“را” جي فاٽا بلوچستان ۽ ڪراچي اندر مداخلت..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن جي صلاڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت اسٽيٽ ايڪٽر قبائلي علائقن ۽ ڪراچي اندر مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي اندر ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را  جو وڏو هٿ آهي.پاڪستان کي را سميت ڀارتي رياست عناصر کان وڏو خطرو آهي.ان حوالي سان ڀارت کي اهڙا ثبوت پڻ ڏنا ويا آهن.اها حقيقت آهي ته ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را” اسرائيل ڳجهي ايجنسي “موساد” ۽ افغانستان جي ڳجهي ايجنسي“اين ڊي ايس”پاڪستان جي مختلف علائقن اندر دهشتگردي ڪرڻ ۾ مصروف آهن.ڀارت جي ڳجهي ايجنسي “را”جي پاڪستان اندر وڌندڙ مداخلت ۽ دهشتگردي ملڪ جي حساس ادارن جي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.بلوچستان اندر گروپ پسندن سان گڏجي ڪري ڪراچي اندر ٿيڻ واري دهشتگردي جي ڪاروائين ۾ ڀارت جي ايجنسي “را”جو ملوث هجڻ جا ثبوت به پاڪستاني ادارن حاصل ڪري ورتا آهن.“را” ۽ افغانستان ايجنسي اين ڊي ايس بلوچستان اندر گروپ پسندن جي جماعت بي ايل ايف بلوچ ريپبلڪن آرمي جي نه صرف مالي مدد ڪري رهيو آهي بلڪه ڪابل،نمروز،۽ قندهار مين قائم ٽرينگ سنٽر اندر دهشتگردن جي خاص ٽريننگ پڻ ڏني پئي وڃي.

افغانستان اندر موجود “را” ان دهشتگردن کي افغانستان کان ڀارت متحده عرب امارات ۽ يورپي ملڪن ۾ موڪلڻ لاءِ جعلي ڪاعذن ٺاهرائڻ ۾ به گڏو گڏ ساٿ ڏئي رهي آهي.بلوچ ڌارٿيندڙ پارٽين جي اڳواڻ براهمداغ بگٽي جي ويجهي ڪمانڊر رياض احمد بگٽي کي جاويد احمد بگٽي نالي هڪ شخص جي ظاهر ڪري کيس ڀارت جو ويزو جاري ڪيو ويو هو.رياض بگٽي ڀارت اندر انٽيلجنس ادارن سان ملاقاتون ڪيون،۽ اندر آڏو اها پيش ڪش ڪئي ته بلوچستان اندر بلوچ نوجوان کي تربيت ڏيڻ لاءِ بلوچستان اندر انسٽرڪٽر مقرر ڪيا وڃن جيئن کين آساني ٿي.جڏهن ته انهي تجويز تي “را” پنهنجي افغان انٽيليجنس جي ادارن جي لاءِ بلوچي زبان جوڪورس به ڪرائي،۽ را جي هڪ ونگ بلوچستان اندر ڌار پسند تنظيمن جي هوا ڏيڻ جي لاءِ مڪمل زميواري کڻي ورتي آهي.بين اقوامي اين جي اوز جي ذريعي انساني حقن جي سنگين مسئلن ٻڌائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي.ڪنيڊا اندر رهندڙ سياسي شخصيت طارق فاتح کي به “را” انهي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.فيبروري 2013اندر هڪ اجلاس دوارن پاڪستان خلاف باهه ڪڍي ۽ انکان پوءِ طارق فاتح ڀارتي ايجنسي “را” جي آفيسر وڪرم سود ۽ ايس پي دولت سان پن ملاقات ڪئي،جڏهن ته پاڪستان جي حساس ادران ڪراچي اندر ٿيندڙ دهشتگردي اندر ملوث ماڻهن جي افغانسان سرحد وٽ ڀارتي آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ شاهديون حاصل ڪيون.

اهڙي طرح سوات مان نڪري ڪري افغانستان اندر پناهه وٺندڙ مولانا فضل الله جا به ڀارتي اينجسي را سان ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت صاحل ڪري ورتا آهن.جڏهن ته بلوچستان ڪراچي، ۽ پاڪستان سميت قبائلي علائقن اندر ڪاروائين ڪندڙن کي ڪيترائي ملين ڊالر مالي مدد ڏني پئي وڃي.پاڪستاني ادارن سوشل ميڊيا يعني فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر ۽ ٻين ويب سائيڊ تي ٺاهڻ واري جعلي اڪائونٽ تي ڊيٽا ڪئي وئي آهي.جنهن جي ذريعي نه صرف پاڪستان مخالف عيلدگي پسندن کي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مختلف وڊيو اپ لوڊ ڪيا پيا وڃن.بلڪه پاڪستان جي بدنامي لاءِ هر قدم کنيا پيا وڃن.پاڪستان اعليٰ عسڪري قيادت هندوستان جي ڳجهي قيادت اينٽيلجنس اينجسي “را” ملڪ اندر دهشتگرديون جي ڪاوائين جا الزام مڻيا آهن.

پاڪ فوج جي شعبي انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز آئي ايس پي آر جي پاران جاري ٿيڻ واري هڪ بيان مطابق ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ هندستاني جاسوس اداري را پاران پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو ويو آهي.عسڪري قيادت جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۽ فاٽا ۽ ڪراچي اندر به دهشتگردي جي ڪاروائين ۾ ڀارتي ايجنسي را جي ملوث هجڻ جو ثبوت مليا آهن.جڏهن ته تازو گرفتار ڪيل مجرمن اعتراف بيانات اندر به ملڪ اندر خفيه ايجنسي را جي وڌندڙ سرگرمين جا اشارا پڻ مليا آهن،جنهن اندر پاڪستان کي ڪمزو بنائن لاءِ بلوچستان جي عليحدگي پسندن کي مالي مدد ڪئي وڃي.جيڪا ڀارت جي هڪ سازش آهي،

*****

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *