ايگزيڪٽ اشو، ڪنهن جي بدعنواني ڪنهن جي نااهلي!؛نسيم بخاري

گذريل ڪجهه ڏينهن کان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ايگزيڪٽ خلاف وڏيون خبرون اچي رهيون آهن، جعلي ڊگريون، جعلي ايوارڊ، ڪوڙا ٺٺ ٺانگر، ٺڳيءَ جا نوان ٺاهَه ايگزيڪٽ ڪمپني ايترن الزامن جي وڪڙ ۾ اچي وئي آهي، جو هاڻ ان لاءِ اُهو ڏچو پيدا ٿي ويو آهي ته اُن گهڻ طرفين کڄيل آڱرين سان ڪيئن سينو ساهي.

هن مٿان اڄ جيڪو ڏکيو وقت آيو آهي، سو ان ڪڏهن وهم گمان ۾ به نه آندو هو. ايگزيڪٽ جو چيف ايگزيڪٽو گرفتار ٿي چڪو آهي. ايگزيڪٽ تي ڪيس داخل ٿي ويو آهي. هاڻ اڻ کٽ ڪيسن، الزامن ۽ فراڊن جو پنڊورا باڪس کلندو، خلق کي خبر پوندي ته ڪيئن ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن يا ڪنهن ڪنهن اهو ڪوڙ جو ”ڪاڪُ محَلُ“ جوڙيو هو. ڪنهن ان کي ڪيش ڪرايو، ڪنهن ان جو کٽيو کاڌو ۽ ڪير ان جي فراڊ ۽ فريب هٿان ٺڳجي ويا؟ ڪير عرش کان فرش تي ڪريا آهن ۽ ڪير هئا جن ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجڻ جا حسين خواب سجائي ايگزيڪٽ جي ٻيڙيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو هو، اُها ايگزيڪٽ جنهن جي آمريڪا ۾ پنجن ۽ برطانيا ۾ هڪ اڪائونٽ جو پتو لڳايو ويو آهي. اُها ايگزيڪٽ جنهن ڊفينس مان هڪ دفتر ذريعي هڪ يونيورسٽي پئي هلائي ۽ اها ايگزيڪٽ جنهن جو 2006ع ۾ جعلي ڊگري ڪيس به پڪڙجي چڪو آهي. ان ايگزيڪٽ جا جيڪي ڪرتوت ٻن سالن جي لاڳيتو محنت کانپوءِ، هڪ آمريڪي صحافي نيويارڪ ٽائمز ۾ رپورٽ ڪيا آهن، تن وڏو ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو آهي.

ايگزيڪٽ جا ٽپڙ ڀل ته گول نه ٿيا هجن، پر ٽيشن تي ضرور اچي وئي آهي. هونئن ته هن ملڪ ۾ الائي ڇا مان ڇا ٿيندو آيو آهي ۽ پڪ سان اُهو سلسلو پنهنجي پوري تسلسل سان ائين ئي جاري به رهڻو آهي، ڇو ته چڱائي جي ڪا اميد، ڪو آسرو يا بهتريءَ جو دُڳ نٿو سمجهي.

ايگزيڪٽ جا افعال جيڪي جڳ جهان آڏو آيا آهن، انهن ڪيترائي بحث مباحثا ڇيڙي ڇڏيا آهن. ڇو ته ايگزيڪٽ پاڪستان جي تمام وڏي ٽي وي چئنل کي متعارف ڪرائڻ جي هامَ هنئي هئي. اُهو چئنل اڃا تائين مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو آهي، پر ان اداري جي اهتمام لاءِ جيڪي زور شور سان ۽ اربين رپين جي سرمائيڪاريءَ سان تياريون ٿي رهيون هيون، انهن گهڻن جا وائسر بتال ڪري ڇڏيا هئا، هرڪو حيرت مان ان انتظار ۾ ڏينهن ڳڻي رهيو هو ته اُن چئنل جي جڏهن باقاعده نشريات شروع ٿي ته اُها ڪيترن ميڊيا گروپس کي مات ڏيندي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو، تصور کان وڌيڪ ملازمن، اينڪرس ۽ ڊائريڪٽرس کي پگهارون، فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهائش جي سهولت، ڏيهه توڙي پرڏيهه سفر لاءِ جهاز جون ٽڪيٽون، سڄي خاندان لاءِ مفت علاج جون سهولتون، لائيف انشورنس، دنيا جي خوبصورت جزيرن ۾ موڪلن گهارڻ جا موقعا، چئنل جي بينر هيٺان اُهو سڀ ڪجهه آيو ۽ دنيا ڏٺو جيڪو حقيقت جي دنيا ۾ صرف افسانو لڳندو آهي، ان جديد قسم جون سموريون سهولتون ميسر ڪيون.

پاڪستان ۾ ٻن ٽن چئنلن کي وڊيو وال جي سهولت ميسر آهي، پر اُن چئنل جي سمورن دفترن ۾ اُها سهولت يقيني بڻائي وئي. بي بي سي جون پوري دنيا ۾ 28 آفيسون آهن، جيڪي مختلف ٻولين ۾ نشر ٿيندڙ ٽي وي چئنلز ۽ ريڊيو سروس تي مشتمل آهن، پر ان نئين چئنل جا رڳو ڪراچيءَ ۾ 33 شاندار دفتر کوليا، وڏن شهرن ۾ هنن جون وڏيون وڏيون ڳالهيون، پُرڪشش پئڪيجز ٻڌي ڪيترن ئي جو وات پاڻي پئي ڪيو، پر جڏهن ايگزيڪٽ واري خبر سامهون آئي ته گهڻا همراهه ڦهڪو ڏئي پٽ ڪريا.

جيتوڻيڪ انهن مان گهڻن اُن چئنل کان بيزاري ڏيکاري آهي. ڪيترن انڌِ جي گهوڙي تي سوار ٿيڻ تي پڇتايو به آهي، پر پوءِ به خبرون اهي آهن ته هنن مان انتظاميا سميت اڃا ڪيترن جا وکا پڌرا ٿيڻا آهن. هن وقت وڏي ۾ وڏو سوال چئنل جي چپ  ٿي وڃڻ يا ايگزيڪٽ جي پڌري ٿيڻ وارو ناهي، پر سڀ کان اهم ۽ بنيادي نوعيت وارو سوال اهو آهي ته آخر ايگزيڪٽ ۽ ان جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ ادارن جا پير ڪنهن ڪڍيا؟

آمريڪي صحافي جي لاڳيتو ٻن سالن تائين ڪيل جستجو پويان ان جي پروفيشنلزم جو عمل دخل هو يا هن کي به اهو ٽاسڪ ڪنهن خاص مقصد سان ڏنو ويو هو؟ هن جي هڪڙي رپورٽ ملڪ ۾ جيڪو ٻائيتال مچايو آهي، اهو ٻڙڌڪ هن پنهنجي پيشيوراڻي صحافتي ڪردار کي تاريخ ۾ امرتا بخشڻ لاءِ ادا ڪيو يا ان پٺيان ٻيو جذبو ۽ ڪا ڌرُ هئي؟ ايگزيڪٽ ۽ ان جي متعارف ٿيل چئنل جا ڪرتا ڌرتا ڪي عام ۽ معمولي ماڻهو نه هئا، کربين رپين جي سيڙپ سا به وڏي ڌوم ڌامِ سان ڪو ننڍڙو سنيهو ناهي.

پرويز مشرف جي دؤر ۾ وڏي پئماني تي پرائيويٽ چئنلز جي اچڻ کانپوءِ سياستدانن ۽ حڪمرانن، توڙي واپارين ۾ اهو شوق جاڳيو ته هو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سيڙپ ڪري جائز ڪمائي وارو تعارف ڏين، ان حوالي سان وڏي اڳڀرائي ٿي، ڪجهه ڌرين ڪي اخبارون متعارف ڪرايون ته ڪن چئنلز آندا، جن کان اهو نه ٿي سگهيو ته انهن ڪي اينڪر خريديا جيڪي ٽيڪنيڪل انداز سان هنن همراهن جي مفادن جو تحفظ ڪندا رهيا. اهڙي ڊوڙ ۾ هڪ ڌُرِ اهڙي به آڏو آئي، جنهن سڀني کان گوءِ کٽڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀني کي دولت جي چمڪ سان حيران ڪري ڇڏيو، ان عمل مارڪيٽ ۾ موجود ميڊيائي ڌرين کي مٿي ۾ سُور ته وِڌو ئي وِڌو پر پردي پٺيان اسان جي حڪومت رياست ۽ سماجي زندگيءَ تي اثر انداز ٿيندڙ ڌرين کي به متحرڪ ڪري ڇڏيو،

جن جا مفاد ۽ معاملا کين ايگزيڪٽ طرف ڌيان ڇڪائي ويا ۽ هنن فلم جو ٽيلر ڏيکاري ڇڏيو ته جيئن ايگزيڪٽ ۽ چئنل ۾ سيڙپ ڪندڙ پنهنجي ڪنٽرول ۾ رهن، اُهي آپي کان نه نڪرن ۽ هنن جي ها ۾ ها ملائين.

ذريعن وٽان جيڪي اطلاع مليا آهن ۽ جيڪا ٻڌ سڌِ سامهون آئي آهي، ان تاثر کي تصديق جي مُهر هڻڻي آهي ته ايگزيڪٽ جي ڄارَ ۾ ڦاسڻ وارو معاملو ملڪي نه پر مٿين سطح جي عالمي ڌُر يا قوتُ جو پيدا ڪيل آهي. ايگزيڪٽ ۾ هڪڙا ته اُهي سڌا سنوا، مهندار مهانڊا آهن، جيڪي اڄ اسان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، جن مان ڪيترن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، پر حقيقت ۾ ڪي اهڙا به چهرا آهن، جن جي اڃا تائين ڪا خبر خلق آڏو نه آئي آهي.

اهو معاملو فقط فردن تائين محدود ناهي، پر ان ۾ بااثر ڌريون به شامل آهن. هي معاملو فردن کان هٽي انهن ڌرين سان مٿين سطح جي ڪنهن وزنائتي طاقت جي شروع ڪيل جهيڙي وارو محسوس ٿي رهيو آهي.

چئنل بابت جيڪي خبرون چارون آيون آهن، تن ۾ چئنل جي ڪابه خرابي يا بدنيتي نه ٻڌائي وئي آهي. ها پر ان چئنل کي متعارف ڪرائيندڙ ماڻهن جا ادارا ۽ نيتون ضرور بحث هيٺ آيون آهن. اهو چئنل ته ڪجهه چوڻ کان اڳ ئي چپ ٿي ويو يا چپ ڪرايو ويو، پر ضروري ناهي ته اهو نسري نروار ئي نه ٿي، ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهو چئنل اڳ کان وڌيڪ اڳري طاقت ۽ تعارف سان آڏو اچي. هِتي هڪڙي ڳالهه غور طلب آهي ته ان چئنل جي ملازمن جي حوالي سان پگهارن ۽ پئڪيجز بابت سوال اٿاريا ويا آهن. سوال اهو آهي ته اسان وٽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جنهن حق سچ جي صدا جا سچ اُڀارڻ واري دعويٰ ڪندي آئي آهي، ڇا ان هڪ پل لاءِ پنهنجي ملازمن جي زندگين ۾ به ليئو پاتو آهي؟

هِت اهو به ضرور ٿي پيو آهي ته اسان صحافتي ڪيريئر کي امڪاني خطرن کان بچائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيون، چوندا آهن ته ”ڀلي بُک ڀرم جي شل نه وڃي شان“ سو ڪٿي جيڪڏهن پورهئي جو اجورو ڪو ٺاهوڪو ملي ته اهو وصول ڪرڻ ۾ ڪا خرابي ناهي، پر اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ڪا زبردست لالچ ڪنهن ڏوهه جي وڌڻ ويجهڻ وارا دڳ ته نه پئي پيدا ڪري. ڪوئلي جو ڪاروبار ڪجي ۽ هٿ به ڪارا نه ٿين اهو ته ممڪن ئي ناهي.

ايگزيڪٽ جا جيترا ڀانڊا ڦاٽا آهن ۽ جنهن سطح تي اُها ڪم ڪري رهي هئي، اهڙو ڪم ايڏي دليريءَ سان باقاعده بي خوف ٿي ڪرڻ ڪا مسخري ناهي. اهو معاملو سمجهڻ ۾ ٿوري گهڻي ڏکيائي ته ضرور ٿيندي پر هڪڙو عام ماڻهو به پنهنجي عقل جي آڌار تي اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ايڏي وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڪم پٺيان جيڪا مافيا لٿل آهي، اُها پنهنجا مالڪ به تمام سگهارا رکندي ويندي. سو هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته انهن مالڪن جي حصي پتي ۾ ڪا ڪمي آئي يا انهن جي ڀاڱي تي ڪا لت لڳي يا وري اڃا ڪو ٽيون مفاد هنن کان هٿ ڪڍرائي ۽ مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آماده ڪري رهيو آهي يا وري پردي پٺيان همراهن سان ڪنهن ٻاهرين قوت جي فشري ٿي پئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *