لاهور: گرجا گهر اندر 2 خودڪش ڌماڪا، 15 ماڻهو مارجي ويا، 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

لاهور (م.د) پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ يوحنا آباد واري علائقي ۾ آچر ڏينهن گرجا گهر ويجهو ٻن خودڪش بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪارن، 2 عورتن ۽ هڪ 12 سالا نينگر سميت 15 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 53 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي آپريشنز ڊاڪٽر حيدر اشرف موجب ٻئي ڌماڪا خودڪش هئا جن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا ۽ 53 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته اٽڪل 7 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. هوڏانهن جنرل اسپتال جي ايم ايس پروفيسر انجم حبيب گوهرا ٻڌايو ته اسپتال ۾ زخمين جي اسپتال جون بهترين سهولتون موجود آهن. ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيل زخمين کي بهترين طبي امداد ڏني پئي وڃي. هن واقعي جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو مارجڻ ۽ 53 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته اسپتال ۾ آيل زخمين کي شديد نوعيت جا زخم آهن، جن مان 7 جي حالت  نازڪ آهي. هوڏانهن ڌماڪي کان هڪدم پوءِ ريسڪيو 1122 سميت ٻيون ريسڪيو ٽيمون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن توڙي پوليس عملدارن موقعي تي پهچي امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو. لاهور جي سمورين اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون. مليل ڄاڻ موجب چرچ ۾ دعائيه تقريب جاري هئي ته واقعو پيش آيو. چرچ ۾ ان وقت 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهو موجود هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آورن گرجا گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتي مقرر سيڪيورٽي گارڊ کين روڪيو ته خودڪش حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. پوليس ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اسپتالن جي سموري عملي کي ڊيوٽي تي گهرايو ويو ۽ زخمين جي لاءِ اسپتال جي بلڊ بئنڪ ۾ رت جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آءِ جي پوليس پنجاب جي ترجمان نبيلا غضنفر اي پي پي کي ٻڌايو ته خودڪش حملن ۾ 3 پوليس اهلڪار اصغر، ياور علي ۽ راشد شهيد ٿيا آهن. جڏهن ته غلام رسول سميت 4 پوليس اهلڪار زخمين ۾ شامل آهن. نبيلا غضنفر ٻڌايو ته سيڪيورٽي ليپس وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ هر آچر تي ڄاڻايل چرچ ۾ دعا واري تقريب ٿيندي آهي جنهن ۾ سيڪيورٽي مقرر ڪئي ويندي جنهن ۾ هڪ اي ايس آءِ ۽ 7 ڪانسٽيبل شامل هوندا آهن ۽ ٻنهي گرجا گهرن تي 12 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر هئا. هن چيو ته ڌماڪي واري هنڌ ون سيون سيڪيورٽي موجود هئي جنهن جو ثبوت ان ڳالهه مان به ملي ٿو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن حملي آورن کي چرچ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو. هن چيو ته صوبي ۾ گرجا گهرن ۽ عبادتگاهن جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي ۽ پوليس کي پڻ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف يوحنا آباد ۾ چرچ ويجهو ڌماڪن جي سخت مذمت ڪندي پوليس اهڪارن سميت قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير مارجي ويلن جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، مارجي ويل ۽ زخمين لاءِ مالي امداد جو اعلان به ڪيو آهي، مارجي ويلن جي وارثن کي 5-5 لک في فوت ۽ زخمين کي 75 -75 هزار مالي مدد ڏني ويندي، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر جنرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ واقعي جي جاچ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ذميوارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *