فوجي عدالتن جي اوپن ڪارروائي جو فيصلو جج ڪندو، آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي، فوجي عدالتن جي ڪارروائي اوپن يا بند ڪمري ۾ ڪرڻ بابت فيصلو جج ڪندو.  صدر ممنون حسين پاڪستان آرڊيننس ۾ ترميم ايڪٽ جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي سمري بچاءُ واري وزارت موڪلي هئي. بچاءُ واري وزارت جي سمري ۾ وزيراعظم جي ايڊوائيس شامل هئي. آرمي ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ فوجي عدالتن جا جج، وڪيل ۽ گواهن  کي سيڪيورٽي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. فوجي عدالتن جي ڪارروائي اوپن يا بند ڪمري ۾ ڪرڻ بابت جج پاڻ فيصلو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *