لاڙڪاڻي ۾ لڙ قمبر ۾ امبر ۽ اليڪشن: ساجد علي تنيو

نصيرآباد 1658 ۾ ميان نصير احمد ڪلهوڙو هن شهر جو بنياد رکيو هن شهر کي ان دور ۾ ڪلهوڙن، ٽالپرن، هن شهر کي صاف سٿري لاءِ نظام رکين، 1860 ۾ مختلف ڳوٺن هندو ڀائر لڏ پلاڻ ڪري ڪجه وقت کان پوءِ شهر جو بهتري لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي ۽ ڪجه ماڻهو مقرر ڪري شهر کي صاف سٿرو ڪري شهر کي سجايو ويو ۽ شام جي پهر ۾ محفل مچائي روشني جو نظام بهتر ڪيو، ان کان پوءِ انگريز سرڪار اچي نصيرآباد تعلقي جو درجو ڏئي شڪارپور ضلعي ۾ شامل ڪيو ان کان بعد انگريز سرڪار مرزا ڪليج بيگ کي مختيار ڪار نصيرآباد ۾ مقرر ڪريو هن ڏاهي تعليم کي عام ڪيو جنهن ۾ غريبن جا ٻار به تعليم حاصل ڪندا هئا هي شهر ان دور کان وٺي باشعور ۽ تعليم يافته رهيو آهي مرزا ڪليج بيگ جي ڪري هن تعلقي جي اندر مير پير ۽ ڀوتارن جو خاتمو هن ڪري ڇڏيو، 12 سالن کان بعد نئون ضلعو لاڙڪاڻو ٺاهي تعلقو نصيرآباد ختم ڪري تعلقي واره ۾ شامل ڪيو ان بعد انگريز دور هن نظام کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي نوٽي فائڊ جو درجو ڏئي هڪ ٿاڻو لائبريري ۽ هڪ مين پرائمري اسڪول قائم ڪيو اڄ کان 127 سال ۾ تعليم هجڻ ڪري هي شهر تعليم يافته ۽ واپاري طبقو قائم ٿيو تعلقي ۽ ٽائون بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون تيز مير پير ڀوتار پ پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل ڀوتارن جون ننڊون حرام نصيرآباد ٽائون ڪميٽي 12 وارڊن ۾ 2 عورتن سميت 70 اميدوار ميدان ۾ لٿل 2 ڏينهن رهڻ جي ڪري ورڪ تيز پ پ پ جي اميد وارن سان سياسي سماجي تنظيمن ۽ آزاد اميدوارن جو چوٽي جو مقابلو 1947 ع پاڪستان جي آزادي کان پوءِ صدر ايوب جي دور ۾ بلدياتي نظام جو بنياد رکيو ۽ اليڪشن ڪرايو جنهن ۾ 1964 ۾ بشير احمد ڌڪني چئرمين ٿيو جنهن بعد واڇا ٿيو ان بعد چئرمين قاضي فضل الله جي آشيروا سان حاجي جمع خان شيخ چئرمين ٿيو جنهن پنهنجي دور ۾ مين گيٽ نصيرآباد سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽ ۽ مڇي مارڪيٽ ان کان علاوه شاندار هوٽل السرا جي نالي لڳايو جنهن ٽيڪس لاڳو ڪئي ان کان بعد وڏيرو محمد اقبال مسڻ جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو گهرو دوست هيو ان بعد حاجي محمود شيخ ان بعد محمد رمضان شيخ ان کان پوءِ 1987 ع ۾ ڪريم بخش شيخ چئرمين ٿيو ان کان بعد 1993 ع ۾ شهيد محترمه بينظير جي دور ۾ ايڊمنسٽريٽر محمد حيات شيخ محترمه جي دور ۾ نصيرآباد ۾ گريڊ اسٽيشن ، سئي سدر گئس ، ٽيليفون جو سسٽم بحال ڪرايو ان کان بعد 1996 ۾ نواز شريف جو دور ۾ جيڙو جو تيڙو دور هلندو رهيو جنهن بعد 1999 ع ۾ پرويز مشرف نواز شريف تي ٽيڪ اوور ڪري 2000 ع ۾ ڪمشنري نظام ختم ڪري ضعله حڪومت ٺاهي ۽ تعلقا ۽ يوسي نظام بحال ڪري عوام جي ڀلائي عوامي چونڊيل نظام تمام بهتر هيو جنهن ۾ عوام پنهنجو دل جو اوٻر پنهنجي چونڊيل نمائندي سان حال اووريندو هيو ان وقت 2000 ع ۾ اليڪشن ڪرائي وئي جنهن ۾ يوسي ناظم محمد حيات شيخ ۽ نائب ناظم امان الله تنيو چونڊجي ويا ۽ 4 سال عوام جي خدمت ڪئي جنهن بعد 2004 ع ۾ پرويز مشرف جر دور ۾ ۽ وزير اعلي! سنڌ ڊاڪٽر ارباب رحيم نواب شبير احمد چانڊيو کي ق ليف ۾ شموليت جي دعوت ڏني، ۽ قمبر ضلعو تحفي ۾ ڏنو ويو .

نواب شبير احمد چانڊيو پ پ پ کي الودا ڪري تاريخي ضلعي لاڙڪاڻي کي ٽوڙي نئو ضلعو قمبر ٺاهي جنهن کي 7 تعلقه ڏنا ويا شهداد ڪوٽ مان قبو سعيد خان تعلقو ٺاهيو ميرو خان کان سجاول جوڻيجو واره مان ڪٽي نصيرآباد مان ٺاهيو ويو ، ۽ قمبر تعلقي سميت 7 تعلقا ٺاهيا ويا ان کان بعد شهداد ڪوٽ جي ايم پي اي سلطان کهاوڙ ۽ نواب شبير احمد چانڊيو ۾ اختلافن سبب قمبر ڪٽي ضلعو شهداد ڪوٽ ڪيو جڏهن ته قمبر جو عوام ساڳي نالي لاءِ روڊن تي نڪري آيا ۽ کيس احتجاج ڪري مطالبو ڪيو ته ضلعو قمبر ڪيو وڃي جڏهن ته ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو جنهن سبب ٻنهي ڌرين جا ڪجه ماڻهو شهيد ٿي ويا جنهن ڪري ارباب سرڪار مجبور ٿي ضلعي جو نالو قمبر شهداد ڪوٽ ايٽ قمبر رکيو ويو ان کان بعد اليڪشن جو اعلان ٿيو جنهن بعد غير جماعتي طور تي اليڪشن ۾ پوري ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ خوش حال پينل ۽ عوام دوست پينل اميد وارن ۾ فارم ڀرايا ويا ان کان پوءِ اليڪشن جي سرگرمي شروع ٿيڻ کان ارباب رحيم جي سرڪاري مشنري ڏينهن رات هڪ ڪري عوام دوست پينل جا اميدوار بيهڻ جي لاءِ تيار نه هيا هر ڪو پارٽي مٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا جنهن ۾ يوسي نصيرآباد ۾ ناظم محمد حيات شيخ ۽ نائب نائب ناظم ضياب الدين عباسي ۽ يوسي ڏيرا جي حسين بخش جت ۽ نائب وهاب تنيو جڏهن ته ان دور جو ايس ايڇ او سرڪار جي ونگار وهندي پريشر لائز ڪري انهن مٿان هٿيار جي تحت ڪيس داخل ڪندس جون ڌمڪيو ڏنيو ويون ۽ هٿ کڻڻ لاءِ چيو ويو ڏينهن رات پريشرلائز ٿي شريف ماڻهو هٿ کڻي تي مجبور ٿي ويا ۽ پنهنجن عهدن تا رٽائر ٿي ويا اليڪشن جي ڏينهن محمد حيات شيخ جي ڪاميابي يقيني هئي ايس ايڇ او نصيرآباد ۽ ڊي ايس پي نصيرآباد ڪاميابي ماڻيندڙ پ پ پ اڳواڻ محمد حيات کي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد ڪيو ويو ۽ شام جي پهر الائونس مين ڪري عبدالخالق مسڻ کي ڪامياب ڪرايو ويو ان بعد تعلقه ناظم خالد حسين تنيو چونڊجي وڃڻ بعد نصيرآباد تعلقو جنهن کي اڌ پئرس چوندا هيا . ان تعلقي ۾ اهڙن چونڊيلن نمائيدن جي ڪري کنڊرات بڻجي ويو جڏهن ته تعلقي جي بجيٽ 12000000 مهانا ۽ سورس آمد جي شرح به لڳ ڀڳ 2000000 روپيا هئي پر اهڙن ڪرپٽ چونڊيل جي بيڌياني سبب شهر تباهي جي ڪناري تي پهتو جڏهن ته انڪروجمينٽ وڌي وئي ۽ اسٽريٽ لائيٽ جو ته ڪو نالو نشان نه رهيو ۽ صفائي جو نظام درهم برهم ڪيو ويو جڏهن ته صفائي جو سبب ڄاڻائي 350 ملازم کنيا ويا جنهن ۾ اڌ ريشو چونڊيل نمائيندن جو رهيو .

وڏن وڏن عهدن تي تي پنهنجا نوازيا ويا جڏهن ته 5 سالن کان بعد پ پ پ حڪومت ناظم جو ٽائيم پيرڊ پورو ڪري ڇڏيو ان کان بعد ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ٻٽو نظام قائم ڪيو جڏهن ته قومرستن جي جهدوجهد جي ڪري ٻٽو نظام ختم ڪري ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ کان بعد اليڪشن جا ٺلا آسرا ڏنا ويا جڏهن ته سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺندي بلدياتي اليڪشن ڪرايو بعد ۾ سنڌ حڪومت مجبور ٿي بلدياتي اليڪشن جو اعلان ڪيو ويو جنهن جي 31 آڪٽومبر مقرر ڪيو ويو جنهن کان بعد بصيرآباد يوسي ختم ڪري ٽائون بحال ڪري 2 يوسيون نيون ٺاهي تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ نصيرآباد تعلقي ۽ هڪ ٽائون بحال ڪري 12 وارڊ ٺاهي اميدوارن پنهنجا آر او آفيس مان فارم ورتا ، فارم وٺڻ کان بعد پهريون ڀيرو پارٽي جي بنيادن تي اليڪشن وڙهي رهيا آهن اليڪشن جا فارم 12 وارڊن ۾ 102 اميدوارن جا فارم ورتا ويا ڪجه اميدوار پارٽي جي نشان جي الاٽ کان پوءِ پ پ پ جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي قيادت جي کوٽ هجڻ ڪري اميدوار آمهون سامهو بهجي ويا ٻن سردارن ۽ ميرن جھي حمايت حاصل هجڻ ڪري اميدوارن جي ورڪ ۾ ميدان تي لهي پيا نصيرآباد جي ٻاره وارڊن ۾ 3 عورتن سميت 78 ڄڻا ميدان ۾ لٿل جن ۾ پ پ پ جي مقابلي ۾ قومي عوامي تحريڪ ، پي ٽي آءِ ، جي يو آءِ ، مسلم ليگ ن ، ايس يو پي، پيپلز ورڪز پارٽي، عوامي ورڪز پارٽي، شهيد ڀٽو، هاري ڪميٽي ۽ آزاد اميدوار ميدان ۾ اچي ويا، جڏهن ته پهري وارڊ ۾ پ پ پ جي نامزد اميدوار انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو جي مقابلي ۾ جي يو آءِ، جي جنرل ڪائونسلر مولانا ياسين ڪانڌڙو، ۽ آزاد اميدوار صحافي عبدالحفيظ شيخ ، نارائن داس ، اختيار ڪلهوڙو، منٺار تنيو، ۽ اعجاز شيخ، جڏهن ته وارڊ 1 ۾ ٽوٽل ووٽ 1700 داخل آهي ، جڏهن ته پ پ پ جي اميدوار انجنئر خان محمد ڦلپوٽو جي حق ۾ نارائن داس . صحافي عبدالحفيظ شيخ ۽ منٺار تنيو حق ۾ رٽائر ٿي ويا هن تڪ تي پ پ پ ۽ آزاد اميدوار اعجاز شيخ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيندو جڏهن ته تنيا بردري، سولنگي، مسڻ، جتوئي، بروهي برادري، ڦلپوٽا جي پ پ پ ۾ حمايت هجڻ جي ڪري پيپلز پارٽي جو اميدوار آساني سان ڪامياب ٿي ويندو ،

جڏهن ته وارڊ 2 تي پ پ پ جي نامزد اميدوار حاجي وزير ڦلپوٽو جي مقبلي ۾ پيپلز ورڪز پارٽي جي اميدوار اعجاز سومرو ۽ آزاد اميد وار سردار غوث بخش ڪاٺيو ، صحافي رشيد مسڻ ، سيد سخاوت علي شاه ، محمد عظيم ٽڳڙ ، قومي عوامي تحريڪ جو شوڪت علي تنيو ، پي ٽي آءِ منظور علي ڳوانس جڏهن ته وارڊ ۾ 1500 ووٽ داخل آهي هن وارڊ پيپلز پارٽي جي اميدوار ڪمزور هجڻ جي ڪري هن وارڊ ۾ اصل مقابلو پيپلز پارٽي جي ورڪز پارٽي جي اعجاز سومرو، پ پ پ کان ناراض ٿيل سٽي وائس پريزيڊينت محمد عظيم ٽڳڙ کي ٽڪيٽ نه ملڻ ڪري آزاد اميدوار ۾ چوٽي جو مقابلو جڏهن ته اعجاز جي حق ۾ ميان امام الدين عباسي جي حمايت هجڻ جي ڪري ڪامياب ٿي ٿو سگهي. جڏهن ته وارڊ 3 تي پ پ پ جي اميدوار بخش علي چانڊيو قومي ورڪز پارٽي جي ڪامريڊ مهرالنساءِ ايس يو پي شبير کوکر، ۽ آزاد اميدوار ڪامريڊ عاشق نوناري هن وارڊ ۾ ٽوٽل 1400 ووٽ داخل آهن جڏهن ته پ پ پ جي اميدوار بخش علي چانڊيو ، ۽ ڪامريڊ مهرالنساءِ جي نهن چوٽِ جو مقابلو، وري وارڊ نمبر 4 تي پ پ پ غلام نبي سولنگي پيپلز ورڪز پارٽي جي منظور ڪلهوڙو ، آزاد اميدوار ضمير حسين مغيري ۽ ڊاڪٽر الياس کوکر ۾ سخت مقابلو جڏهن ته وارڊ ۾ 1200 ووٽ آهن ، وارڊ نمبر 5 تي مامي ڀاڻج ۾ مقابلو ،پ پ پ جي معشوق نوناري، عوامي ورڪز پارٽي ڪامريڊ سينگار نوناري ، ايس يو پي جي اصغر ڪانڌڙو، آزاد اميدوار ڌڻي بخش چنجڻي ، جڏهن ته ووٽ ٽوٽل 1300 داخل آهي جڏهن ته مامي ۽ ڀاڻجي ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو. جڏهن ته وارڊ 6 تي پ پ پ اميدوار عبدالرزاق نوناري، ايس يو پي معراج ڦلپوٽو، عوامي ورڪز پارٽي جي ڪامريڊ غلام مصطفي! نوناري ۾ سخت مقابلو. وارڊ 7 تي پ پ پ جي محمد حيات شيخ ، آزاد اميد وار مسمات زليخان رڏ، قومي عوامي تحريڪ رفيع لغاري ، هاري ڪاميٽي جي جميل شيخ، آزاد اميدوار ضمير شيخ هن وارڊ ۾ 800 ووٽ داخل آهن هن وارڊ اصلي مقابلي ۾ پ پ پ جي اميد وار سان پورهيت عورت مسمات زليخان رڏ جو مقابلو آهي اصلي ڪاميابي پ پ پ جي يقيني آهي، وارڊ 8 تي پ پ پ جي اميدوار ڊاڪٽر رميش لعل سندراڻي ، مسلم ليگ ن جو حافظ عبدالروف شيخ ۽ آزاد اميد وار ممتاز شيخ ، ارشاد سولنگي سان چوٽِ جو مقابلو آهي جڏهن ته وارڊ ۾ 900 ووٽ داخل آهن وارڊ 9 تي پ پ پ جي اميدوار عبدالقيوم پتوجو ۽ آزاد اميدوار محمد نواز سولنگي سان سخت مقابلو وارڊ ۾ 900 ووٽ آهي . وارڊ 10 پ پ پ پاران منظور احمد شيخ ، شهيد ڀٽو جي رسول بخش کوسو، ايس يو پي جي رياض شيخ جو مقابلو ٿيندو، ووٽ جو تعداد 1000 جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته وارڊ 11 تي پ پ پ جي اميد وار ممتاز رڏ ، شهيد ڀٽو جو مختيار خاصخيلي ، آزاد اميدوار صحافي آزاد جبار منگي ۽ ڪامريڊ دلدار ايري جو نهن چوٽي جو مقابلو آهي جڏهن ته ووٽ جو تعداد 1100 آهي جڏهن ته 12 وارڊ تي پ پ پ جي اميدوار جي حاجي فضل محمد مسڻ ۽ آزاد اميدوار ملوڪ لغاري ، ايس يو پي رمضان لغاري ، شهيد ڀٽو جي پنهل لغاري، ۾ سخت مقابلوٿيندو جڏهن ته 1100 جي لڳ ڀڳ ووٽ داخل آهن . هن 12 وارڊن آهن. برحال ڪير به اچي پر خدارا ڪجه احساس ڪري هن شهر جي سنڀال لڌي وڃي ته جئين ٻيهر ووٽن ۾ ورڪ ڪرڻ جي ضرورت نه پوي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪير کٽي شهر جي سنڀال لهندو …………..؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *