تحقيق مطابق سگريٽ  موت جو ڪارڻ ۽ ايندڙ نسل جو بگاڙ…..!!: فرزانه نورمحمد چانڊيو

عام طور تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه پوري دنيا ۾ وڌ کان وڌ تماڪ ، سگريٽ  ۽ حوڪي جو استعمال فيشن جيئان ٿي ويو آهي  ، جيئن فيشن ۾ مختلف دل کي موھيندڙ رنگ برنگي ڪپڙا  ، جوتا ، ۽ ڪجهه ٻيون شيون اچن ٿيون  ، ايئن ئي اڄڪلهه سگريٽ  جا مختلف رنگين دٻا ۽ ان ۾ پيل مختلف ڪلرن جا رنگ برنگي سگريٽ  مارڪيٽ ۾ رکيل شوڪيسن جي سھون تي ضرور وڌائين ٿا پر  پيئندڙ کي به پاڻ ڏانهن متوجه ڪن پيا ۔ پيئندڙ تي بغير صيحت جو سوچيندي ڏينهن ۾ ٽي  ، چار  ، پاڪيٽ به پيئي پيا وڃن  ۔ ڄاڻ ھوندي به تي سيگريٽ ڪينسر جو سبب آهي  ۔  پوء به سگريٽ جو عام وڪرو ۽ وري ان جو استعمال آخر ڇو  ؟؟

ريسريچ جي مطابق ۔۔   آمريڪا ۾ هر سال 480،000 کان وڌيڪ سگريٽ سگريٽ پيدا ڪري ٿو. اهو تقريبن پنجين ۾ هڪ هزار آهي ..

سگريٽ نوشي جي ڪري  هر سال وڌ کان وڌ ماڻهن جي  موت جو ڪارڻ  وڌيڪ پيماني تي سگريٽ جو استعمال آهي ۔

انساني امونڊيڊريشن واري وائرس (ايڇ آئي)

غير قانوني دوا جو استعمال،

شراب جو استعمال،

موٽر گاڏي جي زخمي

باهه سان لاڳاپيل واقعا،

امريڪا پاران وڙهندي سڀني جنگين ۾ سگريٽ  نوشي جي ڪري  10 ڀيرا وڌيڪ آمريڪي سگريٽ نوشي ڪري  مري ويا آهن.

سگريٽ نوشي 90٪ (10 مان 9 يا 10 مان) سڀني جي ڦڦڙن جي ڪينسر جي موت جو سبب. عورتن ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي ڪري ۔

سگريٽ نوشي جي ڪل 80٪ (يا 10 کان 10 مان) جي دائمي رکاوٽ پذيرائي بيماري (COPD) کان مڙني موت جو سبب آهي.

وڌ ۾ وڌ     مردن ۽ عورتن جي مرڻ جو سبب سگريٽ  ، تماڪ  نوشي آهي  ۔دل جي  بيماري  ، ڦڦڙن  جي بيماري  ڪينسر ، ٽي بي  ،   مختلف بيمارين جو ڪارڻ۔ ھر ڄاڻ ھوندي به سگريٽ جو استعمال عام ڇو ؟

سروي جي مطابق وڌيڪ ريشو سگريٽ  ، حوڪي جي استعمال ۾ نوجوانن جو آهي  ۔ جڏهن ته نوجوان جو ئي معاشري کي سڌارڻ ۾ اھم ڪردار آهي ۔ نوجوان معاشري ۾ روشن ڏيئي جيئان آهي  ۔ ان جو سٺو ڪردار نه صرف ھڪ گهر اندر پر پوري معاشري ۾ تمام ضروري آهي۔

جڏهن توهان ماڻهن جي وچ ۾ ويھي سگريٽ پيئندا آھيو ، ان وقت توهان کي بلڪل به احساس نه ھوندو ته توهان پنهنجي صحت ته ضرور تباھ ڪريو پيا پر توهان سان گڎ ويٺل به دونھين سبب متاثر ٿئي پيو  ۔ توهان سگريٽ  ، پيئي معاشري ۾ ڪھڙو پيغام پيا ڏيو ،  ايندڙ نسل کي جيڪي اسان  جي سماج جو حصو ھوندا ۔ توهان پنهنجي دوستن ، مٽن  ، مائٽن ، ننڍن ڀائرن ، ڀيئڻ ، پيٗ  ، ماءٗ  ، استادن کي ڪھڙو پيغام پيا ڏيون.

توهان کي شايد ان ڳالهه جو احساس بلڪل به نه ھجي پر ممڪن ٿي پيو سگهي ته ڪوئي توهان جي نقشي قدم تي ھلندو ھجي ۔ نوجوانو ھن سماج کي توهان جي ضرورت آهي  ۔ ھن سماج جو حصو ٿئي  ، پنهنجي responsibilities کي سٺي نموني نڀايو. پنهنجي صحت بچايو  ، ھن سماج کي سنڀاليو ۔

مون اڪثر تقريبن چوڏهين  ، پندرهن سالن جي معصوم ٻارن کي سگريٽ پيئندي ڏٺو آهي  ، جڏهن مون ان ٻارن کان سوال پڇيو ته انهن جو جواب ھيو ۔ اھيو انهن پنهنجي دوستن ، وڏي ڀاُ  ، سوئٽ ، ماسات کي پيئندي ڏٺو  ۔ ھنن معصوم ٻارن جو ذميوار ڪير ؟؟؟؟؟؟

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *