اختيارن جو استعمال ڪنهن جي توهين لاءِ نه ٿيڻ گھرجي ..!!: مسرورسيال 

اسان وٽ هڪ اهڙا انسان آهن جي بي اختيار آهن ۽ اُهي ان خواهش ۾ هجن ٿا ته ڪاش کين اختيار هجن ها ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪن ها ۽ عزت ، احترام ڏئي مثال قائم ڪن ها ……..! پر هڪڙا اهڙا آهن جن کي اختيار حاصل آهن پر اُهي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ وڌاءِ رهيا آهن ۽ سندن توهين ڪرڻ ۾ به دير نٿا ڪن . ان لاءِ اِهو چوڻ ٺيڪ هوندو آهي ته جاهل جي هٿ ۾ جڏهن اختيار هجن ته هُو عوام جي اهنجن ۾ واڌارو ڪندو آهي پر اهل کي جڏهن اختيار ملن ٿا ته هُو طاقتورن خلاف استعمال ڪري ڪمزورن جو دفاع ڪري ٿو . اسين ڏسون پيا ته اسان جي ملڪ ۾ اڪثر اختيار به طاقتور کي ڏنا ويندا آهن جيڪو وڌيڪ طاقتور بڻجي وڃي ٿو نتيجي ۾ ڪمزور وڌيڪ غير محفوظ بڻجي وڃي ٿو اُهو ئي سبب هجي ٿو جو قانون به ٻٽا معيار رکندي نظر ايندو آهي جتي قانون جا ٻٽا معيار هجن ٿا اتي طاقتور قانون کان ڏاڍو هوندو آهي ۽ قانون وري ڪمزور لاءِ ڏاڍو نظر ايندو آهي جڏهن ائين هجي ٿو ته پوءِ سماج تباهي طرف تيزي سان وکون وڌائيندو آهي جئين اسان جو سماج وڌي رهيو آهي . ڪنهن به ملڪ جي ڪاميابي جو سبب قانون جي حڪمراني ۽ انصاف ڀريو هڪ ئي نظام هوندو آهي اُهي ملڪ پنهنجي ترقي طرف وڌندا آهن جيڪي پرامن هوندا آهن . جتان جا ٿاڻا ماڻهن جي مدد لاءِ مرڪز بڻيل هوندا آهن عدالتون پنهنجي لاءِ ازيت سمجھندا آهن جڏهن وٽن ڪو ڏوهاري پيش ٿيندو آهي ۽ حڪمرانن جا ڪنڌ جھڪي ويندا آهن ته انهن جي هوندي ملڪ جو شهري ڏوهاري نڪتو آهي . پر اسين ڏسون ٿا ته اسان جي ملڪ جا سمورا ادارا ناڪارا بڻيل آهن ، ڏوهه ته ڇا پر هت ڏوهاري پيدا ڪرڻ واريون فيڪٽريون لڳل آهن ۽ ان فيڪٽرين جا مالڪ وري حڪومتن جو حصو هجن ٿا ، ان هوندي به ڪنهن جا ڪنڌ شرم کان جھڪن نٿا ……! قانون جا ٻٽا معيار ڪنهن به صورت ۾ پرامن ماحول لاءِ بهتر عمل نٿو هجي ان ڪري ئي اسان وٽ پرامن ماحول جڙي نٿو سگھي . حالت اِها آهي ته حڪمران بهتري آڻڻ جي سگھه نٿا رکن تنهن ڪري ڪڏهن فوج ڏانهن  ته ڪڏهن عدالت ڏانهن رجوع ڪن ٿا ايتري حد تائين جو صحت کاتو ۽ تعليم کاتو به کانئن سنڀاليو نٿو وڃي ان ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ٻين ادارن کي چيو وڃي ٿو مثال تعليم کاتي لاءِ روينيو کاتي کي استعمال ڪرڻ آهي ڏسجي ته روينيو کاتو رڪارڊ ڪرپٽ کاتو آهي ڇا هُو تعليم کاتي کي  بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگھندا يا ويتر ڪرپشن کي وڌائيندا . ٻيو وري جج صاحبان کي چيو ويو آهي ته اُهي اسپتالن ۽ اسڪولن جا دورا ڪن سو جج صاحبان دورن مٿان دورا ڪري رهيا آهن ، سوال هي آهي ته سندن دورن سان ڪا تبديلي آئي ……؟ جي تبديلي هجي ها ته پوءِ اڄ سودو ساڳي صورتحال نه هجي ها ٻئي طرف ڏسجي ته اسان جي عدالتن جو نظام ڪيترو بهتر آهي ، ظاهر آ عدالتن ۾ به ساڳي صورتحال آهي ته پوءِ ڇا خيال آهي عدالتن ۾ عملي حاضري بهتر بڻائڻ ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ پوليس کاتي  کي ذميواريون ڏنيون وڃن ، جئين صحت ۽ تعليم کاتي جي ادارن کي بهتر ڪرڻ لاءِ روينيو کاتي ۽ جج صاحبان کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن ، بلڪه ائين ممڪن ناهي ، ان ڪري ته عدالتي انتطام پنهنجو آهي ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ قانون کاتو ذميوار آهي . اهڙي نموني صحت ۽ تعليم جي ذميواري به سندن کاتن جي آهي ،

ها عدالتون ان کاتي جي ذميوارن کان پڇاڻو ڪري ته جئين سندن اُهي پنهنجي عملن جا جواب ڏين ، هڪ ننڍي ملازم مٿان ڇاپا هڻڻ سان بهتري نٿي اچي سگھي، ٿيڻ ته ائين گھرجي ته انتظامي آفيسرن جي آفيسن تي ڇاپا هنيا وڃن انهن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي ، کين پابند بڻايو وڃي ته سندن ماتحت ملازمن جي ڪوتاهي جو جواب کين ڏيڻو پوندو ۽ کانئن جواب ورتو وڃي ته بهتري جو امڪان موجود رهندو . هڪ خبر نظر مان گذري ته هڪ سيشن جج هڪ پرائمري اسڪول جو دورو ڪرڻ وقت اڌ ڪلاڪ دير سان آيل استاد ۽  جي وضاحت ڏيندڙ سپروائيزر کي گرفتار ڪري سيشن عدالت پهچائڻ جو پوليس کي حڪم ڏنو ، جن کي عدالت ۾ آندو ويو ته کين هٿڪڙيون هڻائي پوليس حوالي ڪيو ويو ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ، جج صاحب جو حڪم اکين تي هن کي عوام مان ڪنهن کي به غلط چوڻ جو حق حاصل ناهي ان ڪري به ته توهين عدالت واري تلوار عوام لاءِ هجي ٿي ، باقي صحيح يا غلط چوڻ جو حق وري مٿاهين عدالت کي  آهي خير اِها ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ته اسان جي قانون جي ڪهڙي شق آهي جو ملازم کي اڌ ڪلاڪ دير اچڻ جي ڏوھه ۾ گرفتار ڪيو وڃي ……! سو به هڪ استاد کي جنهن جي عزت احترام مٿاهين هجي ٿي . جيڪڏهن استادن جي اهڙي عزت ٿيڻ لڳي ته شايد ڪو عزتدار استاد ٿيڻ جو سوچيندي  به گھٻرائيندو . ٻئي طرف وري ڏسجي ته پوليس جا ڪارناما اهڙا سامهون اچي رهيا آهن جو رائوانوار جھڙا ڏوهاري ذهنيت جا ماڻهو به وردي پهريل نظر اچن ٿا ، عدالتن کان مٿانها قتل ڪري بيگناهن جون جانيون وٺن ٿا ۽ اُهي وري قانون جي پڪڙ ۾ به نٿا اچن . اهڙي نموي معمولي ڏوھه ۾ ورتل سزائون کائي وڃن ٿا ۽ وڏن ڏوهن جا ڏوهاري ايتري حد تائين جو ملڪ جو خزانو لٽيندڙ ۽ ملڪ جي آئين توڙي سلامتي سان کيڏيندڙ ملڪ مان باعزت طريقي ٻاهر هليا وڃن ٿا . اختيار جو هٿيار انهن لاءِ استعمال ٿيڻ لاءِ قاصر نظر اچي ٿو جهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان وٽ ٻٽا معيار موجود آهن اصلاح جا طريقا به تبديل ٿيل آهن جتي گرفتاريون ٿيڻ گھرجن جن کي جيل ۾ هئڻ گھرجي اُهي ٻاهر آزاد گھمندا ڦرندا نظر پيا اچن ۽ جن جي هدايت زبان سان ڪري سگھجي ٿي انهن مٿان اختيار جو هٿيار هلايو وڃي ٿو . خير اختيار وارا ئي اختيارن جو استعمال ڄاڻين ٿا اسين ايترو ڄاڻون ٿا ته اختيار جو استعمال طاقتور مٿان ٿيندو ته ڪمزورن کي تحفظ ملندو ، وڏن ڏوهارين مٿان ٿيندو ته ننڍا ڏوهاري پاڻ سڌري ويندا …….      .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *