بلوچستان مان ”را“ ايجنٽ جي گرفتاري

ڳجهن ادارن بلوچستان ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي ”را“ جي هڪ حاضر سروس آفيسر ڪل ڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو، جنهن کي هڪ خاص جهاز ذريعي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو، ”را“ جو ايجنٽ بلوچستان جي عليحدگي پسند تنظيمن سان رابطي ۾ هو، شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران ڀارتي جاسوس اعتراف ڪيو آهي ته هو انڊين نيوي ۾ ڪمانڊر رينڪنگ جو آفيسر آهي، پاڪستان ۾ فرقيواراڻن جهيڙن، بلوچستان ۽ ڪراچي کان عليحدگي جي سازش جو به اعتراف ڪيو آهي، بلوچستان جي صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ بابت ثبوت پهرين به هئا پر حاضر سروس آفيسر پڪڙجڻ کان ٻيو وڏو ثبوت ڪهڙو هوندو، سيڪيورٽي فورسز سوڌو اسان سڀئي گڏجي پنهنجي دشمنن جو خاتمو ڪنداسين، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو مقصد پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، جيڪڏهن بلوچستان ۾ ”را“ جو نيٽ ورڪ موجود آهي ته ان جو خاتمو ڪيو ويندو. جنهن جي تصديق صوبائي گهرو وزير مير سرفراز بگٽي پڻ ڪئي، گرفتار ٿيل ايجنٽ ڀارتي نيوي جو حاضر سروس ڪمانڊر آهي، جنهن جي نالي جي سڃاڻپ ڀوشن ياديو جي طور ٿي آهي.

وزيراعليٰ بلوچستان ثناءُالله زهري چيو آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ بلوچستان جو حالتون خراب ڪرڻ ۾ ملوث آهي، ڪل ڀوشن ياديو جي گرفتاري اهم اڳڀرائي آهي، گرفتار ڪيل را جو ايجنٽ ۽ حاضر سروس ڀارتي آفيسر بلوچستان ۾ عليحدگي پسند گروپن سان رابطي ۾ هو، جڏهن ته هو صوبي اندر دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ پڻ ملوث هو، کيس ٻه ڏينهن پهرين حساس ادارن پاڪ – ايران سرحد تان گرفتار ڪيو هو، جنهن کي پهرين ڪوئيٽا ۽ هاڻ جاچ لاءِ اسلام آباد پهچايو ويو آهي،

پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  بلوچستان مان گرفتار ڪيل را جي آفيسر جو معاملو ڀارت آڏو اٿاريو ويندو، پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جا ثبوت اڳ ئي گڏيل قومن کي فراهم ڪري چڪا آهيون، نجي ٽي وي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪل ڀوشن ياديو کي تفتان بارڊر ڪراس ڪندي گرفتار ڪيو ويو، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي ايجنٽ کي حساس ادارن ڳجهي ڄاڻ تي ڪارروائي ڪري ايران جي بارڊر تفتان پار ڪرڻ دوران گرفتار ڪيو، جيڪو اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ٽرڪ ۾ لڪيل هو، ڀارتي ايجنٽ پابندي مڙهيل تنظيم جي مدد ڪندو هو.

ڀارت وري اعلان ڪيو آهي ته هن جو گرفتار ”را“ ايجنٽ سان ڪو به تعلق ناهي، حڪومت کي گهرجي ته هن معاملي کي گڏيل قومن ۾ اٿاري ڇو جو ايجنٽ جي گرفتاري سڀ کان وڏو ثبوت هئڻ ڪري هن معاملي کي هر سطح تي اڀاري ڀارتي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ لائي سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *