ٿي ويئي آهي ته اڄ به پنجاب صوبي جي آبادي جي لحاظ کان شرح وڌڻ بجاءِ گھٽ آهي.

ڏٺو وڃي ته 16مارچ کان رٿيل آدمشماري لاءِ ملڪ کي 166819 بلاڪن ۾ ورهايو ويو ۽ 210239 سيڪيورٽي فورسز جي پڻ ضرورت محسوس ڪئي ويئي فوج جي دستيابي جي حوالي سان آدمشماري ۽ سينسز سميت مرحلا ٻن ميهنن ۾ مڪمل ڪرڻ جو ايڪشن پلان پڻ تيار ٿي چڪو هو. آدمشماري واري حوالي سان سنڌ سرڪار پاران 32 جماعتن جون APC جي اجلاس ۾ پيش ڪيل سفارشون ڊارفٽ جي صورت ۾ سي سي آءِ جي اجلاس لاءِ تيار ٿي چڪيون هيون ۽ توقع ڪئي پئي ويئي ته رٿيل آدمشماري جيڪڏهن مارچ ۾ نه ته هلندڙ سال جي آڪٽومبر مهيني تائين ڪرائڻ جون تجويزون گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ زير غور اچي قبول ڪيون وينديون ۽ پوري سنڌ ۾ آدمشماري لاءِ جاگرتا مهم جي ضرورت محسوس ڪندي سياسي، سماجي تنظيمن کان وٺي هر باشعور ماڻهو پنهنجو ڪردار نڀائي رهيو هو ۽ رهيو آهي. انهن سڀني حڪمت عملين مان لڳو پئي ته آدمشماري هر حال ۾ مارچ ۾ ٿيندي پر هيڏين وڏين تيارين کان پوءِ به آدمشماري کي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو شماريات کاتي پاران صرف هڪ ڪارڻ سامهون آيو ته فوج دهشتگردي خلاف ضرب عضب آپريشن ۾ رڌل آهي ۽ آدمشماري فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي انهي ڪري مارچ يا اپريل ۾ فوج جي دستيابي قطعي ناممڪن هئڻ ڪري رٿيل آدمشماري ٿي نٿي سگھي.

جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شماريات کاتي پاران پيش ڪيل موقف تي فيصلو ڪيو ويو ته آدمشماري لاءِ گھربل فوج جي دستيابي بابت فوج سان مشاورت ڪري نئين تاريخ پڻ  تجويز ڪئي ويندي ۽ مرڪزي حڪومت پاران سنڌ سرڪار جي آدمشماري جي حوالي سان مرحليوار ڪرائڻ واري تجويز کي رد ڪيو ويو پر وزير اعظم 32 جماعتن جي سفارش جو احترام ڪندي سنڌ سرڪار کي سنڌ ۾ ڌارين کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڏٺو وڃي ته آدمشماري متعلق جيڪا قانون سازي ٿيل آهي تنهن ۾ وفاق کي وڌيڪ اختيار مليل آهن جڏهن ته 18هين ترميم کان پوءِ آدمشماري وارو معاملو صوبائي معاملو آهي انهي ڪري سينيٽ ۾ شفاف آدمشماري لاءِ آدمشماري ڪرائيندڙ شماريات بيورو اداري ۾ صوبن جي نمائندگي کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو ويو ليڪن وفاق جي سخت مخالت جي ڪري اهو منظور نه ٿي سگھيو انهي سان ۾ سان آدمشماري واري حوالي سان خدشا ويتر وڌايا ويا.

ڏٺو وڃي ته شروع کان ئي وفاق آدمشماري ڪرائڻ واري حوالي سان جنهن نموني سستي جو مظاهرو ڪيو پي ۽ آدمشماري نه ڪرائڻ جا بهانا پي ڳوليا تنهن نموني سان ته آدمشماري ٿيڻ جا امڪان بلڪل ڌنڌلا نظر اچي رهيا هئا پر پوءِ به گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ رٿيل آدمشماري ٿيڻ واري فيصلي جي توقع هئي بهرحال جيئن وڏي سرڪار مرڪزي حڪومت چاهيو تيئن ٿيو ۽ آدمشماري اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ٿي ويئي.

ڏٺو وڃي ته مارچ ميهنو تعليمي امتحانن وارو مهينو هوندو آهي ۽ اپريل تعليمي سال جو پهريون مهينو هوندو آهي. انهن ٻنهي مهينن ۾ آدمشماري لاءِ اسٽاف ڪيئن ٿو ملي سگھي؟ ان کان پوءِ ضرب عضب آپريشن دوران سيڪيورٽي اهلڪار پڻ ڪيئن ٿا ملي سگھن؟ آدمشماري لاءِ مارچ ميهنو طئي ڪرڻ وقت وفاق انهن سببن تي ڌيان ڇو نه ڏنو؟ ڇا وفاق سنڌ کي ان سلسلي ۾ سبز باغ ڏيکاري ۽ مايوسين ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ هونئن اهو طئي شده آهي ته آدمشماري سنڌ صوبي جي مفادن وٽان آهي ۽ آدمشماري عوامي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت پڻ آهي انهي ڪري آدمشماري سنڌ لاءِ حساس معاملي سان گڏ زندگي ۽ موت جو معاملو پڻ آهي ته پوءِ اها ڳالھه جيڪا سنڌ جي مفادن وٽان هجي سا ڳالھه وفاق کي ڪيئن وڻندي؟

هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته سي سي آءِ جو اجلاس 90 ڏينهن بجاءِ 348 ڏينهن گذرڻ بعد ڇو ٿيو؟ ڇا وفاق کي سنڌ جي جائز مطالبن کان خوف هو؟ 1998 ۾ ٿيل آدمشماري جيڪا 10 سالن کان پوءِ 2008 ۾ ٿيڻ کپي سا متوقع تاريخ 8 سال بعد به نه پئي ٿئي ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ اها حقيقت آهي ته ماڻهن جي ڳڻپ جا درست انگ اکر سامهون اچڻ سان سنڌ وڌندڙ آبادي موجب وفاق کان وسيلن مان وڌيڪ حصو وٺڻ جو حق رکندي. انهي ڪري ئي وفاق جو هاضمو آدمشماري واري حوالي سان بگڙيل لڳي ٿو.

ڏٺو وڃي ته جتي وسيلا گھٽ ۽ آبادي وڌيڪ هجي ٿي اتي آدمشماري هر حال ۾ ٿيڻ لازم هجي ٿي. سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته عوام جي سمورين گھرجن جو انحصار آدمشماري تي آهي. قومي اسيمبلي جي سيٽن کان ويندي، اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ تائين، وفاق ۾ نوڪرين جي ورهاست کان وٺي، کاڌ خوراڪ جي وسيلن تائين جي منصفاڻي ورهاست وارو عمل آدمشماري سان لاڳاپيل آهي. آدمشماري سان صوبي، ڊويزن کان وٺي يوسي يا ڳوٺ سطح تائين جي آبادي جي خبر پوي ٿي ۽ اها خبر پوي ٿي ته ڪيترا ماڻهو اڻ پڙهيل ۽ ڪيترا پڙهيل آهن. غربت جي شرح جي پڻ خبر پوي ٿي انهي ڪري آدمشماري واري اهميت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي.

فرض ڪجي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن گھر يا خاندان جي ڀاتين جي خبر نه هجي ۽ ان کي چئجي ته انهي خاندان لاءِ بازار مان وکر وٺي اچ ته اهو ماڻهو ڪيئن وکر وٺي سگھندو؟ يا ائين کڻي چئجي ته ڪنهن دعوت جي انتظام سنڀاليندڙ کي اها خبر نه هجي ته ڪيترن ماڻهن کي دعوت ڏني ويئي آهي ته پوءِ اهو ڪيئن سمورا انتظام سنڀاليندو؟ ساڳين طريقي سان جيڪڏهن سنڌ ۾ رهندڙ آبادي جي انگ اکر جو پتو نه آهي ته پوءِ سنڌ، وفاقي وسيلن مان پنهنجي حصي جو تعين ڪيئن ڪندي؟

ڏٺو وڃي ته سنڌ کي انٽرنيشنل يتيم خانو سمجھي پنجابي، پشتو، برمي، بنگالي ۽ افغاني جيڪي سنڌ ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي گڏ ٿيا آهن اهي يقيناً سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو آهن. تقريباً ڏيڍ ڪروڙ ڌاريان سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن انهي ڪري ئي ته بيروز گاري، مهانگائي کان ويندي سموريون ڏکايون سنڌ جي نصيب ۾آيون آهن. انهن ڌارين پنهنجا شناختي ڪارڊ به ٺهرائي سنڌ جي شهريت حاصل ڪري ورتي آهي هاڻي جيستائين انهن کي سنڌ بدر نٿو ڪيو وڃي تيستائين آدمشماري جي شفافيت تي ڪيئي شڪ اڀرندا. ڏٺو وڃي ته هر ڏهين سال آدمشماري نه ٿيڻ ڪري سنڌ سان خاص ڪري وڏي زيادتي ٿي آهي. مرڪزي حڪومت پاران آدمشماري ملتوي ڪرڻ وارو فيصلو صوبن سان ٻه اکيائي وارن روين جو تسلسل آهي ۽ بد نيتي تي پڻ ٻڌل آهي. انهي ڪري سنڌ جي سمورين پارٽين کي سنڌ کي پنهنجي ماءٌ سمجھي آدمشماري واري حوالي سان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي تحريڪ هلائڻ کپي ته جيئن وفاق آدمشماري ڪرائڻ تي مجبور ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *