سياسي ۽ عسڪري قيادت جو قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) حڪومت ۽ فوج، ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪري ورتو. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن سبب لڏپلاڻ ڪندڙ متاثرن جي پنهنجن علائقن ڏانهن واپسي تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ملڪ اندر سڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس دوران ملڪ ۾ پرڏيهي ايجنسين جي موجودگي ۽ انهن جي چرپر بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *