لاپتا رائو انوار جي گولا….!

دنيا جو دستور رهيو آهي ته عروج جو زوال به ايندو آهي، ملير ضلعي جي اڳوڻي شهنشاهه آفيسر جنهن سڪن سان گڏ ساوا به ساڙي پنهنجي نالو اوچو ڪيو جنهن ڪڏهن ائين نه سوچيو هوندو ته سندس جو شان ۽ مان ائين مٽي ۾ ملي ويندو، ملير جو بلو بٽ جيڪو عدالت کان مٿانهان قتل ته پنهنجي کٻي هٿ جو ڪم سمهندو هو پوءِ ڀلي ڇو نه سسپيڊ ڪيو ويو هجي پر هو بنا وردي جي به عدالتي احاطن مان ماڻهن کي اغوا ڪري وڃي ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي کين قتل ڪري ڇڏيندو هيو، هن ملير جي راڪاس ايتريون امڙين جون جهوليون خالي ڪيون آهن جو شايد کيس به خبر هجي، پر اڃ هو پنهنجي جان بچائڻ خاطر انڊرگرائونڊ ٿي ويو آهي پاڻ ته غائب ٿيو سندس جي ٽيم به ائين گم ٿي وئي آهي ڄڻ پيدا ئي نه ٿيا هئا، نقيب الله محسود جو قتل سندس جي نڙي ۾ اهڙو ته اٽڪيو آهي جو سندس جو ساهه وڃي مٺ ۾ بچو آهي، مٿان وري نقيب سان گڏ ماريل قاري اسحاق جي وارثن طرفان به رائو انوار خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب ملير ۾ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيل نوجوان نقيب الله محسود جي قتل ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ڳجهن ادارن کان مدد گهري ورتي آهي. اي ڊي خواجا ڳجهن ادارن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن درخواست ڪئي آهي ته رائو انوار جي نشاندهي، ڳولا ۽ گرفتاري ۾ مدد ڪئي وڃي. رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ انٽيليجنس بنياد تي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملير جو اڳوڻو ايس ايس پي 20 جنوري جي صبح پي آءِ اي اڏام ذريعي اسلام آباد ويو، 23 جنوري تي هن اسلام آباد ايئرپورٽ کان دبئي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايف آءِ اي اميگريشن کيس ٻاهر وڃڻ کان روڪي ورتو، هو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور ڏئي رهيو آهي، ڏوهاري کي جلد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي، تنهن ڪري گرفتاري ۾ مدد ڪئي وڃي. نوجوان نقيب جي قتل ڪيس ۾ فرار ٿيل هٽايل ايس ايس پي ملير رائو انوار جي سيڪيورٽي تي مقرر ٿيل 5 اهلڪار اڃا تائين واپس نه ٿيا آهن، اينٽي انڪروچمينٽ طرفان اڳوڻي  ايس ايس پي ملير جي سيڪيورٽي لاءِ 5 اهلڪار ڏنا ويا هئا، جيڪي اڃا تائين واپس نه ڪيا ويا آهن، پوليس ته پنهنجي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي ته اڃا تائين 5 اهلڪار واپس نه گهرايا ويا آهن، مقرر ٿيل اهلڪارن ۾ سب انسپيڪٽر تيمور بٽ، اي ايس آءِ رائو عدنان اقبال، پي سي سيد روهيل، عذير بٽ، محسن اعجاز شامل آهن، سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن ۾ رائو انوار جو ڀائيٽيو به شامل آهي، اهي اهلڪار رائو انوار سان مختلف ڪاررواين ۾ گڏ هوندا هئا، جيڪي پڻ اڃا تائين مفرور آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *