ڇا هاڻوڪي صدي عورت کي سندس اصل مرتبو ڏيندي؟ ؛عبدالرزاق عمراڻي

هاڻوڪي زماني ۾ عورت صديون اڳ ۾ سندس وڃايل مقام ۽ مرتبو حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري پئي پر گڏوگڏ کيس سماج مان هر طرف کان اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته هوءَ مرد کان ڪمتر ۽ ڪمزور آهي، ڀلي کيس جسماني ۽ ذهني لحاظ کان مرد تي فوقيت حاصل هجي ڀلي هوءَ ڪيترو به آزاد هجي پر کيس وري به سماج ۾ بار بار اهو ٻڌڻو ٿو پوي ته هوءَ مرد کان حقير ۽ هيٺانهين آهي. سماج ۾ چند مفڪر، ڏاها ۽ رهنما ته اهو به چون ٿا ته جي عورت حقير نه هجي ها ته عظيم رهنما، سائنسدان ۽ فلاسافر هجي ها، ها برابر سواءِ چند عورتن جي باقي هو سمجهن ٿا ته عورت جو ڪم آهي مرد جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻار ڄڻڻ. هوءَ ڪنهن اعليٰ ڪمال واري رتبي تي پهچي نٿي سگهي، ڇو جو کيس ڪائنات جي خالق اهڙين صلاحيتن کان وانجهيل رکيو آهي، عورت کي صرف ٻارن جي نگهداشت ڪرڻ کپي، هوءَ پنهنجي حدن ۾ رهي، اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندي ته معاشري ۾ تخريب جو امڪان پيدا ٿيندو ۽ اهڙا تعصب ڀريا نقطا مردن جي دليلن ۾ شامل آهن.

هاڻ مٿين مڙني حقيقتن کي جاچڻ لاءِ اسان کي زرعي انقلاب کان پهرين واري دور جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ تاريخ کي جاچڻو پوندو، تڏهن اسان حقيقتن کي سمجهي سگهنداسون، علم الانسان جا شاگرد متفقه طور تي اها ڳالهه تسليم ٿا ڪن ته عورت کي مرد تي برتري زرعي انقلاب جي اچڻ کانپوءِ حاصل ٿي آهي جڏهن ته زرعي انقلاب کان اڳ وارو معاشرو مادري هو، جنهن ۾ اهم حيثيت عورت کي حاصل ڪئي، عورت تي مرد کي برتري نه هئي. ٻار ماءُ جا سڏبا هئا، پيءُ کي گهر ۾ ثانوي حيثيت حاصل هوندي هئي پر عورتن کي زرعي انقلاب کانپوءِ پوئتي ڌڪيو ويو ۽ مرد غالب ٿي ويو. حالانڪه زراعت جو علم به عورت کي حاصل هو، ڌرتي تي زرعي ترقي آڻڻ جو سبب به عورت هئي پر زرعي انقلاب اچڻ کانپوءِ عورت تي مرد غالب ٿي ويو.

دنيا جو مشهور ڏاهو رچرڊ ليون سوهن سندس شهره آفتاب ڪتاب A HISTORY OF SEXUAL CUSTOM) )  ۾ لکي ٿو ته ابتدا ۾ انسان جنسي آزادي جي زندگي بسر ڪندو هو، ان ڪري هن کي اها خبر نه هوندي هئي ته سندس پيءُ ڪير آهي، ان ڪري ٻار ماءُ جي نالي سان سڏبا هئا، 1861ع ۾ سوئيزرلينڊ جي قانوندان جوهان جيڪب باخوفن مادري نظام واري معاشري تي هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾  هن انهن نظرين جو انڪشاف ڪيو جنهن مرداڻي سماج کي لوڏي وڌو، عورت جي مٿان مرد جي برتري کي هڪ ڪوڙو قرار ڏنو، هن اهو چيو ته فطرت ڪنهن به حوالي سان مرد کي خاندان جو سربراهه ناهي ٺاهيو پر عورت خاندان جي اڳواڻ بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ اها ذميواري عورت کي تفويض ٿيل هئي، صديون پهرين مرد عورت جو حق ضبط ڪيو آهي، باخوفن مردن کي سبق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اڳ ۾ ڪڏهن به خاندان جو سربراهه نه رهيو آهي ۽ هينئر به ڪن قبيلن ۾ عورت کي اڄ به سربراهه جو درجو حاصل آهي، باخوفن سندس اهڙي نظريي جو بنياد هيروڊوش جي بيان تي به رکيو جنهن چيو ته اڄ به مرد پنهنجي ماءُ جي نالي سان سڏبا آهن نه ڪي پيءُ جي نالي سان. ٻئي طرف مارگن پڻ اهو ثابت ڪيو ته دور قديم ۾ ڪنهن کي اها خبر نه هوندي هئي ته ٻار جو ڪير پيءُ آهي ان ڪري اولاد ماءُ جي نالي سان سڏبو هو ۽ عورت کي اهم حيثيت ۽ مقام مليل هو.

زرعي انقلاب کانپوءِ مرد کي عورت تي فوقيت حاصل ٿي وئي، مذهبي پيشوائن مندرن ۾ ديو داسين رکڻ جو رواج وڌو، جنهن مان ياتري مستفيض ٿيندا هئا ۽ ملندڙ رقم وري پوڄاري کڻندا هئا، ايئن صديون اڳ ۾ عورت کي مذهب جي نالي تي پٺتي ڌڪيو ويو ۽ هوءَ اڄ به ان دلدل مان نڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، زرعي انقلاب کانپوءِ دنيا جي گولي تي کوڙ سارن ملڪن ۾ عورت کي سندس مقام کان هيٺ ڪيرايو ويو، حالانڪه ان زماني ۾ مصر ۾ عورت کي اهم مقام حاصل هو، فراعين مصر جون گهرواريون ان وقت به خود مختيار هونديون هيون کين حڪومت جو حق حاصل هو، ملڪه نيت، ملڪه هت شپ، شاهه ٺٺ موهٽ جون ڌيئرون هيون جن وٽ لکين ايڪڙ زمين هئي ۽ اهي مصر ۾ حڪومت جون والي وارث هيون ۽ وقت جون حاڪم هيون پر اڪثر جڳهين تي اها صورتحال برقرار نه هئي، اتي عورت کي جانورن وانگر مرد جي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هو، برده فروشي جي واپار عورت کي بازار جي جنس بڻائي وڌو، پوءِ حاڪم وقت جي محلن ۾ هزارين ڪنيزون رکڻ جو رواج پئجي ويو، بادشاهه امير دوستن کي ڪنيزون تحفي ۾ ڏيڻ لڳا ۽ ايئن ويچاري عورت لٽبي رهي بي دام….!

ٻئي طرف قديم زماني جي شاعرن ويچاري عورت کي ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي ۾ مڪار، بيوفا، فريبي ظاهر ڪيو، الف ليليٰ داستان بهار دانش ۽ ليکڪ چامر بوڪاڪيو بالزاڪ جي ڪهاڻين ۾ عورت کي مڪار فريبي، بيوفا ۽ خود عرض ظاهر ڪيو ويو. حالانڪه حقيقت ۾ هڪ ڪڙو ۽ وڏو سچ اهو آهي ته عورت کي خراب ڪرڻ وارو مرد آهي پر مرداڻي سماج ۾ فلاسافرن، فنڪارن، اديبن، تمثيل نگارن، شاعرن ڪائنات جي اهم رڪن کي سواءِ خوار خراب ڪرڻ جي ٻيو ڪو به رستو نه ڏنو.

دنيا جي مشهور ڏاهن جي تحريرن مان عورت کي سواءِ حقارت جي نظر سان ڏسڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. مثال طور:

عورتون شيطان جون ڌيئرون آهن (اورائجن)

عورت غلاظت جو ڍڳ آهي (برنارڊلي)

خدايا تنهنجو شڪر آهي جو تو مون کي مرد ٺاهيو (افلاطون)

جڏهن قدرت ڪنهن کي مرد ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿيندي آهي ته پوءِ کيس عورت بڻائيندي آهي (ارسطو)

ٽيهن سالن کانپوءِ به مون کي خبر نه پئي ته عورت اصل ڇا ٿي چاهي (هپالي شر)

آئون جنهن عورت سان عشق ڪريان ٿو ان لاءِ جان ته ڏئي سگهان ٿو پر سڄي عمر ساڻس گڏ رهي نٿو سگهان (بائرن)

دور جديد ۾ ڪارل مارڪس عورت ۽ مرد لاءِ حقيقي مساوات جي تبليغ ڪري ٿو ۽ اسان دنيا جي گولي تي اهو به ڏٺو ته جتي مارڪسي نظريا سگهارا هئا اتي عورت سندس وڃايل مقام ضرور حاصل ڪيو آهي.

عورتن جي عالمي بيداري ۾ سوفر ڪلينر جو افسانوي ڪردار انٽي گوني هئي جيڪا شاهه ايڊپس جي ڌيءَ هئي هن جا ٻه ڀائر هئا، هڪ شاهه جو حمايتي ۽ ٻيو باغي، جيڪي هڪ ٻئي سان وڙهندي مارجي ويا، وقت جي شاهه حڪم ڪيو ته جيڪو منهنجو حمايتي هو ان کي سرڪاري اعزاز سان دفن ڪيو وڃي ۽ باغي جو لاش ڪچري جي ڍير تي اڇلايو وڃي جيڪو به ان لاش کي ڏسڻ ويندو يا دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان جو به حشر ان لاش جهڙو ڪيو ويندو، اهڙي چئلينج تي انٽي گوني جي خون ۾ جوش اچي ويو ۽ هن بغاوت شروع ڪئي. شاهه جي حڪم خلاف هن ڀاءُ جي لاش کي ڪچري تان کڻي عزت احترام سان دفن ڪيو، سندس اهڙي گستاخانه عمل ڪري کيس شاهه ڦاسي جي سزا جو حقدار قرار ڏنو. هن بهادر عورت اها سزا کلندي قبول ڪئي، سندس اهڙي بهادري واري عمل عورتن ۾ الاهي اتساهه ڦوڪيو، انٽي گوني جو پوئلڳ بڻجي سماج مان فرسوده رواج کي ڪڍڻ لاءِ ميدان عمل ۾ داخل ٿي جدوجهد ڪرڻ لڳيون. انٽوني گوني جدوجهد جي علامت طور عورتن جي رهبر ۽ رهنما جو درجو حاصل ڪيو ۽ پوءِ عورتن مردن طرفان قائم ڪيل خوامخواهه جون بندشون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. سوين سال پهرين اسپين جي مشهور فلسفي انڊرش ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو، عورت کي خالق ڪائنات هر طرح جي فن، جذبي ۽ طاقت سان نوازيو آهي ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ مرد کان گهٽ نه آهي، اڳتي هلي هن صدي جون عورتون اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن ته واقعي ابن رشد جون سالن کان پهرين ڪيل اڳڪٿيون درست آهن، اڄ عورت هڪ عام سپاهي کان وٺي هڪ جرنيل وارو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪري پئي، ملڪن جي اڳواڻي به عورت ڪري رهي آهي بهتر انداز سان.

اسان جي روايتي زندگي ۽ اسان جا نام نهاد اخلاقي معيار هتي عورت کي اڳيان وڌڻ نٿا ڏين نه ته عورت ۾ به خدا تعاليٰ الاهي ساريون صلاحيتون ۽ گڻ رکيا آهن جن جو هوءَ استعمال ڪري معاشري جي ترقي ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي سگهي ٿي.

صنعتي انقلاب دنيا ۾ جتي هارين ۽ مزدورن کي سندن استحصال جو احساس ڏياريو اتي عورت کي به سندس استحصال جو احساس محسوس ٿيو ۽ صنعتي انقلاب عورت کي به اڳتي اچڻ جا موقعا فراهم ڪيا ته هوءَ به مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري. روس جي خلاباز عورت ته مرد جي برتري واري ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي ته هو ڪو جسماني طور تي وڌيڪ سگهو آهي پر افسوس سان اهو به چوڻو ٿو پوي ته يورپ جي عورت آزادي کي غلط سمجهيو ۽ هن جي بي راهه روي ۽ پاڻ کي هروڀرو رانديڪو ٺاهي مردن جي تسڪين جو سامان بڻجڻ کيس هڪ دفعو وري پٺتي ڌڪڻ جو سبب بڻيو نه ته اشتراڪي معاشري ۾ عورت هر طرح جي اقتصادي ۽ سياسي آزادي حاصل ڪري معاشري ۾ الاهي عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. هاڻوڪي صدي م اهو محسوس ٿو ڪجي ته عورت صدين کانپوءِ سندس وڃايل مقام حاصل ڪندي ۽ هوءَ معاشري جي مردن سان برابري جي بنياد تي ڪم ڪري سگهندي. هڪ اهم نقطو ۽ اهم ڳالهه جيڪا عورت کي مرد کان وڌيڪ افضل ۽ ممتاز ٺاهي ٿي اها اها آهي ته عورت ماءُ بڻجڻ جي طاقت رکي ٿي جڏهن ته مرد اهڙو عمل نٿو ڪري سگهي، ان ڪري هوءَ ماءُ بڻجي ممتا جي پاڪيزه جذبي سان ڪائنات کي آشنا ڪري ٿي جيئن بقول ميڪ ڊوگل جي ته عورت ماءُ جي حيثيت ۾ قرباني، ايثار، همدردي ۽ خير سگالي جو سنگ بنياد آهي ۽ هن سڄي ڪائنات ۾ رهندڙ مڙني انسانن کي اهڙن جذبن جي سخت ضرورت آهي، اچو ته عورت جي اهميت ۽ سندس عظيم جذبي جو قدر ڪري کيس مان ڏيون ۽ عورت کي گهرجي ته هوءَ سندس حقيقي مقام حاصل ڪري ۽ آزادي جو غلط مطلب نه وٺي پر حقيقي آزادي جو مزاج حاصل ڪري معاشري جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

*********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *