بي روزگاري مهاڻن جون صدائون ڪير ٻڌندو : اصغر ملاح

حصو ٻيو ۽ آخري……….

مقرر ٿيل ڪامورن ٺيڪيدارن تي عوامي احتجاجن ۾ الزام لڳندا رهيا ته ملي ڀڳت ڪري ڪميشنون وصول ڪري سرڪاري فنڊن سان جيڪي ڪلور ڪيا ويا هيا اهي جيڪي عوام کان ڳجها نه رهيا آهن قدرتي آفتن ٻوڏ ۽ برسات متاثرين ننڍن آبادگارن لاءِ گذريل سرڪار پاران مفت ٻج، ڀاڻ جي فراهمي وارو عمل سارهه جوڳو هو جنهن کي سنڌ جي عوام پڻ ساراهيو هو رورنيو کاتي جي ڪامورن مختيارڪارن تپيدارن گهٽ نه ڪئي آهي قدرتي آفتن جو شڪار ٻوڏ برسات متاثرين جي لاءِ آيل ڪروڙين روپين جو ٻج ڀاڻ جون سوين ٻوريون ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ڪري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي هڙپ ڪرڻ  جا الزام عوامي احتجاجن ۾ لڳندا رهيا. آبادگارن جي سوين احتجاجي مظاهرن باوجود ڪابه قانوني ڪاروائي اڄ تائين عمل ۾نه آئي آهي،

سنڌ جي چونڊيل نمائندن سنڌ اسيمبلي 29 فيبروري2012ع تي سنڌ ايريگيسن ايڪت م ترميم جو قانوني بک  يڪراءِ طور منظور ڪيو ويو جنهن تحتپاڻي جي قردتي وهڪرن توڙي  سنڌ جي درياءِ جي ٻنهي  ڪپن تي ڍنڍن ڍورن  مٿان قبضا ڪندڙ خلاف 10 سالن ٽيپ ڀوڳڻ  جون سزائون لک  ڏنڊ جو قانون جوڙيو  ويو پر سنڌ جي مختلف ضلعن جي سوين ايڪڙ سنڌو درياه جي ٻنهي ڪپن  تي قدرتي ڍنڍون ڍورن تي سالن کان بااثر وڏيرن ۽ سياسي ماڻهن جا قبضا ٿيل اهن سنڌ ۾ مهاڻا بااثر ڌرين ۽ سياسي ماڻهن جي ظلم جو شڪار آهن سنڌ جي ملاحن سنڌ جي مهاڻن وقت به وقت احتجاج ڪري پرنٽ ۽اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيا نشاندهيون ڪري دانهيون آهي ته سنڌ ۾ ملاحن سان زيادتون پيون ٿين مهاڻن جي جياپي لاءِ مٺن پاڻين  تان قبضا ختم ڪرائي سنڌ جي سمورين  ڍنڍن کي مٺي پاڻي ڪري  زهريلي پاڻي جو ڇوڙ  بند ڪرايو وڃي سامونڊي پٽي تي رهندڙ مهاڻا هجن يا سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي ڍنڍن ڍورن تي مڇي جو شڪار جو ٿورو گهڻو جيڪو گذرسفر آبي معيشت تي هو، ان کي به ڏکيو بڻايو ويو آهي

ڇهه هزار سالن کان وجود ۾ آيل منڇر ڍنڍ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻي جي سڀ کان وڏي ڍنڍ جنهن جي پکيڙ وڌ مان وڌ 64800 ايڪڙ ۽ گھٽ مان گھٽ 19200 آهي منڇر ہر وقت جي سرڪار جي غلط پاليسين سبب تباهه حال بڻجي وئي سم جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب ڍنڍ ته تباهه ٿي وئي آهي. منڇر جي پيٽ ۾ رهندڙ 60  هزار انساني جانيون صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم. رهواسي زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور، انيڪ مسئلن ۽ بيمارين جي ور چڙهي ويا زهريلي پاڻي ڇڏڻ سبب خراب پاڻي ٿي ويو آهي. جنهن سبب ناياب نسل جون مڇيون، گاهه، پکي تباهه ٿي ختم ٿي ويا. 1988ع ۾ ان وقت جي وڏي وزير عبدالله شاهه منڇر ۾ آيل سموري زمين جي مالڪن کي پنهنجي پنهنجي حصي ۾ ايل زمين جي معاوصو ڏياريو هوپر معاوضو وٺڻ باوجود  بااثر سياسي ماڻهو منڇر  ڍنڍ ۾ مهاڻن کي پنهنجي حصي جي پاڻي ۾ پکي ۽  مڇي مارڻ  تي زبردستي  پابندي  هڻي رهيا آهن ملاح دشمن  پاليسون ختم ڪري ملاحن کي بنيادي سهولتون حق ڏئي ملاحنکي روزگار جوحق ڏنو وڃي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن مان جنهن به ملڪ جي فورسز کي مهاڻا مڇي ماريندي هٿ اچن ٿا، کين گرفتار ڪري کڻي وڃن ٿا.

خاص طور ڀارتي سيڪيورٽي فورس ۽ نيوي هٿان گرفتار ٿيل سنڌ جا ڪيترائي مهاڻا ڀارت جي جيلن ۾سختيون ڀوڳين پيا سنڌ جي مهاڻن جو ته ڪو ڌڻي سائين ڪو نه ٿو ٿئي. جيڪي ڀارتي جيلن ۾ قيد ڪاٽي رهيا آهن، نه صرف ڀارت ۾ قيد مهاڻن کي ڏيهه آڻڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن سنڌ جي سوين ڍنڍن ڍورن تي با اثر ڌرين جا قبضا ڇڏائي غريب مهاڻن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ڀارت قيد ڪيل مهاڻن جي پويان سندن ڪٽنبن جي به سار سنڀال لهڻ گهرجي ۽ انهن غريب ماهيگيرن جي خاندانن کي بک ۽ بدحالي کان بچائڻ لاءِ پڻ سنڌ حڪومت حڪمت عملي جوڙي ۽ انهن غريب خاندانن جي پر گهور لڌي وڃي پاڪ-ڀارت وچ ۾ هلندڙ تڪرارن جي ڪري ٻنهي ملڪن جو عوام  ان جي سزا ڀوڳي رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *