”را“ بابت ايران کان به وضاحت طلب

گذريل ڏينهن پرڏيهي کاتي جي ترجمان هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو آهي  ته پاڪستان مان ڀارتي ڳجهي اداري را جي حاضر سروس آفيسر جي گرفتاري انتهائي اهم ڪاميابي آهي، سڄي دنيا کي ڀارتي سرڪاري ادارن جي پاڪستان ۾ تخريبي ڪاررواين بابت ڌيان ڇڪرايو آهي، سڄي دنيا ڀارتي ايجنسي را جي ايجنٽ ڪلڀوشڻ ياديو جو اعترافي بيان ڏٺو.

پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو معاملو پهرين ئي گڏيل قومن ۾ کنيو ويو آهي، گذريل سال اسان ڀارتي ڳجهي اداري جي پاڪستان ۾ سرگرمين جا ثبوت گڏيل قومن کي ڏنا آهن. ڀارت هاڻي ڪلڀوشڻ ياديو کي پنهنجو ايجنٽ مڃي يا نه مڃي پر ڀارتي ايجنٽ پاڻ اهو اعتراف ڪري چڪو آهي. را جي ايجنٽ جي گرفتاري کانپوءِ وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. ڪلڀوشڻ ياديو ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ سرگرمين جي لاءِ ڀارتي ايجنسي را جا اهم آفيسر ان کي رقم فراهم ڪندا هئا. ڪلڀوشڻ ياديو پنهنجي اعترافي بيان ۾ سڀ ڪجهه واضح ڪيو آهي ۽ اهڙو ئي بيان افغانستان ۾ چڪ هيگل به ڏنو هو.

ڪلڀوشڻ ياديو جي گرفتاري کانپوءِ پاڪستان ايران سان رابطي ۾ آهي ۽ ايران خاطري ڪرائي آهي ته ايران جي سرحد کي پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو.ايم ڪيو ايم کي را جي فنڊنگ جو معاملو گهرو وزارت ڏسي رهي آهي. لاهور سانحي تي سڄي دنيا مذمت ڪئي آهي ۽ دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو. سمورا پاڪستاني هڪ آهن، لاهور ۾ ٿيندڙ حملو مسيحي برادري تي نه پر پاڪستان تي هو. پاڪستان طرفان دهشتگردن جي مالي مدد جا بيان انتهائي بي بنياد آهن. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مصروف آهي ۽ اسان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽرين جي ملاقات لاءِ مناسب تاريخ جو تعين ڪري رهيا آهيون.

ٻئي طرف پاڪستان ايران کان را جي هڪ ٻئي ايجنٽ راڪيش عرف رضوان جي حوالگي جو مطالبو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري عارف احمد خان پاڪستاني حڪومت طرفان ايراني گهرو وزارت کي خط موڪليو آهي، پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير مهدي هنر دوست ذريعي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪل ڀوشن ياديو عرف حسين مبارڪ پٽيل اربين ڊالرن جي پاڪ چين اقتصادي راهداري کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ۾ هو، خط ۾ چيو ويو آهي ته ايران را جي پاڪستان مخالف سرگرمين کي سنجيده طور ڏسي، پاڪ ايران سرحد جي خودمختياري لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، اميد آهي ته ايران پاڪستان مخالف سرگرمين جو سخت سان نوٽيس وٺي انهن کي بند ڪرائيندو. ايراني حڪومت کان خط ۾ 6 معاملن تي تعاون طلب ڪيو ويو آهي، خط ۾ 6 مطالبا پڻ ڪيا ويا آهن، جن ۾ پهريون مطالبو ڪل ڀوشڻ ياديو جي ساٿي ”را“ جي سب انسپيڪٽر اڪيش عرف رضوان کي گرفتار ڪري پاڪستان جي حوالي ڪرڻ آهي، ٻيو مطالبو ڪل ڀوشڻ ياديو جي ايران ۾ سرگرمين بابت تصديق ڪئي وڃي، ٽيون مطالبو ايران جي مختلف شهرن ۾ ڪل ڀوشڻ ياديو جي رهڻ بابت آگاهه ڪيو وڃي ته هو ڪيترو وقت ايران ۾ رهيو ۽ ڪٿي رهيو، چوٿون مطالبو ڪل ڀوشڻ ياديو جي ڪاروبار سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو وڃي ته ڪن ماڻهن سان رابطي ۾ هو، پنجون مطالبو ايران ۾ ”را“ جي نيٽ ورڪ بابت آگاهه ڪيو وڃي، جڏهن ته ڇهون ۽ آخري مطالبو اهو آهي ته ان معاملي بابت لاڳاپيل ٻي جيڪا به معلومات دستياب ٿئي ته اها به فراهم ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *