بهار ۾ مودي جي انتهاپسند پاليسي کي بدترين شڪست: ارشاد ڪاغذي

ڀارت جي صوبي بهار ۾ رياستي اليڪشن ۾ بي جي پي کي بدترين شڪست نصيب ٿي آهي، هن وقت تائين جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن، تن مطابق بي جي پي ۽ ان جي اتحاد کي سخت ڌڪ رسيو آهي، جڏهن تـ لالو پرساد ۽ اڳوڻي وڏي وزير ۽ موجوده نامزد وڏو وزير ۽ ان جو گڏيل اتحاد سرسي ۾ آهي. بهار رياست ۾ 5 مرحلن ۾ اليڪشن ڪرائي وئي، جيڪا 12 آڪٽوبر کان 5 نومبر تائين ٿي گذري ۽ هينئر ووٽن جي ڳڻپ ٿي رهي آهي. هن اليڪشن ۾ بي جي پي تمام گھڻو زور لڳايو ۽ خاص ڪري  مسلمانن ۽ پاڪستان مخالف مهم هلائي، پر ان جي باوجود هو ڪاميابي حاصل نه ڪري سگھي.

بهار رياست جي 243 سيٽن جي اليڪشن لاءِ ڪل ووٽرن جو تعداد 6.68 ڪروڙ هو، 2.6 ڪروڙ نوان ووٽ داخل ڪيا ويا هئا، 2010ع کان پوءِ ووٽرن جو تعداد ايترو وڌي ويو هو، جيڪي ووٽ ڏيڻ جا حقدار هئا. 2169 ووٽر ٽين جنس جا به هئا. 174 اهڙا اميدوار چونڊ ۾ حصو وٺي رهيا هئا، جن تي ڪرمنل ڪيس درج ٿيل آهن. ان جو مطلب ته اڌ کان وڌيڪ اميدوار ڏوهن ۾ ملوث آهن، جيڪي اسيمبلي ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.

راشٽريه جنتا دل (آر جي ڊي) ۽ گرينڊ الائنس جي اڳواڻ لالو پرساد آچر جي صبح جو چيو هو ته هو پراميد آهي ته گرينڊ الائنس اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو. هن اخباري عيوضين سان ڳالهائيندي چيو ته ”سڀني کي صبح جو سلام، مان رات جو سڪون سان ستو آهيان.“ پٽنه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته” اسان کٽي رهيا آهيون، ان ۾ ڪو به شڪ شبهو ناهي“. هن وڌيڪ چيو ته ” ڏسندا وڃو ته ڇا ٿو ٿئي، شام جو وڌيڪ ڳالهائبو“. لالو مسڪرائيندي چيو.

بهار جي اليڪشن ۾ لالو پرساد، نتيش ڪمار، ڪانگريس ۽ ٻين سياسي جماعتن وسيع تر اتحاد ٺاهي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ۽ آئنده جي سرڪار اهي ٺاهيندا ۽ نئين حڪومت جو وڏو وزير نتيش ڪمار هوندو. ياد رهي ته بهار صوبي ۾ لالو پرساد ۽ سندس گھرواري راٻڙي ديوي به ڪيئي دفعا وڏ وزارت جو مزو ماڻيو هو. هن سٽن لکڻ مهل تائين گرينڊ الائنس زبردست رڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هئي ۽ سندس 139 ميمبر چونڊجي آيا آهن، جڏهن ته سرڪار لاءِ اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ 122 ووٽن جي ضرورت آهي. جڏهن ته بي جي پي اتحاد بري طرح شڪست کاڌي آهي ۽ فقط 77 سيٽون حاصل ڪيون آهن.

نتيش ڪمار جيڪو پيشي جي لحاظ کان انجينئر آهي، هو گذريل ڏهاڪي کان بهار جي وڏ وزارت جي گدي تي ويهي راڄ ڪندو رهيو آهي، سو هن ڀيري به وڏ وزارت جو اميدوار آهي. هو 2005ع کان 2014ع تائين بهار سرڪار ۾ وڏو وزير رهيو آهي. هو جنتا دل (يونائيٽيڊ) جو اڳواڻ آهي. هو مرڪزي وزير به رهيو آهي. وڏ وزارت جي عرصي دوران هن تمام گھڻا ۽ سٺا ترقياتي ڪم ڪرايا هئا، جن ۾ پليون، عمارتون، روڊ ۽ رستن جي تعمير وغيره شامل آهي، هن هڪ لک ٽيچر، ڊاڪٽرن جي اسڪولن ۽ بنيادي صحت گھرن ۾ مقرري، ۽ ڪرائيم تي ڪنٽرول ڪيو هو. 17 مئي 2014ع ۾ هن وڏ وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته عام اليڪشن ۾ پنهنجي پارٽي جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري اخلاقي طرح هو پوئتي هٽي ويو هو.

نتيش ڪمار جي جنتا دل پارٽي ۽ لالو پرساد جي پارٽي راشٽريا جنتا دل 243 جي ايوان ۾ هرهڪ پارٽي سئو کان وڌيڪ سيٽن تي اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ باقي سيٽن تي ڪانگريس ۽ ٻين حصو ورتو. بهار ۾ لالو پرساد جي پارٽي وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن. شرد ياديو جنتا دل يونائٽيڊ جو ليڊر چئي ٿو ته ”جيتوڻيڪ لالو جي پارٽيءَ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن پر پوءِ به وڏ وزارت تي نتيش ڪمار ويهندو.“

لالو پرساد جي ڌي ميسا ڀارتي اليڪشن جي رزلٽ تي تبصرو ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته بهار جي اليڪشن جا نتيجا وزيراعظم مودي لاءِ وڏو ڌچڪو آهن. ”بهار جي عوام مودي کي بي عزتو ۽ خوار ڪيو آهي.“ هن چيو ته لالو پرساد جي ڌي ڀارتي اليڪشن مهم جي سرگرم اڳواڻ هئي. ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي، نتيش ڪمار کي ٽيليفون ڪري مبارڪون ڏنيون. هن اليڪشن جي نتيجي جي ڪري بي جي پي تي هر طرف کان تنقيد ٿي رهي آهي. بهار جي رياستي چونڊ کي هند جا سياستدان مودي جي فاشسٽ ايجنڊا جي شڪست سان تعبير ڪري رهيا آهن. بزرگ مارڪسي سياستدان ۽ ڪيرالا جي اڳوڻي وڏي وزير اچو تانندن، نتيش ڪمار ڏانهن هڪ اي ميل موڪلي مبارڪ ڏني. ”اليڪشن جي رزلٽ ظاهر ڪيو آهي ته بهار جو عوام وزيراعظم سان گڏ ڪونهي، جيڪو فرقي پرستي ۽ فاشسٽ سوچ جو مالڪ آهي، رزلٽ ٻڌائي ٿو ته سيڪيولر ۽ جمهوري قوتن جو اتحاد قائم آهي.“ بهار جي اليڪشن جي نتيجي جي ڪري بي جي پي جي ساک متاثر ٿي آهي ۽ مودي تي تنقيد جا تير وسايا پيا وڃن. پر بي جي پي نڪ جي پڪائي سان چئي رهي آهي ته بهار جي اليڪشن معمول مطابق رياستي اليڪشن هئي، هي ڪو ريفرنڊم نه آهي جو مودي ۽ مرڪزي سرڪار تي ان جو ڪو اثر پوندو. تنهن ڪري بي جي پي جي هارائڻ يا کٽڻ کي ريفرنڊم نه سمجهيو وڃي.

بهار جي اليڪشن ۾ سيڪيولر ۽ جمهوري سياسي جماعتن جو هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي ڪري هي معرڪو ڪاميابي سان سر ڪيو آهي. ڀارت جون جماعتون گڏجي هڪ وسيع تر اتحاد ٺاهي بي جي پي کي بري شڪست ڏني آهي ۽ ان ڪارڻ بي جي پي تي دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ آئنده به بي جي پي دٻاءَ ۾ رهندي. ڀارت ۾ مودي جي مرڪزي سرڪار ۽ شيو سينا تي فرقي پرستي ۽ فاشسٽ طور طريقن جي ڪري هندو، مسلمان، سک، عيسائي ۽ ٻين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا منظر نظر اچن ٿا ۽ هن اليڪشن ۾ مسلمانن جي گھڻي تعداد ۾ ووٽ جي ڪري بي جي پي هارائي وئي ۽ ان کان علاوه ننڍن ذاتين دلت ڪميونٽي جو ووٽ لالو پرساد، نتيش ڪمار، ڪانگريس ۽ ٻين ڏانهن ويو، تنهن ان ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو.

بهار جي اليڪشن ڀارت جي ايندڙ سياسي منظر نامي کي بدلائڻ ۾ اهم پيش رفت ثابت ٿيندي ۽ وسيع اتحاد جي جڙڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪري مستقبل ۾ به جمهوري ۽ سيڪيولر ڌريون جيڪي بظاهر ان روپ ۾ آهن، اهي آئنده به گڏجي اليڪشن ۾ اتحاد ڪنديون ۽ ان سان گڏوگڏ ڀارت جي ٻين رياستن ۾ به اليڪشن ٿيڻ واري آهي، اتي به بهار جي ڪاميابي اثرانداز ٿي سگھندي. هندستان ۾ بي جي پي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هي پهريون دفعو آهي جو بي جي پي ۽ مودي جي مقبوليت کي گھڻو ڌڪ رسيو آهي ۽ بي جي پي صدمي جي حالت ۾ آهي ۽ سڀني طرفن کان ايستائين جو شو سينا پاران مودي تي تنقيد ٿي رهي آهي. وزيراعظم ڀارت جي عوام کي جيڪي سنهري خواب ڏيکاري رهيو هو ته ڀارت خوشحال ٿيندو پر مودي جي شدت پسندي، فرقي پرستي ۽ فاشسٽ سوچ جي ڪري ڀارت ۾ هم آهنگي ۽ يڪجهتي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. بهار جي اليڪشن سيڪيولر، جمهوري ۽ روشن خيال سياسي جماعتن جي فتح آهي، بهار جي عوام جو فيصلو شدت پسندي جي خلاف آيو آهي، اهو آئنده لاءِ خوش آئنده آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *