ويسٽ انڊيز جي اسپنر سنيل نارائڻ جو ايڪشن وري شڪي قرار، آئي سي سي کيس بالنگ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالر سنيل نارائڻ جو بالنگ ايڪشن هڪ ڀيرو ٻيهر شڪي رپورٽ ڪيو ويو آهي، عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنيل نارائڻ جو بالنگ ايڪشن هڪ ڀيرو وري رپورٽ ٿيو آهي، جنهن ڪري کيس بالنگ ڪرائڻ کان روڪيو ويو آهي، آئي سي سي مطابق سنيل نارائڻ جي بالنگ ايڪشن جي ٽيسٽ 14 ڏينهن اندر ڪرائڻ لازمي آهي، جڏهن ته ان جي رپورٽ 13 کان 14 ڏينهن اندر ملڻ جو امڪان آهي، جنهن جي روشني ۾ سندس بالنگ جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *