ٿر ڪول، فرض ۽ حقيقت: شمس الدين شيخ

جڏهن نوي جي ڏهائي کان ٿر ۾ موجود ڪوئلي جو وسيع ذخيرن لڌو ويو تڏهن کان ئي ان مان حاصل ٿيڻ واري توانائي ، لاڳت ، معاشي ۽ پائيداري ڪوئلي جي معيار ۽ ماحوليات تي پوندڙ اثرن ۽ نقصانن جي خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ٿر ڪوئلي جا وسيع ذخيرا دنيا ۾ ستين نمبر تي آهن جنهن جي لاڳت 175 ارب ٽن لڳائي وئي آهي انهن ذخيرن مان ٻن صدين تائين 100000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي . اهڙي نموني جڏهن ملڪي گئس جا ذخيرا ختم ٿيڻ تي آهن ۽ پاڪستان پنهنجي توانائي جي گهرجن جو 37 سيڪڙو مهانگو ٻاهران گهرايل تيل سان پيدا ڪري رهيو آهي ان جي باوجود مقامي ڪوئلي جي ذخيرن تي ڀروسو نه هئڻ جي برابر آهي. ٿر ذخيرن ۾ توانائي جي پيداوار ۾ استحڪام بخشڻ ۽ نتيجي ۾ قوم جي اقتصادي خوشحالي جي دور شروع ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جڏهن ته هي خطو سماجي ۽ اقتصادي طور آخري نمبرن تي آهي هتان جو عوام غريب آهي ۽ انهن کي صحت ۽ علاج ۽ تعليم جون سهولتون مهيا نه آهن، ان لاءِ ٿر ۾ کاڻن جي سرگرمين ۾ مصروف عمل ڪارپوريشنز جي ذميداري آهي ته اهي هتي لوڪل ٿري ڪميونٽي جي بنيادي سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ ان جي منصوبن سان لاڳاپيل سرگرمين کي اوليت ڏين.

سنڌ اينگرو ڪول مائننگ کي سنڌ ڪول اٿارٽي جي طرفان کاڻ جي لاءِ بلاڪ 2 مهيا ڪيو ويو آهي، سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ان جي سسٽر ڪمپني اينگرو پاورجن ٿر لميٽڊ بلاڪ 2 ۾ 3.8 ميٽرڪ ٽنa/ جي کاڻ ۽ 330×2 ميگاواٽ جو بجلي گهر تعمير ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، جيڪو سال 2018 تائين آپريشنل ٿي ويندو، SECMC ٿر ۾ آپريشن شروع ڪرڻ کان پهرين مشهور بين الاقوامي تنظيمن کي هن منصوبن جي حوالي سان انگيج ڪيو، جنهن ۾ آرڊبليو اي جرمني، ايس آر ڪي يو ڪي، هيگلر بيلي، سينو ڪول چائنا ۽ اين سي جي پي چائنا شامل آهن، انهن تنظيمن کاڻون کوٽايون ۽ پاور پروجيڪٽ جي فزيبلٽي ۽ ممڪن سماجي اقتصادي اثرن جو تعين ڪيو اهڙو قدم منصوبي جي لاءِ تمام ضروري آهي ته کاڻن جي سرگرمين کي ماحولياتي اثرن جي دليلن کي ٿر ڪوئلو منصوبي جي ترقي جي خلاف استعمال ڪيو وڃي ٿو.

کاڻن جي ڪارخانن کي 135 ميٽر وڏن کڏن جي کوٽڻ جي گهرج هوندي آهي جڏهن ته انهن کڏن سان ريگستان جو ماحول متاثر نه ٿيندو، ڇو ته ڪوئلي ڪڍڻ کان پوءِ انهن کڏن کي واپس ڀريو ويندو. منصوبي جي پنهنجي ماحولياتي مينجمنٽ پلان ۽ عالمي سطح تي هلندڙ بهترين ملون پريڪٽسز جي تحت SECMC ريگستان جي قدرتي ماحولياتي نظام کي برقرار رکڻ لاءِ هزارين وڻ لڳائڻ جو منصوبو رکي ٿي، منصوبي جي ڊيزائن ۾ ڪمپني هوا ۽ پاڻي جي (erosion) ڪنٽرول جا قدم کڻندي ان ۾ ٺهڻ وارن مٽي جي دڙن جي به مرمت شامل آهي. ڪمپني متبادل بائيو سالين ايگريڪلچر جي طريقن سان به ڪم ڪيو آهي ته جيئن ٿر جي لوڪل آبادي زراعت جي نون طريقن کي استعمال ڪندي لوڻاٺي زمين ۾ به فصل پوکي سگهي ۽ پاڻ ان جي سنڀال ڪري سگهي. ان طرح جي پائيدار اپائن جي ڪري ٿر جي آبادي جي پوک جو برسات تي ڀروسو گهٽ ٿيندو ۽ خطي کي اپت ۾ واڌارو ملندو.

هيگر بيلي پاڪستان کاڻن جي آپريشنز ۾ ڊي واٽرنگ جي حوالي سان دي انوائرنمنٽ اينڊ سوشل امپيڪٽ اسيمنٽ (ESIA) جو انعقاد ڪيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته زير زمين پاڻي جي ذخيرن کي انهن منصوبن سان ڪو به فوري خطرو نه آهي، پوءِ به جيڪڏهن ضرورت پئي ته SECMC پروجيڪٽ سان متاثر ماڻهن کي گهريلو استعمال جي لاءِ متبادل وسيلن سان پاڻي مُهيا ڪندو زير زمين پاڻي جي ذخيرن کي نه ئي استعمال ڪيو ويندو نه ئي ددلو ڪيو ويندو، ۽ نه ئي پمپ جي ذريعي سمنڊ ۾ وهايو ويندو.

جيئن ته ڪجهه لکارين جي طرفان غير منصفاڻا الزام لگايا ويا آهن، سنڌ حڪومت جي طرف کان تعمير ڪيل اسٽور  ۽ ڊسپوزل سسٽم يقيني بنائينداسين، ته جيئن زير زمين پاڻي کي روايتي صنعتي پريڪٽس جي مطابق Aquifer جي ذريعي ئي ڪڍيو وڃي، ته جيئن ان جو ڪوئلي سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ٿئي، جيئن ته ESIA ۾ بيان آهي ته ٿرپاسي جي آبادين کي صاف پاڻي جي پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ آر او پلانٽس فراهم ڪيا ويندا. ٿر ڪوئلو کاڻين جي متعلق هڪ ٻي غلط فهمي هيءَ ڏٺي وڃي ٿي ته وڏي پيماني تي کاڻين جي آپريشن جي ڪري هوا آلوده ٿي ويندي، ان سلسلي ۾ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ESIA رپورٽ ۾ ان رسڪ جو قابل ڪنٽرول  معمولي قرار ڏنو ويو آهي، ڪمپني منفي ماحولياتي اثرن کي وڌيڪ گهٽ سطح تي وٺي وڃڻ لاءِ ڊسڪ مينجمنٽ جا اپاءُ وٺندي.

هڪ ٻيو مسئلو جيڪو هر هر سامهون اچي رهيو آهي متاثر خاندانن جي جانورن جي پالڻ واري زمين جي گهٽتائي، جنهن کي مقامي ماڻهو (گوچر) چوندا آهن، هيءَ زمين ٿرين جي بقا لاءِ لازمي آهي ڇو ته انهن جي آمدني جو ذريعو لائيو اسٽاڪ آهي، ان کان بغير انهن جي بحالي ممڪن نه آهي، بلاڪ 2 جي ٻنهي ڳوٺن کي جيڪي ٻي پاسي ويهاريا ويندا، انهن کي الڳ الڳ گوچر جي زمين مُهيا ڪئي ويندي، اها ايراضي 850 کان 1200 ايڪڙ تي ٻڌل هوندي جنهن ۾ جانورن جي علاج جون اڳواٽ سهولتون موجود هونديون، ٻيهر آبادڪاري جي پلان کي تيار ڪرڻ لاءِ SECMC صوبائي حڪومت جي ريٽ  لسٽ پاليسي فريم ورڪ کي سامهون رکندي ريٽ لسٽ ايڪشن پلان ترتيب ڏنو آهي، صوبائي حڪومت جو ريٽ لسٽ پاليسي فريم ورڪ بين الاقوامي پاليسين جي عين مطابق آهي، جنهن ۾ IFC ورلڊ بينڪ جي انوولنٽري ريٽ لسٽ تي گائڊ لائن ۽ زمين ۽ ٻيهر آبادڪاري جي حوالي سان مقامي قانون به آهن، جيئن act acquisitionland ۽ مائننگ ايٽ RAP تحت SECMC ٻيهر آباد ٿيڻ واري ڪميونٽي کي بهتر بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پابند آهي، ان ڏس ۾ ماهر ٽئون پلانر ۽ آرڪيٽڪٽ انجنيئرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، ته جيئن پهرين مرحلي ۾ ٻيهر آباد ٿيڻ وارن ماڻهن کي جديد سهولتن سان سينگاريل اهڙي رهائش مهيا ڪئي وڃي جو انهن سهولتن سان گڏوگڏ انهن جي ثقافت جو آئيندار به ان کان علاوه انهن خدشن جو به اظهار ڪيو ويو آهي ته مختلف علائقن ۾ خاص ڪري چين کان وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي اچڻ جي ڪري هن علائقي جي سماجي ۽ ثقافتي ڍانچي کي وڏو ڌڪ رسڻ جو انديشو آهي، هتي هي سمجهڻ ضروري آهي ته هتي اچڻ وارن تمام ماڻهن کي هتي جي ثقافت کان واقفيت ڪرائي ويندي ته جيئن انهن کي هتي جي ماڻهن جي جذبات ۽ پسند ناپسند جي سڃاڻپ ٿئي، وڌيڪ سيڪورٽي خدشن کي سامهون رکندي پرڏيهي ماڻهن ۽ مقامي ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپن کي گهٽ ۾ گهٽ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ٿر منصوبي جي انڊسٽريل ترقي کان نه رڳو ملڪ ۾ هلندڙ توانائي جي گهوٽالي تي قابو پائڻ جي مدد ملندي پر انهيءَ منصوبي سان هتي جي مقامي ماڻهن کي گهڻا فائدا ملندا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٿر جي ماڻهن جي مسئلن کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو، ايستائين جو ٿر ڪول پروجيڪٽ جي پڄاڻي سان گڏ ئي هتي جي ماڻهن جا مسئلا اهم قصا بنجي ويندا، ۽ ان لاءِ هڪ نئين معاشي دور جي شروعات ٿي ويندي.

منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي سڌو سنئون برسر روزگار هجڻ سان انهن جي زندگين تي وڏا مثبت اثر پوندا. ايندڙ چند مهينن ۾ پروجيڪٽ کي 3000 هزار تائين غير هنر مند ماڻهن جي ضرورت پوندي اهي سڀ مقامي ماڻهو هوندا. ان کان سواءِ ان منصوبي ۾ 1400 تائين مقامي هنر مند ماڻهن جي تمام گهڻي ضرورت پوندي. جهڙوڪ کاڻ جو ٽرڪ ڊرائيور، بيلچا کوٽائي آپريٽر، ٽيڪنيڪلي ماهر، مڪينڪ، مستري وغيره. هي ڄاڻڻ تمام ضروري آهي، ته ٿر بلاڪ 2 ۾ SECMC ۽ اينگرو POWERGEN ٿر لميٽيڊ جي کاڻين ۽ پاور پلانٽ جي منصوبي متعلق آهن. ٻين بلاڪن جي ڊولپرز جي منصوبن ۾ به سڌو سنئون روزگار جا هزارين موقعا مقامي آبادي کي ميسر ٿيندا. ان سان گڏو گڏ علائقي ۾ ايتري وڌيڪ ڊولپمينٽ سان منصوبا مقامي آبادي ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي صلاحيت کي به اجاگر ڪندا. جهڙوڪ آٽوورڪشاپ، هوٽل، رهائشي سهولتون وغيره. ايڏي وڏي پيماني تي علائقي ۾ ٿيڻ واري معاشي ايڪٽيوٽي ٿري عوام جي زندگي ۾ شاندار تبديلي آڻيندي. سنڌ حڪومت به علائقي ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ته جيئن نون رستن جي اڏاوت ۽ روڊ نيٽ ورڪ، باءِ پاس، پلون، هوائي اڏن جي سهولتن لاءِ اڏاوت، واٽر سپلائي اسڪيم ۽ تمام گهڻا ٻين به مختلف بنيادي ڍانچن متعلق منصوبن تي 60 ارب تائين فنڊ مقرر ڪيا ويا آهن. ان ڪري هي علائقو هاڻي ملڪ جي ٻين حصن سان گڏ بهترين رستن جي ذريعي منسلڪ ٿي چڪو آهي. تعليم ۽ صحت جي سهولتن سان گڏوگڏ ٿرپارڪر ۾ ڏڪار ۽ سالي کان بچڻ لاءِ ڊيزاسٽررليف ميڪانزم ۽ ٻيا ڪئي منصوبا آهن جيڪي ڪمپني هتي جي مقامي ماڻهن کي فراهم ڪندي.

ان سلسلي ۾ SECMC مشهور ادارن سٽيزن فائونڊيشن ۽ انڊس اسپتال سان گڏ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تحت مقامي ڪميونٽين لاءِ تعليم ۽ صحت جي حوالي سان اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪيون وينديون. جڏهن ته منصوبو اڃان پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ آهي، پوءِ به ڪمپني مقامي ماڻهن جي ڊولپمنٽ ۾ حصو وٺي رهي آهي. جيئن بلاڪ 2 جي ميٽرڪ پاس ڪرڻ وارن شاگردن جي ٻن گروپن کي ووڪيشنل تربيت جي لاءِ هنر فاونڊيشن ۾ مدد ڪئي آهي. بلاڪ 2 جي رهائشين جي لاءِ ويم گهر ڪلينڪ قائم ڪئي آهي جنهن ۾ هلندڙ هيپائيٽس متعلق ڄاڻ ۽ روڪ ٿام پروگرام کي بلاڪ 2 جي سڀني ڳوٺن ۾ هلايو  پيو وڃي.  ٿر فائونڊيشن جو بنيادي مقصد اسلام ڪوٽ ۽ تعلقي سطح تي اسٽيٽ آف دي آرٽ اسڪول، اسپتال ۽ ٻين سهولتن جو قيام آهي. جيڪو مقامي آبادي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي. هي تمام ضروري آهي ته ٿر ڪوئلو منصوبي جي حوالي سان مثبت ڪلچر جو فروغ هجي. جنهن سان لکن جو فائدو ٿيندو. هي به ضروري آهي ته عوام الناس ۾ ان منصوبي جي حوالي سان صحيح معلومات هجي. ڇو ته هي منصوبو نه رڳو پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي طرف هڪ قدم آهي بلڪه هي ٿر جي عوام جي معيار زندگي ۾ به مثبت تبديلي آڻيندو.

(ليکڪ سي اي او سنڌ اينگروڪول مائننگ ڪمپني آهي)

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *