ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾ ؛سرمد منصور

خير سان هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ متحده سرچاءَ جي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏئي ڌريون کير کنڊ ٿيڻ وڃن پيون. اسين ڪير ٿيندا آهيون جو ٻنهي پارٽين جي کير کنڊ ٿيڻ تي ارها ٿيون. هي ٻن ڀائرن جي وچ جو معاملو آهي، اُهي پرچن يا ڪاوڙجن، اُن سان ڪنهن جو آخر ڇا ته وڃي؟ اُنهن پنهنجن ووٽرن جو اڳ ڪڏهن خيال رکيو آهي، جو هاڻ تنقيد جا تُرها ٻڌي ليکڪ نڪري پيا آهن. باقي آهي سنڌي ماڻهو سو پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ ڪري ته آخر ڇو!

سنڌ جا ماڻهو ته موجوده حڪمرانن کي اِهو ڏوراپو به نٿا ڏئي سگهن ته اُنهن سندن لاءِ ڪجهه نه ڪيو. آخر ڪهڙي بُنياد تي اُنهن جو اِهو ڏوراپو ٺهي ٿو. جن ماڻهن اوجاڳا ڪاٽي، قطارون ٺاهي، لٺيون سهي اُنهن کي ووٽ ڏنو، اُنهن کي ڀلا ڪهڙيءَ ڌُر اڳ ۾ پُڇاڻي جو حق ڏنو آهي! سو اُنهن جي قسمت ۾ اهي ڌڪا ۽ ٿاٻا ئي لکيل آهن، جيڪي هُنن کي هر حال ۾ ملڻا آهن.

ڪالهه محبتن واري عالمي ڏينهن تي اسلام ڪوٽ مان جيڪا خبر شايع ٿي آهي، تنهن نه ڄاڻ الائي ڪيترن دلين کي دهڪائي وڌو هوندو، پر جيڪڏهن اُن بابت حڪمرانن کان پُڇيو وڃي ته اُنهن جو اِهوئي جواب هوندو ته، ’ڇا ٿي پيو، جيڪڏهن اسلام ڪوٽ ۾ غربت ۽ بيماريءَ کان تنگ اچي پورهيت، پنهنجي معصوم نياڻيءَ سان گڏ کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي؟ حڪمرانن ته اُن کي اهڙي عمل تي ڪونه مجبور ڪيو هو، اِهو ته اُن جو ذاتي فيصلو هو ۽ سنڌ سرڪار آخر ڇا ته ڪري؟ هُن ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ڪيتري نه ڪوشش ڪئي، جيڪڏهن ڀُل چُڪ ۾ وڏي وزير کان هڪ اڌ لفظ نڪري ويا ته ميڊيا کڻي واويلا مچائي ڏني. اِئين به ڪو ٿيندو آهي ته ماڻهو جيڪڏهن لاشعوري طور ڪا ڳالهه ڪري ته اُن جو کڻي ڍنڍورو پٽجي. اِهو سنڌ سرڪار جو دل گُردو ناهي ته هُن ڇهه سؤ ٻارڙن جي بُک ۽ بدحاليءَ ۾ مري وڃڻ واري خبر جي تصديق ڪئي آهي. نه ته اڳ ۾ ڪهڙا حڪمران هُئا، جن اِئين دل ٻڌي ڳالهه تسليم ڪئي هُجي. اصل ۾ معاملو سڄو اُلجهائي ئي ميڊيا پئي، اُها مرچ مسالا ملائي ڳالهين کي ايترو ته وڌائي پيش ڪري ٿي جو ماڻهن کي اِهو محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته سنڌ سرڪار ڪجهه به نه پئي ڪري. هاڻ اُنهن کي ڪٿي ڪٿي وڃي ڏيکارجي ته سنڌ حڪومت ڇا نه ڪيو آهي؟ جيڪڏهن اُنهن وٽ پاڻ ئي وقت هُجي ته وڃي ايم پي ايز، ايم اين ايز جا بنگلا ۽ ماڙيون ڏسن، ڇا اُهي سنڌ جا ماڻهو ناهن، اُنهن جا جيڪڏهن اجها پڪا، بلڪه محل بڻيا آهن ته اِها به ته سنڌ جي ماڻهن جي ترقي ئي ڳڻبي. يا ضروري آهي ته ٻهراڙين ۾ ماڻهن کي اجها ۽ رستا پڪا ڪرائي ڏجن، جيڪي هونئن ئي موسمن جي نامهربانين سبب تباهه ٿيڻا آهن. جيڪا شيءِ تباهه ٿيڻي هُجي، اُن تي ايڏو وڏو خرچ ڪرڻ آخر ڪهڙي دانشمندي آهي؟ پر ڇاهي جو سنڌ ۾ لکندڙن پنهنجي اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون آهن، اُنهن کي موجوده سرڪار جي ڪارڪردگي هروڀرو به ڏسڻ ۾ نه پئي اچي. اُهي اِهو به نٿا ڄاڻن ته متحده ۽ پ پ جي اتحاد سان سنڌ سرڪار ڪيتري سگهاري بڻجي سگهي ٿي؟ ٻنهي پارٽين جي هڪ هُجڻ سبب نه ته ڪو اُنهن خلاف ڪا رٿ آڻي سگهي ٿو نه ئي سنڌي ماڻهن جي هٿن مان اُنهن جي هيءَ سرڪار ڪير ڦُري سگهي ٿو.“

اهڙي ئي قسم جا ويچار عام ماڻهوءَ جا به آهن، جيڪي چون ٿا ته ”ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾!“ سو اُنهن جنهن ڌُر کي پنهنجو سمجهي ورهين کان پئي ووٽ ڏنا آهن، اُها سندن جذبن ۽ اُمنگن جو احساس نه ٿي ڪري ته ٻين جو ڪهڙو ڏوهه؟ اِنهيءَ ڳالهه کي سمجهندي به سنڌي ماڻهن جي حالت اِئين آهي جيئن اَن جو مُنهن جنڊ ڏي. چوندا آخر ادا ٻيو ڪهڙي پاسي وڃجي؟ اسان لاءِ ته هيڏانهن باهه هوڏانهن پاڻي، وڃون ته آخر ڪيڏانهن وڃون؟ پر اُنهن کي ڪير سمجهائي، کين ڪير ويهي ڪيجريوال جا مثال ڏئي. جن ماڻهن ڌڌڙ اُڏائيندڙ گاڏيون پُٺيان ڊوڙڻ کي پنهنجي قسمت سمجهي ڇڏيو آهي، جيڪي دربدري ۽ ٺوڪرن ۾ فرحت ماڻين ٿا، اُنهن ۾ دُنيا جو ڪو به وڏو حادثو تبديلي نه ٿو آڻي سگهي؟ جيڪڏهن اِئين نه هُجي ها ته ٻه هزار ڏهه واري مها ٻوڏ ۽ اُن کان پوءِ سرڪار جي لاپرواهيءَ کي ڀوڳيندي سنڌ جو ماڻهو نه رُڳو پچي راس ٿئي ها، پر اُن ۾ سردار توڙي جاگيردار سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهائڻ جو ساهس به پيدا ٿئي ها. پر جيڪي پنهنجي تقدير تبديل ئي نه ڪرڻ چاهيندا هُجن، اُنهن جي ڀاڳ ۾ اهڙا ئي حُڪمران ۽ اهڙيون ئي حڪومتون اينديون رهنديون آهن، جيڪي پنهنجي مفادن خاطر دُشمن کي به ڳلي لڳائينديون آهن ته ڪڏهن وري اُهي حڪمران پنهنجن ئي ماڻهن جا معصوم ٻارڙا مرندي ڏسي ٽهڪ به ڏيندا آهن.

هاڻ وري سنڌي ماڻهن ۾ هڪ نئين اُميد ڪَرُ موڙي اُٿي آهي. اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته بلاول ڀُٽي پنهنجي پيءُ سان ناراضگي اختيار ڪري بغاوت ڪئي آهي. ممڪن آهي انهيءَ ڳالهه ۾ صداقت هُجي ۽ سچي به بلاول ڀُٽو پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ کان مايوس ٿي ناراضگيءَ سبب پرڏيهه پلاڻيو هُجي. پر اِها ناراضگي ڪهڙي آهي جو هُن سنڌ سرڪار لاءِ کُليو ميدان ڇڏيو آهي ته اوهان کي سنڌ جي جيڪا ڀينگ ڪرڻي آهي سا ڪريو، نوڪريون کپائڻ کان وٺي زمينن تي قبضا ڪرڻ تائين جيڪو سلسلو هلي پيو هلندو رهي. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هُو پنهنجن ڪُجهه ساٿين سان ميدان تي لهندو، سنڌ جي ماڻهن اِهو يقين ڏياريندو ته هاڻ مان اچي ويو آهيان، ماضيءَ جي ڪيل غلطين تي سڀني کان معافي ٿو وٺان ۽ هاڻ ووٽ اسان جي جهوليءَ ۾ وڌا وڃن، اسين سنڌ کي سنواري سُڌاري دُنيا لاءِ مثال قائم ڪنداسين. ممڪن آهي ته اهڙو اسڪرپٽ لکجي چُڪو هُجي ۽ اُن تي عمل به ٿيندو هُجي. جيڪڏهن اِئين نه هُجي ها ته بلاول پاران سنڌ جي هن بدحاليءَ تي ضرور ڪو ٽوئيٽ پڙهڻ لاءِ ملي ها، جيڪو هر ڳالهه تي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻندو هو، سو ’ڪجهه نه آکيسون‘ واري پاليسيءَ تي ڇو عمل پيو ڪري؟ اِهو سنڌ جي گهڻ گهرن کي ضرور ويچارڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *