ٽيسٽ سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪرڻ بهتر آهي، سيريز جي پڄاڻي به ٻڙي تي ڪرڻ پسند ڪنداسين: وقار يونس

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته انگلينڊ جي خلاف ٽن مئچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي برتري حاصل ڪرڻ بهتر آهي جڏهن ته هو سيريز جي پڄاڻي ٻه ٻڙي تي ڪرڻ پسند ڪندا پاڪستاني ٽيم پنهنجي اسپن ۽ ريورس سوئنگ جي قوت کڻي ميدان ۾ لهندي هڪ انٽرويو ۾ وقار يونس چيو ته پاڪستاني رانديگرن کي دبئي ٽيسٽ کٽڻ تي ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو خاص طور تي بالرز انگلينڊ به سخت مزاحمت ڪئي ۽ هي ڪرڪيٽ جو هڪ بهترين مئچ هو وقار يونس دبئي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ بهترين اشتهار قرار ڏيندي چيو ته هن ڏينهن حقيقت ۾ ڪرڪيٽ جي فتح ٿي هن ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ڪنهن قسم جو خطرو آهي هي ئي اصل ڪرڪيٽ آهي ۽ هي ختم نه ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *