وقار يونس منهنجو وڏو آهي جيڪڏهن ڪجهه چئي به ڏيندو ته ان جو جواب نه ڏيندس: سرفراز احمد

آڪلينڊ(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽر سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته ان جو وقار يونس سان ڪڏهن به جهڙو ناهي ٿيو، قومي ڪوچ جو رويو وڏي ڀاءُ جهيڙو آهي، ٽيم کٽي رهي آهي غلط ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ڏکڻ آفريڪا خلاف شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد چيو آهي ته ڪوچ وقار يونس منهنجو وڏو آهي جيڪڏهن هو ڪجهه چئي به ڏيندو ته ان جو جواب نه ڏيندس، ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ ئي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد چيو ته ان جو ڪنهن سان ڪوبه اختلاف ناهي، سرفراز احمد چيو ته ٽيم جو مومنٽم بڻجي رهيو آهي اهڙيون ڳالهيون نه ڪيون وڃن جنهن سان ڪارڪردگي متاثر ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *