درياههِ سنڌ ۽ ڪچي جي حالت زار ؛ رياض احمد آکرو

درياهه سنڌ جنهن کي مهراڻ ۽ سنڌو پڻ سڏيندا آهن، سو سنڌ ۾ ڪمون شهيد وٽان داخل ٿي ڪيٽي بندر جي ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي سنڌ لاءِ شاھ رڳ واري حيثيت رکي ٿو. هزارين سالن کان سنڌ کي سيراب ڪندو رهي ٿو. سنڌ جا رهاڪو پڻ سنڌوءَ سان تمام گھڻي محبت ڪن ٿا.

 انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ سنڌو درياهه کي حفاظتي بند ڏنل ڪونه هئا. ان زماني ۾ درياهه ۾ پاڻي تمام گھڻي مقدار ۾ هو. ان ڪري درياهه مان مختلف جاين تان ڇاڙهون نڪرنديون هيون، جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي آباد پڻ ڪنديون هيون. هي پاڻيءَ جا وهڪرا تمام وڏا هئا ۽ انهن کي درياهه به ليکيو ويندو هو. ماضي قديم کان انگريزن جي فتح تائين درياهه جي آبي گذرگاهن جو تفصيل ڪجھ هيٺين ريت آهي.

سنڌوءَ تي پهرين ڇاڙھ علي واهڻ وٽان نڪرندي هئي، جيڪا سنڌ جي اوڀارين علائقن کي آباد ڪندي هئي.

ٻي شاخ يا ڇاڙھ روهڙيءَ وٽان نڪرندي هئي، جنهن کي هاڪڙو چيو ويندو هو. جڏهن درياهه ۾ گھڻو پاڻي ايندو هو ته هاڪڙو مختلف ڍنڍن ۽ ڍورن کي ڀريندو، ضلعي سانگھڙ ۽ ميرپور خاص کي سيراب ڪندو پراڻ ڍوري ۾ ڪرندو هو. هاڪڙو ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ گھڻي حد تائين ختم ٿي چڪو هو. پر پوءِ به روهڙيءَ ۽ ڀر پاسي جي علائقي کي آباد ڪندو هو ۽ ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ ايتري قدر پاڻي آڻيندو هو جو اهي سڄو سال ڀريل رهندا هئا ۽ ماڻهو مڇي ماري گذر سفر ڪندا هئا.

درياهه ۾ ٽين شاخ نوابشاھ ضلعي جي سڪرنڊ تعلقي جي ڀرسان نڪري شهدادپور ۽ ٽنڊي آدم وٽان ٿيندي ميرواھ گورچاڻيءَ وٽ پراڻ ڍوري ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.

چوٿين شاخ مٽياري ضلعي جي ڀرسان نڪري نصرپور، ٽنڊو غلام عليءَ ۽ جھڏي وٽان ٿيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. پنجين نمبر شاخ ساڄي طرف ڪشمور وٽان نڪرندي هئي ۽ ڪنڌڪوٽ شهر وٽان گذرندي هئي. ڪنڌڪوٽ، درياهه جي ڪناري تي آباد ٿيل شهر آهي.

1843 ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ آبپاشيءَ جو محڪمو قائم ڪري ليفٽيننٽ ڪرنل والٽر اسڪاٽ کي ان جو سربراھ مقرر ڪيو. جنهن کي سڄي سنڌ جو دورو ڪري رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو. ڪرنل اسڪاٽ سڄي سنڌ جو دورو ڪري رپورٽ ڏني ته سنڌ ۾ درياهه تي سکر يا خيرپور وٽ بئراج ٺاهيو وڃي. تيستائين درياهه مان نڪتل واهن ۽ درياهي شاخن جي صفائي ڪرائي وڃي. ائين 1860ع کان درياهه کي حفاظتي بندن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. انگريزن 1932ع ۾ سکر بئراج تيار ڪري ورتو، درياهه جي پراڻن وهڪرن ۽ ڇاڙهن مان ڪجھ کي نون واهن ۾ شامل ڪيو ويو. مٿي ذڪر ڪيل پنج ئي پراڻا وهڪرا ختم ٿي ويا. سنڌوءَ کي ٻئي پاسا مناسب وٿيءَ تي حفاظتي بند ڏئي ڪچي جو علائقو قرار ڏنو ويو. درياهه تي بئراجن ٺاهڻ جو سلسلو 1960ع تائين رهيو.

درياهه کي بندن ڏيڻ کانپوءِ مٿي ذڪر ڪيل ڇاڙهن تي جن ماڻهن جو مڇي ۽ مال چارڻ ۽ پالڻ تي گذران هو سي لڏي اچي ڪچي ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺا.

هڪ اندازي مطابق ڪچي جي ايراضي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين 20 لک 11 هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن مان 6 لک ايڪڙ درياهه جي مکيه وهڪري ۾ اچي ٿي. 1972ع ۾ ڪرايل سروي مطابق ڪچي جي آبادي 7.5 لک ۽ 42 سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا هئا. سنڌ تي انگريز دور سؤ سال کان ڪجھ عرصو وڌيڪ رهيو. هن عرصي دوران سنڌ ۾ ڪافي ترقي پڻ ٿي، سنڌ حڪومت جا سڀ محڪما ٺهيا، درياهه کي بند ڏنا ويا، جنهن ڪري ان جو وهڪرو متعين ٿي ويو. غريب ماڻهن لاءِ سرڪاري ٻيلا گذر سفر جو بهترين ذريعو بڻجي پيا. ڪچي جو هڪڙو پنهنجو ڪلچر جڙي ويو.

آزادي ملڻ کان پوءِ سرڪاري انتظام ڍلو ٿيڻ لڳو. شروع ۾ ته ڪجھ قدر قانون تي عمل ٿيندو هو پر آهستي آهستي ٻين محڪمن ۾ خرابين سان گڏ ڪچي جي ابتري به شروع ٿي. سرڪار طرفان ڪچي جي سڌاري لاءِ 1955ع کان 2004ع تائين ست پاليسيون آيون. بظاهر ته انهن پاليسين جو مقصد ٻيلن کي وڌائڻ هو پر هر دفعي بااثر ماڻهن انهن پاليسين جي ڪمزور پاسن جو فائدو وٺندي، ليز وٺي زمين تي قبضو ڪندا ويا. نه صرف قبضو ڪيائون پر آهستي آهستي ٻيلا پڻ وڍائيندا ويا. نتيجي ۾ ڪچي جي سڄي سرڪاري زمين تي بااثر ماڻهن جو قبضو ٿي وي. 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ کانپوءِ ڪرايل سروي مطابق ٻيلا 42 سيڪڙو مان گھٽجي 0.72 سيڪڙو تي رهجي ويا آهن. آبادي جيڪا 1972ع جي سروي مطابق 7.5 لک هئي سا هينئر 35 لک ٿي ويئي آهي. اقوام متحده جي ميمبر ملڪن مان 70 ملڪن جي آبادي 35 لکن کان گھٽ آهي. هيڏي وڏي آبادي جهڙوڪر هڪ عارضي بندوبست هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هڪ اندازي مطابق 17 لک ايڪڙ ٻنيءَ تي پڻ قبضو ٿي ويو آهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ ڪچي ۾ رهندڙ اصلوڪن غريب ماڻهن ۽ ماحول تي ان جا تمام ناڪاري اثر پيا آهن. ڇوته انهن جي گذر سفر جو ذريعو مال چارڻ تي هيو. ٻيلا انهن لاءِ چراگاهن جو ڪم پڻ ڏيندا هئا. سنڌو درياهه سنڌ جي جن 15 ضلعن مان گذري ٿو، انهن ضلعن ۾ غربت جي شرح سراسري طرح 40 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن ڪري پڻ ماڻهو لڏي اچي ڪچي ۾ رهيا آهن ۽ آبادي وڌي آهي. ٻيو سبب ته زمينن تي قبضو ڪري بااثرن ٻاهران ماڻهو گھرائي ترسايا آهن.

انگريزن ڪچي جي ايريا کي خالي رکي ان تي ٻيلا قائم ڪيا هيا ته جيئن درياهه ۾ ٻوڏ جي موسم ۾ پاڻي آرام سان گذري وڃي. اتي روڊ رستا ۽ پڪا ڳوٺ تعمير نٿا ڪري سگھجن، ان ڪري 2010ع ۾ آيل ٻوڏ جي ڪري سڄي آبادي متاثر ٿي ۽ انهن کي تمام گھڻو نقصان پهتو. لکين ماڻهن کي لڏي اچي بندن تي پناهه وٺڻي پئي.

سال 2010ع ۾ اداري پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايڊيوڪيشن اينڊ ريسرچ ڪچي جي جامع سروي ڪرائي ۽ ان جي آڌار تي هيٺيون سفارشون ڪيون ته جيئن مستقبل ۾ انهي نقصان کان بچي سگھجي.

ٻيلن ۽ جھنگلي جيوت جو محڪمو، زمينن کي ليز تي ڏيڻ جي سلسلي کي فوري طور تي ختم ڪري ڪچي جي ايريا ۾ نوان ٻيلا لڳايا وڃن. جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ وقت بندن جي حفاظت ۾ مددگار پڻ ثابت ٿين ٿا ۽ ايڪو سسٽم ۽ ماحول جي تحفظ جو پڻ ڪم ڪن ٿا.

ٻيلن جي ڪپجڻ تي گھٽ ۾ گھٽ پنجن سالن تائين مڪمل پابندي وڌي وڃي. ڇو ته وڻ کي تيار ٿيڻ ۾ ٽن کان چئن سالن جو وقت گھرجي.

ڪچي ۾ وڻن جي واڍي کي ڏوھ قرار ڏنو وڃي ۽ ان قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي.

ڪچي ۾ قبضا معمول بڻجي ويا آهن. سال 11-2010ع ۾ ٿيل تباهيءَ کان پوءَ حڪومت سنڌ، سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضي کي ڇڏائڻ لاءِ قانون منظور ڪيو آهي، حڪومت ان قانون تي عمل ڪندي قبضن کي فوري ختم ڪرائي.

2010ع جي ٻوڏ کان پوءِ اها نشاندهي ٿي ته ڪچي ۾ ڪيترائي نجي بند پڻ ڏنل آهن، تن کي به ختم ڪرايو وڃي.

ڪچي جي نئين سري کان سروي ڪرائي رڪارڊ ڪمپيوٽرائز ڪيو وڃي.

درياهه ۾ سيلاب اڪثر خريف ۾ ايندو آهي. ان ڪري نقصان کان بچڻ لاءِ خريف جي فصل تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *