سنڌ ادبي ميلي ۾ ٿيل تاريخي ڳالهيون: رياض سهيل

سنڌ جي تاريخ نويس ڊاڪٽر حميده کهڙو جو چوڻ آهي ته هندستان جي سياستدانن کي اندازو نه هو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ايڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿيندي ۽ ان حوالي سان ڌرين ۾ لکت ۾ معاهدو به نه ٿيو هو. ڪراچيءَ ۾ پهرين سنڌ فيسٽيول ۾ خطاب ڪندي هن برطانوي راڄ جي تاريخ ۽ پاڪستان جي قيام ۽ ان کان پوءِ جي صورتحال تي روشني وڌي.

انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو جو والد ايوب کهڙو، عبدالله هارون ۽ جي ايم سيد سنڌ جي سياست ۾ سرگرم هئا. حميده کهڙو ٻڌايو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت اهڙو ڪو معاهدو نه ٿيو هو ته ڀارت مان لڏپلاڻ ٿيندي ڇو جو فقط پنجاب اهڙو صوبو هو جيڪو ورهايو، تنهن ڪري اتان لڏپلاڻ جو امڪان هو پر سنڌ جي ان وقت جي سياستدانن کي بلڪل به اندازو نه هو ته ٻين علائقن مان ايتري لڏپلاڻ ٿيندي جو هتان جي سماجي، سياسي ۽ معاشي صورتحال ئي تبديل ٿي ويندي.

سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري تحريڪ ۽ محمد علي جناح جي بنيادي نقطن ۾ ان جي ذڪر تي ڳالهائيندي هن چيو ته بمبئي ۾ شامل ٿيڻ سبب هتان جي ماڻهن کي ڪيئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي ميٽرڪ جو امتحان به ڏيڻو پوندو هو ته ان کي سامونڊي جهاز ۾ سوار ٿي بمبئيءَ وڃڻو پوندو هو.

هڪ سوال جي جواب ۾ حميده کهڙو جو چوڻ هو ته سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ وقت اهڙي صورتحال نه هئي جو ان وقت جا سياستدان سنڌ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪن ها ۽ اهو تاثر به درست ناهي ته سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کان علاوه آزاديءَ جو آپشن به ڏنو ويو هو.

بلوچستان رياست سان برطانيا جو معاهدو هو ته اهو هندستان مان نڪرڻ وقت بلوچستان کي آزاد ڪندو. او معاهدو ياد ڏيارڻ لاءِ خان آف قلات محمد علي جناح کي پنهنجو وڪيل بڻائي لنڊن موڪليو هو پر هن جي هڪ به نه ٻڌي وئي ۽ هن کي ڀارت يا پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو مشورو ڏنو ويو. سنڌ جي سياستدانن کي اندازو هو ته سندن مطالبو تسليم نه ٿيندو، تنهن ڪري هنن اهڙو ڪو مطالبو ئي نه ڪيو.

ڊاڪٽر حميده کهڙو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ واري سياست تي تفصيلي ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته وفاقي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي يا ملتان کي ٺاهڻ جي تجويز هئي پر ڪراچيءَ کي ملڪي گادي بڻائڻ جو فيصلو ٿيو جنهن لاءِ سنڌ حڪومت بيريڪس ۽ آفيسون ٺاهيون پر بعد ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي جنهن تي ان وقت جي سياستدانن چيو ته برطانوي راڄ ۾ ته ڪلڪتو جيڪڏهن بنگال ۽ ڀارت جي گاديءَ جو هنڌ ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي ڇو ڪونه.

حميده کهڙو جو والد ايوب کهڙو سنڌ جو وڏو وزير رهي چڪو آهي. حميده کهڙو پنهنجي والد جي لياقت علي خان ۽ محمد علي جناح سان اختلافن جو ذڪر به ڪيو. هن چيو ته هڪ اجلاس ۾ لياقت علي خان شڪايت ڪئي ته سندس زرعي فارم کي پاڻي نٿو ملي جنهن تي سندس والد کيس ٻڌايو ته هتي ايڏي وڏي آبادي جو آئي آهي جنهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏنو پيو وڃي.

حميده کهڙو مطابق پاڪستان جڏهن ڪشمير ۾ پهرين ويڙهه وڙهي ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت لاءِ پئسا ڏيڻ لاءِ چيو ته سندس والد اعتراض ڪيو ته اهي پئسا هتي جي تعليم ۽ صحت جي شعبن جا آهن هو نٿو ڏئي سگهي. جنهن کانپوءِ گهربل رقم قرض طور وفاقي حڪومت کي ڏني وئي ان کانپوءِ اها رقم واپس ٿي يا نه معلوم نه آهي.

سندس مطابق ان ڇڪتاڻ سبب محمد علي جناح جي چوڻ تي سندس پيءُ جي حڪومت ختم ڪئي وئي. سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان هارون خاندان جي فرد ۽ اقوام متحده ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي حسين هارون پاڪستان جي قيام جي تاريخ ۽ سنڌ جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

سندس چوڻ هو ته عالمي جنگ ۾ ڪانگريس برطانوي راڄ جي مدد نه ڪئي هئي تنهن ڪري ان پوري ڀارت ڪانگريس کي ڏيڻ نه ٿي چاهي تنهن ڪري هُن ان کي سزا ڏيڻ لاءِ ڀارت کي ورهائڻ لاءِ پلان ٺاهيو.

حسين هارون پنهنجي والد جون يادگيريون بيان ڪندي ٻڌايو ته آغا خان ڀارت جي پهرين آئين لاءِ لنڊن گول ميز ڪانفرنس جو سربراهه ڪيئن بڻيو.

هن ٻڌايو ته محمد علي جناح ۽ سلطان محمود آغا خان وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا، سندس والد عبدالله هارون ٻنهي جو گڏيل دوست هو. آغا خان کيس گهرايو ۽ کيس چيو ته توهان اسان جا گڏيل دوست آهيو جناح کي چئو پاڪستان جي تحريڪ جاري رکي ۽ هُن اهو پيغام وري جناح کي پهچايو. جنهن تي جناح کيس چيو ته آغا خان کي چئُه ته لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس جي سربراهي ڪري.

حسين هارون مطابق جڏهن سندس والد ان ڳالهه کان آغا خان کي آگاهه ڪيو ته هن چيو ته گانڌي جي اڪثريت جو اڳواڻ آهي تنهن ڪري هن کي ان وفد جي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي، جڏهن حتمي فيصلي لاءِ اجلاس جاري هيو ته جناح ڪم جو چئي هليو ويو، آغا خان گاديءَ جو نالو تجويز ڪيو جنهن تي گانڌيءَ چيو ته آغا خان کان وڏي ٻي ڪا شخصيت آهي ڇا، جنهن تي آغا خان چيو ته جي گانڌي جي ايئن سوچي ٿو ته پوءِ هو هن سربراهي اجلاس لاءِ راضي آهي.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *