اي خطئه لاهور تيري جانثارون کو سلام……!! : ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو

27 مارچ 2016ع  آچر  ڏينهن جي شام ۽ حضرت عيسا عليه اسلام جي مڃيندڙن آسماني ڪتاب بائبل تي ايمان رکندڙ ۽ پڙهندڙ پراٽسيٽنٽ ۽ ڪِٿلڪه وڏن عيسائي فرقن ۽ جملي 55 فرقن جي گڏيل عيد ايسٽر جنهن کي بهار، بنست رُت، رنگن جي هولي، وڻن ۾ نون پن  گونچ نڪرڻ يعنيٰ وڻندڙ ۽ ڌرتي جو سينو چيري ٻجن جي ڦٽڻ جو مهينو، شاعرن، اديبن، تخليق ڪارن جي ذهني اوسر ۽ سرجڻ جو عالمي عيسوي مهينو، سپت سنڌو يعنيٰ ستن دريائن جي ڌرتي تهذيبن جي ماءُ ڌرتي کي رت جي هولي سان ان مهل وهنجاريو ويو جڏهن لاهور جي گلشن اقبال ٽائون پارڪ راوي ڪناري سوساله قديم پنجاب يونيورسٽي ڪئمپس ڀرسان خودڪش بمباري سبب سوين معصوم ٻچڙن جا لاش ٽڪر ٿي هوا ۾ اڏامڻ لڳا ۽ سوين ماڻهو شديد زخمي حالت ۾ اسپتالن ۾ زير علاج داخل ٿيا، هن ڌماڪي ۾ صرف پنجاب جي شهر لاهور جا شهري شهيد يا زخمي نه ٿيا بلڪه پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ  سنڌ کان آزاد ڪشمير تائين وسندڙ آبادين جي فردن جو نقصان ٿيو ته ٻئي طرف گورنر پنجاب جي قتل ۾ سزا يا فته اعواڻ (ممتاز قادري) پوليس واري جي چاليهي جي سلسلي ۾ راولپنڊي ۾ گڏ ٿيل ماڻهن اسلام آباد جي ريڊ زون ايريا ۾ پارليامينٽ هائوس ۽ لاجز تي قبضو ڪري اسلام آباد پوليس جي ايس پي ۽ سپاهين کي زخمي ڪري ڀڄائي ڇڏيو

سائي ۽ ناسي پٽڪي وارن مولوين ڪيترن ئي سرڪاري گاڏين ۽ بلڊنگن کي باهه ڏئي ساڙهي ڇڏيو،  جڏهن ته ان وقت ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ  پاڪستان آرمي جيڪا دنيا جي عظيم ماهر فوج آهي ان فوج  جي ٽرپل ون (111) هڪ سو يارنهه برگيڊ کي پارليامينٽ هائوس جو قبضو ڇڏائڻ  لاءِ ميدان ۾ لاٿو ويو ساڳئي ڏينهن هڪ مذهبي ڌر ڪراچي پريس ڪلب تي حملو ڪري ڪيترن ئي صحافين ۽ واٽهڙن ماڻهن کي زخمي ڪيو گاڏين ۽ پريس ڪلب جي ڪينٽين کي پڻ شديد نقصان پهچايو ويو ان کان اڳ ۾ 23 مارچ يوم پاڪستان جي موقعي ۽ 22 مارچ جي تهوار تي پهلوان علي نواز پنهور جي شراب جي بٺيءِ جيڪا ڏهاڪو سالن کان ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ لوڪل شگر ملن جي الڪول کپائڻ جو ڪاروبارو ڪندڙ رهيو ان پاران زهريلي ڪيمڪل واريون چار هزار بوتلون ٿيلهيون ڪچو شراب (ٺرو) 100 روپيه في ٿيلهي کپائي اڌ پئسا پاڻ رکندو هو ۽ اڌ انتظاميه توڙي  وڏيرن مقامي حڪومتي سياستدانن ۾ ورهائيندو هو ان جو جنهن به شراب پيتو ڄڻ جام اجل گُل ٿي ويو ايستائين جو سندس گهر جا ٽي ڀاتي به لقمئه اجل بڻجي ويا، مارچ 2016ع جو مهينو پاڪستان لاءِ ڳرو ثابت ٿيو مرحوم و مذ فور حضرت پيروپاڳارو شاهمرادن شاهه سدائين پنهنجي حياتي ۾ مارچ مهيني لاءِ ڊبل مارچ جو اصطلاح استعمال ڪندو هو سندس حياتي ۾ ته سمجهه ۾ نه آيو پر هن سال جو مهينو ڄڻ سندس چوڻي ڊبل مارچ ثابت ٿيو آهي

پاسٽ واقعه در واقعه  سانحه در سانحه انساني سماج هر هنڌ پوري دنيا ۾ اٿل پٿل ۽ جنگ جدل، تبديلي، ترقي، تنزلي جو سبب آهن پر هزارها سالن جي سنڌو تهذيب تي حمله آورن غاصبن، مذلن، ارغونن، ترخونن، تاتارين، احمد شاهه ابدالين ۽ نادرشاهن پاران ڪيل ڦرلٽ بربريت ۾ ميدان ڪار زار مقابله ۽ جنگيون ٿينديون هيون ۽ مڙس مڙسن جو مٽ  يا چٽ ٿي شڪست خورده ٿي جنگ هارائي ويهندا هئا ۽ غلامي قبول ڪري رعيت ٿيندا هئا ۽ مارجي ويل يا شهيد ٿيل باغي سورمن  جي  اولاد ٻار ٻچه غلام بڻائي سرِبازار خريد وفروخت جي منڊي لڳائي ويندي هئي ۽ نه ڪي معصوم بي قصور نياڻين ۽ پٽن کي اجل جو مزو چکايو ويندو هو، پر هن  جديد دور ڪمپيوٽر ايج ۾ پشاور پبلڪ اسڪول جي معصوم بي گناهه شاگردن کي جنت الفردوس حوالي ڪيو ويو ته ڪالهه وري يعنيٰ (27 مارچ)  موڪل ڏينهن سستي تفريح، کليل هوا خوري ۽ جهولن ۾ جهولڻ ۽ کلڻ جو مزو وٺڻ رنگ بر رنگي گل ۽ سبز پارڪ وڻ ۽ وڻ وڻ ڪاٺي گڏ ٿيل عام ماڻهن جي رونق پسڻ لاءِ آيل معصوم ۽ بي گناهه مسافر عورتن، نوجوانن، پوڙهن ۽ ننڍڙن معصوم ٻارڙن جي زندگي هڪ ڌماڪي   سان گل ڪري، ماءُ کان پٽ ۽ پيءُ کان پيار ڪندڙ ڌيءُ، زال کان ور ۽ مڙس کان سندس وني ۽ هن قوم جو مستقبل آئيندو نسل بم ڌماڪي جي دونهي ۾ خاڪه سان خاڪه بڻايو ويو ، انهن بي رحم سفاڪه قاتلن جلادن کي پنهنجي هن بزدلاڻي ۽ ڪريل حرڪت تي شرم اچڻ گهرجي جيڪي ننڍڙن ٻارڙن عورتن ۽ مسافرن، سير تفريح لاءِ آيل مهمان ماڻهن تي لڪل وار ڪن ٿا، مڙس آهن مرد آهن ڪهڙا به ڪٿان جا به ڪهڙي به خيال نظريه جا آهن انهن کي همٿ  ۽ جرئت آهي مقابلو ڪرڻو آهي ته مڙس ٿي مڙسن سان ميدان ڪار زار سجائين باقي بزدلاڻي ڪاروائي ۽ عورتن، ٻارڙن، مسافرن، مهمانن ۽ سير تفريح لاءِ لاهور ايندڙن کي لقمئه اجل بڻائڻ وارو عمل شديد مذمت لائق آهي

اسان حاڪم وقت شريف برادرن،  اعليٰ عدليه، هٿياربند آرمي چيف / فوج ۽ پوليس توڙي خفيه ادارن جي اڳواڻن، سول ڪامورن کان پرزور مطالبو ۽ اپيل ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري ذاتي نظريات،  مفاد ۽ مذهبي قدورت ختم ڪري، معصوم انسانن، عوام يعني خلق خدا کي جاني ۽ مالي نقصان کان بچايو عيش عشرت ۽ ٺاٺهه باٺهه، پروٽوڪول ۽ لالچون حرص حوص ختم ڪري آئينده جي ايندڙ نسل ۽ مستقبل جي معمار گلن جهڙي زندگين  معصوم بي گناهه ۽ بي قصور ٻچن جي زندگي جي حفاظت ڪريو ۽ ملڪ ۾ هر قسم جي دهشتگردن خلاف متحد ٿيو ٻي صورت ۾ ملڪ دشمن اندروني ۽ بيروني قوتون مذهب، قومپرستي، فرقه واريت ۽ لسانيت جي بنياد تي هن ملڪ کي افغانستان ۽ عراق بڻائي ڇڏيندا.

 

Druzmajokhio786@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *