سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، پ پ ۽ ن ليگ جي ڏنڊا پٽ:مظهر خاصخيلي

دنيا جي نقشي تي سنڌ اهڙو خطو آهي جيڪو صدين کان وٺي آباد آهي هن ڌرتيءَ تي ايترا معدني وسيلا موجود آهن جو ڌرتيءَ ڌڻين مٿان خرچ ڪيا وڃن ته سنڌ اندر بيروزگاري، بک بدحالي، نوجوانن جي روز خودڪشين ڪرڻ وارو عمل جو نالو نشان ئي نه هجي ها ۽ نه ئي وري سنڌ جا روڊ رستا ائين ڀڳل ٽٽل هجن ها ۽ نه ئي وري اسڪولن جي بلڊنگن ۽ اسپتالن سميت سرڪاري عمارتن جي زبوني حال هجي ها. ان حوالي سان اصل سچ ڇا آهي اهو سنڌ ڌرتيءَ جي رهواسين کي ٻڌائڻ گهرجي ڇو ته دنيا اندر ناڻي جي ورهاست جو ڪٿي به اهڙو عمل ناهي جهڙو موجوده پاڪستان اندر هلي رهيو آهي ۽ هونئن به 1940 جي قرارداد ۾ اهڙي ڪنهن عمل جو ذڪر ئي ٿيل ناهي جيڪو اڄ ورجايو ٿو وڃي. سنڌ ڌرتي جا رهواسي اربين روپين جو ساليانو ٽيڪس وفاق کي ڏين ٿا ۽ وفاق موٽ ۾ سنڌ کي ڇا ڏئي ٿو اها به سوچڻ ۽ سمجهڻ جهڙي ڳالهه آهي. دنيا اندر ڪٿي به آدمشماري جي بنياد تي ناڻي جي ورهاست ناهي ٿيندي پر افسوس ۽ ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جي هن ملڪ اندر ناڻي جي ورهاست آدمشماري جي بنياد تي ڪئي ٿي وڃي ۽ سنڌ جو سڀ کان گهڻو ناڻو پنجاب جي مٿان خرچ ٿي رهيو آهي اها ڳالهه انهن سياسي ڌرين کي ڇو نه ٿي سمجهه ۾ اچي ڇا سالن کان وٺي سنڌ سان ناڻي جي ورهاست تي جيڪا ناانصافي ڪئي ٿي وڃي اها برداشت ڪرڻ جوڳي آهي؟ ڏک ته ان ڳالهه جو به آهي جيڪا سنڌ ڌرتي 75 سيڪڙو گئس پئداوار ڏئي ٿي ۽ 70 سيڪڙو ملڪ کي روينيو ڏئي ٿي ان سنڌ جا نوجوان اڄ تيزي سان ذهني مريض بڻجي رهيا آهن جن جي هٿن ۾ ڊگريون آهن ۽ نوڪرين لاءِ ڀٽڪي رهيا آهن پر وفاقي ادارن اندر خاص ڪري سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ملڻ محال آهي جيڪڏهن ڪن اٽي ۾ لوڻ برابر سنڌ جي رهواسين کي وفاقي ادارن ۾ نوڪريون مليل آهن ته به انهن کي شڪ جي بنياد تي ڏٺو وڃي ٿو ڄڻ هو هن ملڪ جا شهري نه هجن. اهڙو ماحول هن ملڪ اندر سالن کان وٺي جڙيل آهي ڇو ته جيڪا هن وقت موجوده قومي اسيمبلي چونڊجي آئي آهي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون صرف هڪ صوبي پنجاب جون آهن جيڪي 170 جي لڳ ڀڳ آهن باقي ٽن صوبن جون ٽوٽل سيٽون ملائجن ته 139 جي لڳ ڀڳ ٿين ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ هن ملڪ مٿان صرف پنجاب ئي حاڪم رهي سگهي ٿو ۽ جنهن کي پنجاب چاهي اهو وزير اعظم ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي صورتحال هن وقت موجوده وفاقي حڪومت جي آهي جنهن کي اسان مسلم ليگ ن جي حڪومت سڏيون ٿا. ڇا هيءَ ڳالهه پختونن، بلوچن، سنڌين، جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ ناهي ته ملڪ جو وزيراعظم، ناڻي وارو وفاقي وزير، گهرو وزير، پاڻي ۽ بجلي جو وزير، ريلوي جو وزير، دفاع جي وزير سميت موجوده وفاقي ڪابينا ۾ چار پنج ماڻهن کان سواءِ سڀ جا سڀ پنجاب صوبي جا آهن اهي جيڪو عمل ورجائي رهيا آهن اهو سنڌ ڌرتيءَ جي سمورين رهواسين اڳيان کليل ڪتاب جيان آهي.

پيپلزپارٽي ڀلي وفاق جي پارٽي آهي هن کي سنڌ جي وسيلن سان ايتري دلچسپي ڀلي نه هجي پر اهو به ته سچ آهي ته پ پ کي اليڪشن واري ماحول ۾ وري به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ڏي موٽي اچڻو آهي ۽ ان جي ڪري اڳوڻي پ پ جي وفاقي حڪومت جيڪڏهن سنڌ مان ننڍي سطح تي بجلي پئدا ڪندڙ شگر ملن ۽ خانگي ڪمپنين کان بجلي خريد ڪرڻ وارو جيڪو عمل شروع ڪيو هو اهو عمل موجوده مسلم ليگ ن وفاقي حڪومت بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو هاڻي لڪي سيمينٽ فيڪٽري، دادو انرجي، شڪارپور پاور، ٺٽو پاور ۽ ٻين ڪمپنين طرفان وفاق کي وڪرو ٿيندڙ بجلي خريد نه ڪندي. ڇا هيءَ ڏک ۽ تڪليف جهڙي ڳالهه ناهي ۽ هن مسئلي تي ڏندين آڱريون نه اچڻ گهرجن. سنڌ سان هي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي اهڙي سلوڪ تي به جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ انهن ڌرين کي ڌرتي ماءُ ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پنهنجو پاڻ کي ساڃاهه وند سڏائيندڙ ڌرين کي ضمير اندر جهاتي پائي سوچڻ گهرجي ته هڪ صوبو ٻئي صوبي سان جيڪو ورتاءَ ورجائي رهيو آهي ڇا اهو هن ملڪ جي سلامتي لاءِ ٺيڪ آهي ۽ اهو ڪٿان جو دستور آهي ته پنجاب جو جيڪڏهن موجوده وفاقي وزير احسن اقبال جڏهن بگڙي تڏهن سنڌي ماڻهن کي ڪچيون گاريون ڏئي اڃا سنڌي ماڻهن کان اها ڳالهه وسري ناهي جڏهن اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار لاءِ جي لاءِ لاهور مان لانگ مارچ نڪتو هو ته احسن اقبال جيڪو ڪجهه سنڌي قوم لاءِ ڳالهايو هو اهو اڄ به رڪارڊ تي آهي. باقي جيڪو عمل وفاقي حڪومت سنڌ جي مختلف ڪارخانن ۽ ڪمپنين کان بجلي نه خريد ڪرڻ وارو عمل ورجايو آهي اهو ٿورو ناهي جيڪڏهن پنجاب جي مختلف فيڪٽرين ۽ ڪمپنين کان في يونٽ بجلي 21 روپين ۾ خريد ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ 8 روپيا 48 پئسن ۾ خريد ٿيندڙ سنڌ جي مختلف ڪمپنين ۽ ڪارخانن جي قيمت هاڻي گهٽائي في يونٽ 6 روپيا ۽ ڪجهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ان حوالي سان ننڍن پاور پروڊيوسرن جو چوڻ آهي ته هنن جو في بجلي يونٽ پيدا ڪرڻ تي خرچ 7 روپيا ۽ ڪجهه پئسا ٿئي ٿو ته هو وفاق کي 6 روپيا ۽ ڪجهه پئسا في يونٽ ڪيئن ڏيندا ۽ هنن جا اڳ ئي وفاق ڏانهن 3 ارب رهت آهي جيڪا رقم هن وقت تائين ناهي ملي سگهي. اصل ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو کي سنڌ جا خانگي ادارا هڪ سئو 25 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري وڪرو ڪري ڏيندا هئا جنهن ۾ لڪي سيمينٽ فيڪٽري پاران 20 ميگا واٽ دادو انرجي پاران 19 شڪارپور ميگاواٽ پاران 16،ٺٽو پاور پاران 13 ميگا واٽ، ميڪو ٽيڪسٽائل مل پاران 9 ميگا واٽ، آءِ ٽيڪ ڪمپني پاران 10 ميگا واٽ، النور شگل مل پاران 10 ميگا واٽ، اومني ڪمپني پاران 10 ميگا واٽ، فيمڪو ٽيڪس ڪمپني پاران 16 ميگا واٽ، اگر ٽيڪسٽائيل پاران 14 ميگا واٽ بجلي پئدا ڪئي ويندي هئي ۽ اها ئي بجلي في يونٽ 8 روپيا 48 پئسا جي حساب سان حيسڪو ۽ سيپڪو کي ڏني ويندي هئي پر جنوري 2013 کان نيپرا ان بجلي جي اگهه بابت تبديليون آڻيندي گهٽتائي ڪئي ۽ انهن سمال پاور پروڊيوسرن جي بجلي جو اگهه 8 روپيا 48 پئسن مان گهٽ 6 روپيا 48 پئسا مقرر ڪيو ويو جنهن کي پاور پروڊيوسرن رد ڪري ڇڏيو اهڙي ريت انهن پاور پروڊيوسرن پاران پيدا ٿيندڙ 125 ميگا واٽ بجلي جي پيداوار بند ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان جيڪو پاور پروڊيوسرن جو موقف سامهون آيو آهي ته هنن جو في يونٽ بجلي 7 روپيا 48 پئسا خرچ کائي ٿو ته هو حڪومت کي 6 روپيا 48 پئسا اگهه تي في يونٽ ڪهڙي حساب سان ڏين. سندن چوڻ آهي ته پنجاب مان ساڳي ملن ۽ ڪمپنين کان في يونٽ 21 روپين ۾ خريد ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ سنڌ جي ڪمپنين ۽ ڪارخانن کان سستو يونٽ ڇو خريد ڪيو وڃي ٿو ڇا اها ظلم زيادتي ۽ ناانصافي ناهي.جيڪڏهن پنجاب ۽ ان جي حڪمرانن کي سنڌ مان نڪرندڙ صرف 125 ميگا واٽ بجلي نه ٿي گهرجي ته پوءِ سنڌ جي گئس ڇو ٿا کڻن؟ اها ڳالهه به سوچڻ ۽ سمجهڻ جهڙي آهي ته جنهن سنڌ اندر 75 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي ان سنڌ اندر هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڏينهن گئس بند ڪري هتان جي رهواسين کي جنهن مشڪلاتن جي ور چاڙهيو ٿو وڃي ڇا اهي هنن جي نصيب ۾ آهن يا هتان جي سياسي ڌرين جي نااهلي جي ڪري پنجاب سدائين پنهنجي هڪ هٽي وارا فيصلا سنڌ مٿان مڙهيندي ٿو اچي جيڪڏهن سنڌ مان چونڊيل موجوده پ پ جي حڪومت پنهنجون اکيون پٽيون آهن ۽ سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن جي حوالي سان پنهنجو موقف بيان ڪيو آهي ته اسان سنڌ جا ماڻهو انهن کي اها اپيل ڪنداسين ته هو پنهنجي موقف ته ڄمي بيهي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ سڪندر مينڌري جي موقف موجب اها ڳالهه صحيح آهي ته نواز حڪومت افغانستان، تاجڪستان ۽ ڀارت کان بجلي ته خريد ڪري رهي آهي پر سنڌ جي بجلي خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. شهباز شريف سنڌ جا ونڊ ۽ سولر پاور منصوبا بند ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ شريف ڀائرن کي دنيا جا مهانگا منصوبا ٺاهڻ جو شوق آهي ميٽرو بس کان پوءِ مهانگو ترين منصوبو آهي سنڌ کي پاڪستان جو حصو نه پيو سمجهيو وڃي. سنڌ ۾ 185 ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي سنڌ 70 سيڪڙو گئس ڏئي ٿي ۽ ونڊ سولر منصوبا به آهن جن مان 50 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. پنجاب ۾ شريف ڀائرن جي ڪمپني زونرجي ونڊ سان سولر منصوبي جا 25 معاهدا ڪيا ويا آهن ادارن کي شريف ڀائرن جي ڪرپشن ڇو نه ٿي نظر اچي انهن ته ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن آئين موجب 90 ڏينهن ۾ سي سي آءِ جو اجلاس ڪوٺائڻو آهي وزير اعظم اجلاس نه گهرائي آئين ٽوڙيو آهي وفاق سنڌ جي اجازت کان سواءِ سنڌ جي گئس پنجاب کي ڏئي سنڌ کي ايل اين جي ڏئي رهيو آهي. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ شاهد خاڪان عباسي پاران جيڪو موقف آيو آهي ان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جا الزام شرمناڪ آهن ڪرپشن تي اکيون بند ڪري نه ويهنداسين مراد علي شاهه ساڳيا ئي معاملا ڇيڙيا آهن جيڪي آصف زرداري وٽ طئي ٿي چڪا آهن پر جيڪڏهن اهي مطمئن ناهن ته ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ارڙهين ترميم وقت ملڪ ۾ روزاني گئس جي پيداوار 2 هزار 900 ميڪا ملين ڪيوبڪ فٽ هئي پر هاڻي گئس پيداوار ۾ روزاني 550 ايم ايم سي ايف ڪمي اچي وئي آهي. اصل ۾ هاڻي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جيڪا سالن کان وٺي ڪئي ٿي وڃي اها ڳالهه ظاهر پڌري پٽ پئي آهي ۽ مسلم ليگ ن يا پ پ جي پاڻ ۾ ڏنڊا پٽ واري راند جيڪا شروع ڪئي وئي آهي اها پنهنجو انت ڪٿي آڻيندي اها ڳالهه وقت تي ڇڏجي ٿي پر سچ اهو آهي ته 65 سالن کان وٺي سنڌ سان ناڻي، پاڻي ۽ معدني وسيلن جي حوالي سان جيڪا ناانصافي ڪئي وئي آهي ان جو حساب ڪتاب سنڌ جي رهواسين کي ڪير ڏيندو. ڇا سنڌ جا ڀڳل ٽٽل روڊ رستا ۽ هتان جا اسڪول اسپتالون هن ملڪ جا ناهن جو انهن جي ترقياتي ڪمن وارو پئسو ڪراچيءَ جي آپريشن تي خرچ ڪيو وڃي ۽ سنڌ اندر سمورا ترقياتي منصوبا بند هجن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *