دهشتگردي جي تازي لهر، جيڪا پاڪستان ۾ آئي آهي، انهيءَ ملڪ جي هر شهريءَ کي متاثر ۽ خوفزده ڪري ڇڏيو آهي. تيزي سان ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بم ڌماڪن، ماڻهن کي جتي گهڻو هيسايو آهي ۽ سندن زندگي جي ڪا به گارنٽي نه بچائي آهي، اُتي سندس اندر حالتن ۽ دهشتگردي جي انهن ڪاررواين لاءِ همت پڻ پيدا ڪئي آهي ۽ اها همت سول سوسائٽي جي احتجاجن ۽ انهن جي اتحاد ۽ ٻڌي سان نظر اچي رهي آهي.
ڪجهه وقت کان مذهبي انتهاپسندي زور وٺندي پئي وڃي جو ملڪ ترقي بدران پوئتي پيو وڃي. سماجي ترقي ۽ سڌارو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن سماج جا ماڻهو هڪ مثبت سوچ کي اڳتي کڻي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ترقي لاءِ ٿيندڙ شين ۽ ادارن مان فائدو وٺي تيار ٿيڻ لڳندا آهن.
انهن ترقي پذير ادارن ۾، جيڪي سوسائٽي جو معيار ۽ مستقبل سڌارڻ لاءِ ماڻهن کي تيار ڪن ٿا، انهن مان هڪ اهم ادارو اسڪول ۽ تعليمي ادارا آهن.
اسڪول اهو ادارو آهي، جيڪو سماج جي فردن کي بنيادي ڳالهيون ۽ شيون سيکاري ٿو ته جيئن فرد هر طرح سان هڪ سٺي سوسائٽي ۾ پنهنجو سٺو رول پلي ڪري ۽ سماج جو هڪ سٺو ۽ ڪارآمد شهري بڻجي.
هينئر تازو جيڪو پشاور حادثو ۽ سانحو ٿيو، اهو پڻ اُن اسڪول ۾ ٿيو، جتي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. اهي گلڙن جهڙا ٻار، جن کي اڃا دنيا جي ڏکن سورن جي به خبر نه هئي، جيڪي ٿوري تڪليف کي ئي سهي نه سگهيا، انهن جي جسمن کي گولين سان پروڻ ڪري ۽ باهه ڏئي ساڙيو ويو. ائين ڪو انسان، انسان سان نٿو ڪري سگهي. سڀني ٻڌو ڏٺو ۽ ڪجهه ڏينهن افسوس ڪري سندن ننڊ ڦٽي ۽ وري هر ڳالهه اها ئي رواجي ٿي وئي. متاثر اُهي والدين ۽ مائٽ ٿيا، جن جو وڏو زندگين جو نقصان ٿيو، اڄ تائين سندن ننڊ ۽ کاڌو حرام هوندو هر پل هر روز جيئندا ۽ مرندا هوندا. دهشتگرد ته مري ويا پر ايترو وڏو نقصان ڪري پر سندن پٺيان اهي ڪير آهن، جيڪي اهڙا خوفناڪ واقعا ۽ سانحا ڪرائين ٿا ۽ ڪهڙي پاليسي سندن آهي.
وري تازو نئين سال کي ملهائڻ بعد وري جيڪو سانحو ٿيو، اهو شڪارپور ڪربلا مولا علي امام بارگاهه ۾ بم ڌماڪي جو ٿيو، جنهن ۾ 62 بيگناهه معصوم ماڻهو ماريا ويا. انهيءَ لاءِ ته سامي ۽ اياز جو شهر اڄ مولوين ۽ ملن جي انتهاپسندي جي ور چڙهيل آهي ۽ اها انتهاپسندي گهڻو ڪري غربت جي ڪري ئي وڌندي پئي وڃي. اهي ماڻهو ڪير آهن؟ اها بنيادپرستي ڇو پئي وڌي؟ سا به مذهبي انتهاپسندي ۽ ملا ازم.
مذهب ته امن ۽ محبت جو سبق ڏي ٿو، مذهب ته درگذر سيکاري ٿو. مذهب اخلاق جي ۽ ايڪتا جو سبق ڏئي ٿو ته اها ڪهڙي سوچ آهي؟ جنهن ۾ دهشتگرد جهادي آهن! جهاد ڪري شهيد ٿئي ٿو ۽ اهو جيڪو مسلمانن کي ڪافر چئي ماري ٿو ته مرڻ واري کي به اسان شهيد چئون ٿا. اها ڪهڙي جنت آهي، جنهن جي لالچ ۾ بم ڌماڪو ڪندڙ پاڻ کي ٽڪرا ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين کي پڻ ماري سندن وجود جا ٽڪرا ڪري ٿو.
انهيءَ سڄن هاڃن ۽ ڏکن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ 4 فيبروري تي سول سوسائٽي حيدرآباد جي مختلف سماجي تنظيمن شڪارپور سانحي کي سنڌ دشمن قرار ڏيندي هڪ وڏي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ شڪارپور سانحي لاءِ سول سوسائٽي جا ليڊر ۽ سڄاڻ ماڻهو شامل هئا.
اهي نسيم نگر کان شڪارپور پريس ڪلب تائين پهتا ۽ اتي وڏو مظاهرو ڪيو، جنهن جو مقصد شڪارپور جي ماڻهن سان سندس ڏک ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ ساڻن ٻڌي ۽ ايڪتا هو ته اهي انهيءَ ڏک ڀرئي واقعي ۾ اڪيلا ناهن پر سڄي سنڌ انهن جي ڏک ۾ شامل آهي ۽ ساڻن گڏ آهي. اهي سڀ انتهاپسندي جي خلاف آهن.
حيدرآباد کان اهو نڪتل قافلو جڏهن شام جو چئين وڳي شڪارپور شهر ۾ داخل ٿيو ته ساڻن گڏ شڪارپور جا هزارين ماڻهو پڻ شامل ٿي ويا. (جاري)
اهو قافلو، پريس ڪلب شڪارپور کان ٿيندو امام بارگاهه تي پهتو، جتي 62 بيگناهه ماڻهو دهشتگردي جو شڪار ٿيا. سڀ ماڻهو اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. شڪارپور جا ماڻهو ڏاڍا پرجوش هئا. ڏاڍو جذباتي هئا، اهي سول سوسائٽي جا سڄاڻ ماڻهو ۽ جذباتي ويڙهه لاءِ تيار هئا. حيدرآباد مان آيل قافلو سندن لاءِ وڏي سپورٽ هئي. اهي سڀ امن پسند هئا، سيڪيولر هئا. دهشتگردي جي خاتمي ۽ جمهوري ترقي لاءِ امن ريلي ۾ وک وک وڌائي رهيا هئا. اها بنيادپرستي سڄي ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي، جيڪا سندن پرامن شهر تائين پهتي هئي.
سندن نعرن ۾ اها طاقت ۽ جذباتيت هئي ته هو پرامن شهري آهن ۽ کين مذهبي ويڙهاند کان نفرت هئي ۽ سندن مذهب انسانيت آهي ۽ انهيءَ انسانيت جي قاتلن ۽ دهشٽگردن کان کين نفرت آهي، جيڪي مذهبي جنونيت ۽ دهشتگردي جي روپ ۾ انسانيت جو قتل عام ڪن ٿا. اعلان ٿيندا رهيا ته اي مذهبي دهشتگرد! اسين پنهنجي پاڪ سنڌ کي اوهان مذهبي ملائيت ۽ دهشتگردي کان آزاد ڪرائينداسين. شڪارپور جي شهيدن کي گلن جي ڀيٽا ڏني وئي.
اڃا شهيد ٿيندڙ شڪارپور جي ماڻهن جو ڏک ئي ختم نه ٿيو ته ڪيترن شهرن ۾ بم حملن سان گڏوگڏ اسلام آباد جي امام بارگاهه قصر سڪينه تي حملو ڪري دهشتگردي ڪئي وئي، انهي آپگهاتي حملي ۾ آخري اطلاعن تائين ٽي ڄڻا شهيد ۽ ٻه زخمي ٿيا ۽ اِها ذميواري طالبان قبول ڪئي.
شڪارپور واسين هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا ڪراچي سي ايم هائوس تائين پهچي ۽ لانگ مارچ ڪري نمائش چورنگي تائين پهتي، انهي لانگ مارچ ۾ مختلف شيعا تنظيمن جون ڪاميٽيون هيون، انهي شهداءَ ڪميٽي جي 14 رڪنن وزيراعليٰ هائوس وڃي ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ ڄام خان شورو ۽ شرجيل ميمڻ پڻ سندن سان ڳالهيون ڪري مطالبا پڇيا ۽ پوري ڪرڻ جو واعدو ڪيو.
شڪارپور واسين جا مطالبا هئا ته شڪارپور فوج حوالي ڪري دهشتگردي خلاف ضرب عضب جهڙو آپريشن ڪيو وڃي ۽ دهشتگردن جي مددگار سمورن مرڪزن، مدرسن ۽ مقامي عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. مدرسن ۾ موجود افغانين ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. امام بارگاهن تعليمي ادارن کي سيڪيورٽي ڏني وڃي. مذهب خلاف ٿيندڙ ڪاررواين کي روڪيو وڃي ۽ دهشتگرد مذهبي تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. انهيءَ کان علاوه ڪجهه مطالبا ٻيا پڻ هئا.
اصل ڳالهه اِها آهي ته چوڌاري دهشتگرد ڪاررواين، جتي ماڻهن کي خوفزده ڪيو آهي، اُتي انهن ۾ اهو جوش پڻ اچي ويو آهي ته روز روز جي قتل عام کي ڪيئن روڪجي. گهڻين محفوظ ڪمن باوجود اهي آپگهاتي بمبار پنهنجو ڪم ڪري وڃن ٿا. سول سوسائٽي جا ماڻهو پڻ هاڻ انهيءَ دهشتگردي مان بيزار ٿي ويا آهن. هاڻ حڪومت عوام جي جانين جي حفاظت ڪري نه ته ملڪ سڄو احتجاجن ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ۽ سول سوسائٽي جي سڄاڻ ماڻهو انهيءَ نئين آپگهاتي فوبيا خلاف احتجاج ڪرڻ لڳا آهن. حڪومت پنهنجي وس آهر حفاظت لاءِ ڪم ڪيو آهي پر اهي ڪارروايون بند ٿيڻ جو نالو نٿيون وٺن ۽ ماڻهو هر وقت پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن.