وسيلن مٿان بار بڻيل ڌاري آبادڪاري‎: احسان جوڻيجو

اڄوڪي صورتحال سنڌ ۾ مذھبي انتھاپسندي قتل غارت ھنگامي صورتحال ڌرتي ڌڻين جي دربدري سنڌ ۾ گئس تيل ڪوئلي جي رٿائن اين ايل سي سميت مختلف قسمن جي رٿائن پورٽ قاسم اسٽيل مل ۽ ڪراچيء اندر مختلف قسمن جي رٿائن پروجيڪٽن ڪمپنين ۾ ڌاري آبادڪاريء جي ڌڙا ڌڙا ڀرتي ڌرتي ڌڻين جي وسيلن مٿان يقينن بار آھي” پاڪستان کي جوڙڻ کانپوء جبري استحلاق طور تي سنڌ کي ان جو صوبو بڻايو ويو ۽ ان وقت ۾ موجود سنڌي اڳواڻن ۽ ايشيا جي باقي الڳ مسلم ملڪ حامي اڳواڻن ۾ طئي ٿيل معاھدي تحت سنڌ کي الڳ ۽ خودمخيتار ڪرڻ جو چوڻ کانپوء سنڌ ۾ ايشيا جي ٽوڙ فوڙ کانپوء سمورا انڊيا جي مسلمان اچي ڪٽڪ لٿا جنھن کي موجودا سامراج طبقو يعني مظلوم قومن جا حق ڳڙڪائينڌڙ پنجاب ” ۽ جڏھن انڊيا کان اينڌڙ قافلا ڪٽڪ ڌارين جو لشڪر مارڪٽ سبب ايشيا جي نئين جڙڻنڌڙ ملڪ طرف وڌڻ لڳو ت ان سموري لوڌ کي پنجاب جي پنجابين اھو چئي اڳتي ڌڪيليو ت ” پاڪستان آگي ھي”.. ڌارين جي لوڌ کي 1954ع ۾ جڏھن سنڌ جي حدن ۾ لنگھندي ڏٺو ويو ت مھمان نواز سنڌي قوم ۽ انھيء جي سموري سياسي سماجي توڙي اڳواڻن ڀرپور نموني آجيان ڪئي ” آجيان ڪرڻ جو مقصد ھرگز اھو ن ھيو ت وقت جي گذرڻ کانپوء اسٽيبلشمينٽ ھن لوڌ کي پنھنجي ڪتب آڻي سنڌ اندر لساني فساد ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بدامني لاء استعمال ڪري پر ان وقت جي اڳواڻن مقامي ماڻھن جي آجيان جو مقصد دلي طور تي ھمدردي ڪرڻ ۽ حالات جي بھتري ٿيڻ کانپوء عالمي قوانين موجب انھن کي واپسي پنھنجي آستان ڏانھن باسلامتي موڪلڻ ھيو پر اھو ھرگز ن ڪيو ويو ن ئي ڪرڻ گوارا سمجھيو ويو وقت گذرندو ويو ھڪ طرف انڊيا مان اينڌڙ لوڌ سنڌ مان ڇڏي ويل ھنڌو برادري جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو ت ٻئي افغانستان ۽ سوات مان پڻ سنڌ ۾ ڪٽڪ آندا ويا ۽ لوڌ آندي وئي پاڪستان ۾ بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوء وري بنگالين جي لوڌ اچي ڪراچيء ۾ ديرا ڄمايا جيڪو انگ اکر تعداد پڻ باقي ڌاري آبادڪاري جي تناسب برابر آھي برما ۾ ٿيل قتل عام کانپوء برمين کي ملڪ اندر پناھ ڏيڻ جو سوچو ويو ۽ اھي ب ڪٽڪ لوڻ سنڌ اندر لڏرائي پاڪستان جي ابن ڏاڏن سنڌ کي عالمي يتيم خانون بڻائي ڇڏيو , ۽ ڏسندي ڏسندي بنگالي برمي افغاني ھنڌستانين سميت پٺاڻن ترڪين اچي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ديرا ڄمائي ڪاروبارن ٽرانسپورٽن تي قبضا ڄمائي ڇڏيا اھا ئي وجھ آھي جو اڄ ڪراچي جيڪو سنڌ جي گاديء جو ھنڌ ۽ پاڪستان کي پالڻ وارو شھر سڏيو وڃي ٿو اڄ انھيء سنڌ جي گاديء واري شھر ڪراچيء ۾ ڌرتي ڌڻي سنڌي ڪاروباري رھائشي ٽرانسپورٽي لحاظ سان اقليت ۾ سمجھيا وڃن ٿا جيڪڏھن حڪومت ان ڌاري آبادڪاريء خلاف سخت ايڪشن ۽ سخت قوانين سان نمٽي ھان ت شايد اڄ سنڌ ۾ ھي ھيڏي اوج ڌارين جي نظر ن اچي ھان جيڪي اڄ لوڌ اچي وسيلن مٿان حاوي ٿي بيٺي آھي ڪڏھن ڪراچيء جي مالڪي ت ڪڏھن وسيلن جي وارث ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪري ڪڏھن ڪوٽا تي ڌاڙو ت ڪڏھن ملڪيتن مٿان قبضا!!يجيڪا اڄ ڪينسر جي بيماري جي باعث بڻجي چڪي آھي انھيء لاء جيڪڏھن مزاحمتي گانڌي جيان انڊيا خالي ڪيو تحريڪ ھلايون ھان ت اڄ ھي سانحا ن ڏسڻا پون ھان!!

ڌاريء ابادڪاري جو مسئلو انتھائي ڳنڀير صورتحال پيدا ڪري چڪو آھي ڇو جو هاڻي سنڌ جي اصلوڪن (Indigenous) رهواسين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ جو ڊپ ورائي ويو آهي. گذريل هڪ صديءَ دوران جنهن رفتار سان سنڌ ۾ غير سنڌي ماڻهو آباد ٿيا آهن، اها رفتار هاڻي پنهنجي اوج تي پهچي چڪي آهي. ڌرتيءَ ڌڻين جو اهو ڊپ بي بنياد ناهي ته ان رفتار سان ايندڙ ڌاري آباديءَ جي نتيجي ۾ ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌي سنڌ ۾ هڪ عددي ٿورائي بڻجي پنهنجي ڌرتيءَ تي مليل نالي ماتر حقِ حاڪميت به وڃائي ويهندا. سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جي اصل شروعات سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ شروع ٿي. انگريزن سنڌ ۾ جيڪو جديد آبپاشي نظام اڏايو، ان سنڌ جي معيشت ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. زراعت جي ترقيءَ ۽ زمين جي آباديءَ سان پنجاب مان ماڻهن جي آبادي سنڌ ڏانهن اچڻ شروع ٿي. 1932ع ۾ سکر بئراج جي اڏوات ۽ ان کان پوءِ 1894ع ۾ جمڙائو ڪينال ٺهڻ سان ڌارين خاص طور تي پنجاب جي زميندارن ۽ هارين جي سنڌ ڏانهن اچڻ ۾ تيزيءَ سان واڌ آئي. ڌاري آباديءَ جي ٻي وڏي ۽ سڀ کان ڀوائتي لهر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت آئي، جنهن سنڌي سماج جا بنياد لوڏي ڇڏيا. پاڪستان جي ھٿ ٺوڪي بناوت يعني ٺهڻ کان پوءِ ون يونٽ جي دور ۾ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج ٺهڻ سان نيون زمينون آباد ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي ويتر هٿي ملي. ايوب خان جي دور ۾ اتر کان پٺاڻ آباديءَ ڪراچيءَ ڏانهن منهن ڪيو. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي ۽ هاڻي پنهنجي انتها کي پهچي چڪو آهي. ويهين صديءَ جي منڍ ۾ پنجاب مان آبادي جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ تيزي آئي ۽ 1930ع جي ڏهاڪي ۾ اهو سوال بحث هيٺ اچڻ لڳو ته ڪير سنڌي آهي ۽ ڪير ناهي. ان دور ۾ سنڌو درياءَ ٽرانسپورٽ جو اهم وسيلو هو. 1878ع ۾ ڪراچي ۽ پنجاب وچ ۾ ريل جو رستو ٺهڻ کان پوءِ سنڌ عملي طور پنجاب سان ڳنڍجي وئي. 1889ع ۾ سکر وٽ لئسنڊائون پل ۽ 1900ع ۾ ڪوٽڙيءَ واري پل ٺهڻ کان پوءِ آباديءَ جي اچ وڃ ۾ ويتر سولائي پيدا ٿي. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کانپوء جھڙي ريت قتل عام ڪرائي وئي سو تاريخ کان ڳجھي ڪونھي پوء ان ڌاري آبادڪاريء کي ڪڏھن لياري گينگ وار گروپ ڪري استعمال ڪيو ويو ڪڏھن ايم ڪيو ايم گينگ گروپ ڪري استعمال ڪيو ويو ت ڪڏھن سني تحريڪ جو روپ ڏيئي سنڌ ۾ 60ع جي ڏھائي کانپوء ھن محل تائين بنگال جي تحريڪ کان وڌيڪ مختلف قومن جا ماڻھو لکن جي تعداد ۾ مخلتف قسمن جي واقعن ۾ مارايا ويا جنھن ۾ عورتن جي سينا پڻ ڪٽيا ويا عصت زئي پـڻ ڪئي وئي رت جون نديون پڻ وھايون ويون گڏوگڏ ان ڌاري آبادڪاريء جي وڳوڙن اسان کان غزالا بتول صديقي کسي ورتي ” ان ڌاري آبادڪاري مان ڀرتي ڪيل آفيسرن اسان کي ڪونڌر کسي ورتا ڪڏھن ڌاري آبادڪاري جي ڌر مختلف ھنڌن تي سنڌين جو قتل عام شروع ڪيو ت ڪٿي ارشاد رانجھاڻي کي ھڪ پٺاڻ قبيلي سان تعلق رکنڌڙ قتل ڪيو اھي سڀ ڪڙيون ھڪ ڪونجيء سان ڳنڍيل آھن جيڪي مختلف وقتن تي مختلف قسمن نا واقعا رونما ڪري وڳوڙ ڪري رھيون آھن جيسيتائين سنڌ جي حڪومت عالمي قوانين مطابق ڀارتين کي ڀارت افغانين کي افغانستان بنگالين کي بنگال طرف واپسي يقيني ن ٿي بڻائي تيسيتائين سنڌ اندر ڌرتي ڌڻين جي اقليت ۾ بڻجڻ وارو خوف برقرار رھندو وسيلن جي لٽ مار جاري رھنڌي”

1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هاڻوڪيپاڪستان مان اٽڪل 47 لک هندو ۽ سک انڊيا جي ڏانهن لڏي ويا. جڏهن ته اٽڪل 65 لک مسلمان سرحد جي ٻئي پار کان پاڪستان ڏانهن لڏي آيا. اها سموري لڏپلاڻ سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ٿي، جڏهن ته سرحد ۽ بلوچستان ڏانهن ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا لڏپلاڻ ٿي هوندي. هندستان مان لڏي آيلن جي گهڻائيءَ وڏن شهرن ڏانهن منهن ڪيو. 1951ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب پاڪستان جي شهرن ۾ رهندڙ آباديءَ جو 48 سيڪڙو هندستان مان لڏي آيل هو. آباديءَ جي ان واڌ جو دٻاءُ سڀ کان گهڻو سنڌ جي شهرن تي پيو، جتي 1941ع ۽ 1951ع جي وچ ۾ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو واڌ ٿي. ٻئي طرف سرحد صوبي ۽ شهري آبادي 18 سيڪڙو مان گهٽجي 11.3 سيڪڙو ٿي وئي. آباديءَ جي ٻه-طرفي لڏپلاڻ ۾ سنڌ مان 943،000 ماڻهن هندستان هجرت ڪئي، جڏهن ته هندستان مان 1,167,000 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا. 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 23 هزار هئا، جن ۾ 1380 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ انهن جو انگ وڌي 479,000 ٿي ويو.

1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ 11.85 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهندڙ هئي. جڏهن ته ڏهه سال پوءِ 1951ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ موجب شهري آباديءَ جو حصو وڌي 29.2 سيڪڙو ٿي ويو هو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو واڌ آئي. پاڪستان ڏانهن لڏيندڙن جي 80 سيڪڙو آبادي ڀارتي پنجاب مان آئي، جنهن جو هڪ وڏو حصو پنجاب جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ٿقافتي طور سمائجي ويو. ان جي ابتڙ سنڌ ڏانهن ايندڙ آباديءَ جو سنڌ سان ڪو به ثقافتي ميلاپ نه هو. پاڻي ۽ تيل جي ميلاپ جيان اهي هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ رهيا. پنجاب جيئن ته هڪ خطو هو، تنهن ڪري ان جي ورهاڱي سبب آباديءَ جي ٻنهي طرف لڏپلاڻ فطري هئي، ان جي ابتڙ سنڌ ڏانهن آباديءَ جي ايڏي وڏي يلغار جو ڪو به اصولي جواز نه هو. هندستان مان ايڏي وڏي انگ ۾ آيل پناهگيرن سنڌ جي مکيه شهر ڪراچيءَ جو ثقافتي مهانڊو ئي بدلائي ڇڏيو.

ٻاهرين آباديءَ سنڌ جي ثقافتي قدرن کي پڻ زبردست ڌڪ رسايو. صدين کان مسلمان ۽ هندو گڏ رهڻ سبب ٻين انيڪ مسئلن جي باوجود مذهبي ڪٽرپڻو ڪڏهن به وچ تي نه آيو هو. ساڳي طرح ڪڏهن به شيعا- سني تفرقو وچ ۾ نه آيو هو. حيدرآباد ۾ 1950ع ۾ پهريون ڀيرو محرم دوران پناهگيرن جي انتهاپسند ٽولن شيعا-سني وڳوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳي طرح مئي 1952ع ۾ ڪراچيءَ ۾ احمدين کي نشانو بڻايو ويو. احمدي عقيدي واري پرڏيهي وزير ظفر الله خان جي هلندڙ هڪ گڏجاڻيءَ تي وڳوڙين حملو ڪيو ۽ سينٽرل ڪراچيءَ ۾ احمدين جي ملڪيتن کي باهيون ڏنيون. ڪراچيءَ جي مولوين مطالبو ڪيو ته احمدين کي الڳ اقليت قرار ڏنو وڃي. ڪراچيءَ جون اخبارون ۽ پناهگير قيادت هر ٿوري گهڻي ڳالهه تي سنڌي قوم ۽ ان جي ثقافت کي هندن جي باقيات قرار ڏيندي دير نه ڪنديون هيون.ورهاڱي وقت جڏهن پنجاب ۾ ڀوائتي رتوڇاڻ هلندڙ هئي، سنڌ ۾ رتوڇاڻ جا ڪي به واقعا پيش نه آيا.سنڌ ۾ هندن ۽ سکن تي حملا ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان آيل آباديءَ شروع ڪيا. سيپٽمبر1947ع جي پهرين هفتي ۾ نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ سکن خلاف تشدد جا واقعا پيش آيا. ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ هندن خلاف پڻ ڪارروايون ڪيون ويون. 17 ڊسمبر 1947ع تي حيدرآباد ۾ وڳوڙ ٿيا. 6 جنوري 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ وڳوڙ ٿيا. شڪارپور مان 148 سکن جو قافلو پهچڻ تي 8 هزار کن وڳوڙي ڪٺا ٿي ويا، جن گردواري کي گهيرو ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي. ايوب کهڙي پاڻ شهر جي علائقن ۾ وڃي وڳوڙن کي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پر صورتحال ان جي سنڀالڻ کان چڙهي وئي هئي..13 سيپٽمبر 1947ع تي سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ايوب کهڙي سنڌ مان جٿن جي شڪل ۾ لڏيندڙ هندن تي سخت تنقيد ڪندي چتاءُ ڏنو ته اهڙو قانون ٺاهيو پيو وڃي، جنهن هيٺ سنڌ مان لڏيندڙن کي سواءِ پهرين ڪپڙن ۽ ڪجهه ذاتي شين جي ڪجهه به ساڻ کڻڻ جي اجازت نه هوندي. 1948ع تائين سنڌ ۾ لڏپلاڻ جي باوجود ڪي به مذهبي وڳوڙ نه ٿيا هئا. جنوري 1948ع ۾ پهريون ڀيرو هندستان مان لڏي آيل پناهگيرن سکن ۽ هندن تي حملا ڪيا. انهن وڳوڙن ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا ۽ سينٽرل ڪراچيءَ ۾ هندن جي گهرن ۽ دڪانن کي ساڙيو ويو. پوليس حالتن تي ضابطو نه آڻي سگهي، جنهن کان پوءِ فوج جي مدد ورتي وئي ۽ ڏهن ڏينهن لاءِ ڪرفيو لڳايو ويو. انهن حالتن ۾ ڪراچيءَ مان هندن جي لڏپلاڻ ۾ تيزي اچي وئي. ٻن هفتن اندر 21 هزار ماڻهو هندستان لڏي ويا ۽ مهيني جي پڄاڻيءَ تائين 40 هزار وڌيڪ ماڻهو لڏي چڪا هئا. سنڌ حڪومت هندن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر حالتون سندن وس کان نڪري چڪيون هيون اتر سنڌ ۾ انتظاميا کي ڳجهيون هدايتون جاري ڪيون ويون ته ضلعي مئجسٽريٽ جي اجازت نامي کان سواءِ هندن کي سنڌ مان نڪرڻ نه ڏنو وڃي. هندن کي روڪڻ لاءِ ٻيو به شرط لاڳو ڪيو ويو ته کين سنڌ ڇڏڻ وقت انڪم ٽيڪس اختيارين پاران سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو ته مٿن ڪي به سرڪاري رهتون ناهن. ايوب کهڙي هندن کي روڪڻ لاءِ حيلا هلايا پر مارچ تائين چٽو ٿي ويو هو ته وڏي پيماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ ممڪن ناهي. هر هفتي ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ پنج سامونڊي جهاز هلي رهيا هئا، جن جي مجموعي گنجائش 11 هزار مسافرن جي هئي. چار هزار وڌيڪ ماڻهو ڪاٺياواڙ جي رستي تان لڏي ويا. هندستان سرڪار به هندن کي سنڌ مان ڪڍڻ لاءِحيدرآباد ۽ ميرپورخاص رستي ٽرينون هلايون ۽ پنهنجي سرحد جي پاسي عارضي ڪيمپون به قائم ڪيون پڻ ويون,,

سنڌ ۾ ڌارين جو انگ 49 سيڪڙو ۽ سنڌي ماڻهن جو انگ 51 سيڪڙو تي وڃي بيٺو آهي. جيڪڏهن ڌارين جي اها ڪاهه رهي ته سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. نتيجي ۾ سنڌيماڻهن جو اهڙو حشر ٿيندو، جيڪو فلسطين ۾ فلسطينين سان ٿيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌجون سڀئي ڌريون وڏي عرصي کان ڌاري آبادڪاريءَ خلاف پرامن جدوجھد پئي ڪئي آهي. پر هن وقت تائين ان جو ڪنهن به نموني چٽو نتيجو سامهون نه آيو آهي. سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري خلاف سنڌين تحريڪ اصل ۾ مھاتما گانڌيءَ طرفان 1942ع ۾ Quit India Movement هندستان خالي ڪريو تحريڪ جهڙي ئي تحريڪ آهي. جڏهن انڊين نيشنل ڪانگريس محسوس ڪيو ته ڌارين (انگريزن) کي ڪڍڻ لاءِ هي وقت مزاحمت جو آهي. ٻي مھاڀاري جنگ سبب انگريز حڪومت ڪمزور ٿي رهي آهي ته ان وقت انهن ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ هلائي. جنهن جو مقصد به سامراج خلاف سڌي جنگ هو ان تحريڪ جا نتيجا بھتر مليا جو انگريز سرڪار ڪانگريس سان ڳالهيون ڪيون ۽ هندستان کي خالي ڪرڻ لاءِ مهلت گهري. اڄ ساڳي تاريخي سڏ کي محسوس ڪندي ڌاريا سنڌ خالي ڪريو تحريڪ هلندڙ آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مخالف مختلف حربا ڪتب آڻي رهيا آهن. اچو ته انهن جي سازشن کي سمجهون ته اهي ڪهڙي نموني تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نفسياتي حربا استعمال ڪري رهيو آهي. اهڙيون سازشون تاريخ ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهن.

اھڙي قسم جو سازشون سنڌ ۾ ھلنڌڙ ھر تحريڪ خلاف ٿيون آھن پوء اھي ڌاري آبادڪاري خلاف تحريڪون ھجن آزاديء جون تحريڪون ھجن وسيلن مٿان پنجابي قبضي خلاف ھجن قومپرست ڪارڪنن جي جبري گمشدگين خلاف ھجن يا وري سنڌ جي باقي مسئلن خلاف ھجن انھن سڀني تحريڪن کي  مختلف قسمن سان ھيسايو ڌمڪايو ويو آھي ۽ ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آھي پر انھيء جو ھرگز اھو مقصد ناھي ت اسين ھٿ ٻڌي ويھي رھون ڇو جو تحريڪون ھميشا قربانيون گھرنديون آھن پوء اھي قربانيون مالي ھجن يا جاني پر قومپرست ڌريون پنھنجو پاڻ کان رٺل ھجڻ ڪري ڌارين خلاف ڪا مزاحمتي تحريڪ جو جنم وٺڻ جو سوال ساڳيو جو ساڳيو آھي!!

سنڌ جي قومپرست جماعتون جيڪي سنڌ ايڪشن ڪميٽيون جوڙي مسجد جي پيشا امامي جيان وڏي ڊڪ ڊوڙ ۾ آھن انھن کي گذارش ڪنداسين ت خدارا سيد جي نظرئي سان بيوفائي ن ڪيو اٿو!!

ھن قوم کي ڪٺي ڪيو اٿو!!

ان کان اڳ جو وسيلن مٿان ڌاريا مڪمل قبضو ڪري وڃن ۽ ڪڻو ڪڻو ٿي ماريا وڃو ان کان اڳ جو پنجاب پنھنجي مڪمل بالادستي قائم ڪري وٺي ۽ ڌارين جي ڀرمار توھان جو وجود ختم ڪري ڇڏي ان کان اڳ جو ارشاد رانجھاڻي جي قتل وانڱي ڌارين ھٿان بيدردي سان ماريا وڃو ۽ ساڙيا وڃو اٿو!!

ڀڙڪي باھ ٿي نڪرو محشر کان وڌيڪ تيز ٿي نڪرو ساڙيو منشور سمورا جيڪي سنڌ جي وجود خلاف جوڙيا ويا آھن سمورا نقطا فاڙيو جيڪي سنڌ مٿان ۽ سنڌ جي وحدانيت مٿان وار لاء جوڙيا ويا آھن سمورا ڪاغذ جيڪي سنڌ جا وسيلا پنجاب جي جھوليء ۾ وجھڻ لاء استعمال ڪيا ويا اٿو ھي وقت اٿوو!!

جي ن اٿيوو ت تاريخ توھان کي رديء جي ٽڪري ۾ فٽو ڪري اڇلي ڇڏيندي ڪڏھن ياد ڪرڻ جي زحمت ب ن ڪندي ۽ لاتعلقي جو اظھار ڪري ڇڏيندي اٿوو بچايو پنھنجي وجود کي ن ت ايئن ختم ٿي ويندوو جيئين واريء جا زرڙا اڏامجي ويا ۽ ريگستان جو وجود ئي ن رھيو جيئن ٿر مان پاڻيء جو وجود ئي ختم ٿي ويو تيئن اوھان سنڌين جو سنڌ مان وجود ايئن ختم ٿي ويندو جيڪڏھن اڄ اوھان پنھنجي حقن جي لاء ن جاڳيوو ۽ ڌاريء آبادڪاريء خلاف انڊيا وارن جيان انڊيا خالي ڪريو تحريڪ ن ھلايوو ت سڀاڻي اوھان جا آثار ب ن رھندا!!

******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *