گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏاتو تيوڻو هڪ مثالي درسگاهه: سعيد احمد ڪوري

دنيا جي علمي اخلاقي مذهبي ، ڪاروباري سياسي يا سائنسي ترقيءَ جو راز تلاش ڪبو ته ان جي پٺيان هڪ صحتمند تعليم جو هٿ هوندو اهڙيءَ طرح سنڌ جي اندر به کوڙ سارا اهڙا به ادارا ڪم ڪري رهيا آهن جن جو فڪر قوم جي مستقبل سنوارڻ آ جٿي ائڊمنسٽريشن کان وٺي تدريسي عمل تائين سرگرميون شاهڪار آهن پر افسوس ڪي اهڙا به علائقائي عناصر آهن جيڪي هنن ادارن جي لاءِ ڪنڊو بڻيل آهن جيڪي خود ادارن جو حصو بڻيل آهن ان پيڙا کي به برداشت ڪندي ادارا پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن اهڙن ادارن مان گورنمينٽ بوائزهاءِ اسڪول ڏاتو تيوڻه به هڪ آهي جنهن جو ذڪرحرفن ۾ بند ڪري ڪجي ته اهو اداري سان انصاف نه هوندو جنهن جي اڏاوت ضلع قمبر تعلقه وارهه ڳوٺ ڏاتو تيوڻه جي ڏکڻ طرف آهي اداري کي پري پري کان جڏهن ڏسبو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪا يورپين ڪلچر جي فطري عمارت آ ، جنهن ۾ فطرت جا عجيب نظرا آهن اڱڻ تي ڇٻر ۽ ڪمپائوند هال جي چوڌاري ڪوني جا وڻ ۽ مختلف خوشبو ڏيندڙ ٻوٽا پوکيل آهن جن جي خوشبوءِ هر روز اداري کي نئون حسن  بخشندي آهي اهو ڏاڍو ڏکيو آهي هن دور ۾ ڪنهن سرڪاري اداري ۾ مڪمل سولر سسٽم، ڪپيوٽر، پرنٽر، فرج، واٽر پروف مشينون، جديد فرنيچر، اسيمبلي لاء لائوڊ اسپيڪر ۽ استادن لاءِ گائون هجن اهو سڄو ثمر ان سرڪاري بجيٽ SMC مان ٿيل آهي جيڪا بجيٽ ادارن جا هيڊ ماسٽر پنهنجي ذاتي انڪريمينٽ سمجهي هڙپ ڪندا آهن پر هي قمبر ضلع جو واحد ادارو آهي جنهن جي SMC بجيٽ  خدا کي حاضر ناضر سمجھي استمعال ٿيندي آهي، اداري جون نصاني سرگرمين جي ڳالهه ڪندا هلون ته هتي سيميسٽر سسٽم آ، والدين کي سيميسٽر کان کان اڳ پنج ڏينهن آگاءٌ ڪيو ويندو آ ته پنهنجي ٻار کي امتحان لاءِ تيار ڪيو ٻي طرف کان انهن کي ائڊمٽ ڪارڊ ۽ آخر ۾رزلٽ ڪارڊ به ڏنا ويندا آهن ، جنهن سيميسٽر کي علائقي جا عملدار ۽ علم ترقي پسند دوست وزٽ ڪري شاگردن جي حوصلا افزائي ڪندا آهن ، مطلب ته جٿي سيميسٽر نظام هجي اُتي اسان سٺن نتيجن جي به اُميد رکي سگھون ٿا ، هن دور ۾ جٿي گورنمينٽ جي اسڪولن جي مين گيٽ چوويهه ڪلاڪ کليل هجي ان دور ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏاتو تيوڻو جي مين گيٽ تي اسڪائوٽس ڊيوٽي ڪن اها گھٽ ڳالهه نه آهي، مٿين ڳالهه کي مختصر ڪندي هئين  چئجي ته باغ  صحتمند ۽ سرسبز اوسر تڏهه ڪندو آ جڏهن ان جو مالهي صاحب ايمان هجي يا جسم تڏهن صحتمند رهندو آ جڏهن ان ۾ صحتمند دماغ هوندو آ جئين انساني جسم ۾ دماغ خاص عضووآهي ته اهڙي طرح اداري ۾ به هيڊ ماسٽر دماغ جي حيثيت رکندو آ، هن اداري جي ترقيءَ جو راز هيڊ ماسٽر سر ذولفقار علي ابڙو آ جنهن جي خون ۽ سوچ م آءٌ اداري سان محبت ، ڊيوٽي سان نڀاءَ ۽ قوم جي مستقبل سنوارڻ جو اونهون سرڪيوليٽ ٿيندي ڏٺو آ جيڪو هر روز ويهه ڪلو ميٽر مفاصلو طئي ڪري وقت تي اسيمبلي ۾ پهچندو آ، آءٌ پرائيويٽ ملازم آهيان اسان جي آفيس ڀرسان وين اسٽاپ آهي اسان پرائيوٽ ملازم 00؛8  بجه سهڪندي، سهڪندي آفيس وڃي مس پهچندا آهيون ته سائين  اسٽاپ تي وين جو انتظار ۾ هوندو آهي،

اها ڏاڍي ڏکي ڳالهه آ ته جنھن دور ۾  سڄو سسٽم اگور نند ۾ هجي ۽ موڊ تي ڊيوٽي ڪري ان دور ۾ سائين ذلفقار اداري جو درد دل ۾ کنيو وتي اهو عمل عبادت  جي مٿين ڪٽيگري جي برابر ڪجي سو به گھٽ نه هوندو، هي ته سائين جو اداري جي اندر سرگرمين جو هڪ ننڍڙو مثال آهي پر اڄوڪي دور ۾ ڪهڙو فرض شناس آفيسر آهي؟ جيڪو روز جي بنياد تي ادارن جي اسٽاف ۽ ٻين نصابي، غير نصابي رپورٽس وٺي، انهن آفيسرن کي به سائين طرفان اداري جون سڀئي رپورٽس  whatsp   ٿين ته پوءِ اهو ادارو پنهنجو مٽ پاڻ هوندو ٻئي پاسي کان اها به اٽل حقيقت آ يا ڪائناتي سچ آ ته هڪ هٿ جي تاڙي ڪڏهن وڄندي ئي نه آهي يا ائين چئجي ته ڪونج پنهنجي ولر سان وڌيڪ ٺهندي آ ته اهڙي طرح ادري جا استاد هڪ وري الگ يعني منفرد مثال جا مالڪ آهن جن جي پنهنجي ذاتي دلچسپي کان وٺي هيڊ ماسٽر جي هر آفيشل حڪم کي عزت ۽ لبيڪ چوڻ واري شخصيت جا مالڪ آهن،  هڪ سٺي سنجيده طبعيت سان پنهنجي اداري جي بهبودي لاء جدوجهد ڪري علم جي لافاني صابڻ سان قوم جي جھالت جي مير ڌوئي رهيا آهن، مطلب ته استادَ علمي پيڙي جو سوار آهن جيڪي قومن جا سفير ٿين ٿا ۽ شاگرد وري علمي ٻيڙي جا مسافر آهن ، جيڪي پاڻ کي علم جي آب سان انسانيت جو معراج ڪرائن ٿا هڪ پاسي کان هيڊ ماسٽر، استاد ڀلي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن پر اداري جا شاگرد پنهنجو حصي جي ڪم ۾ ڪمزور آهن ته ان اداري جي ترقي جا سڀ رستا هڪ جمود شيءَ جي مثل آهن ، اها شيء ڪڏنهن به اوسرنٿي ڪري سگھي، هن اداري جا شاگرد فطري صلاحيتن کان وٺي اداري جي پرگھور تائين ٽمٽار آهن ، جيڪي پنهنجي پڙهائي کي ذاتي مفصد سمجھي هڪ سٺو مثال قائم ڪري رهيا آهن ، انهن مان اڄ ڪي ليڪچرار ، ڊاڪٽر انجنيئر ته ڪي سٺا انسان ثابت ٿيا آهن، جيڪي اداري جي ترقي جو مثال آهن پر جنهن کتي ۾ ادارا قائم هوندا آهن اتي اهڙا به مانجهي مرد، زندهه دل، صاحبِ ايمان ۽ فرض شناس شخصيتون ڪر کنيو بيٺيو هونديون آهن ته اسان جي علائقي يا ڳوٺ ۾ سياسي، سماجي، مذهبي يا علمي ماحول ڪهڙي گردش ۾ آهي، جٿي جول محسوس ٿيندو آ ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن اهڙن انمول شخصيتن مان سائين سيد شفيع محمد شاهه به هڪ آهي جنهن جي شخصيت کي ساراهه جي ته قلم جي مس به ساٿ ڇڏي ويندي ۽ سندن جي لفظن ۾ ذڪر ڪرڻ سان به اندر نه ڊاپندو،  ان ئي سائين جو ڪردار هن اداري ۾ ئي آهي جئين هيڊ ماسٽر ۽ استادن جو آ ، سائين هن وقت هن اداري جي SMC جو به چيئرمين آ، جنهن هر دور ۾ مونکي ذاتي خبر آ ته ڪنهن به هيڊ ماسٽر کي ٿلهي ليکي آزاد ڇڏي SMC جي استعمال جي اجازت نه ڏني آ، اهو تصور به نه ٿو ڪري سگھجي، مطلب ته هن اداري ۾ سائين جن جو به هڪڙو سٺو ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي ذاتي پاڪيٽ مان اداري تي خرچ ڪندو آ، ڪڏهن استادن لاءِ ڪتابن جو تحفو ته ڪڏهن شاگردن لاءِ ڪهاڻين جا ڪتاب ته ڪڏهن اداري جي فرنيچر تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آ ، مطلب ته هن جديد دور سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ادارو  پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪي سمعي يا بصري شيون خانگي ادارن ۾ هلنديون آهن جيڪي شاگردن جي فيس کان وٺي فنڊنگ ۽ ڊونيشن تي ملنديون آهن هتي SMC هيڊ ماسٽر ۽ چيئر مين جي ذاتي جذبي خلوص ۽ خرچ تي اهي شيون قائم آهن جن مان شاگردن جي فيض آب ٿيندا آهن، اهڙي طرح سنڌ گورنمينٽ ايجوڪيشن لٽريسي ڊيارٽمنٽ مان اُميد ٿي رکجي ته سڄي سنڌ جي ايڊمنسٽريشن کا وٺي اداري جي بنيادي ضرورتن کي پٺ تي پيل نظام تي نظر ۽ سرگرم ادارن کي هٿي ڏيڻ جي اميد رکون ٿا جيئن قوم جو آئيندو مشڪلاتن جو سفر نه ڪري ۽ سنڌ جو هر ادارو گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏاتو تيو ڻو جي مثل بڻجي پوي.

korisaeedahmed@gmail.com

 

 

 

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *