ڇڪتاڻ وارا سرحدي تعلقات ؛ هما يوسف

                         هي دور اُن سان گڏ ڪشيدگيءَ جون شڪار پاڪستاني سرحدون، اها طويل عرصي کان اڳڪٿي ڪئي پئي وئي ته افغانستان ۾ عالمي فوجن جي نڪرڻ ۽ سياسي ٽرانزيڪشن سان صورتحال ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ممڪن طور تي اها خطي جي حوالي سان بدترين هوندي.

                         ايران سان ويجهڙائي واريون سرحدي جهڙپون خطري جي گهنٽي ثابت ٿي سگهن ٿيون، خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ جڏهن هندستان ۽ افغانستان ٻنهي جي سرحدن تي اهڙي نموني فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي.

                         هن وقت جڏهن ڀارت سان جهڙپون ٻنهي طرفن کان تاريخ ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر ايران سان ائين ٿيڻ معمول وارن ناخوشگوار سفارتي بيانن کان ٿورو هٽيل آهي، اُنهيءَ ڪارڻ اُن حقيقت تي توجه مرڪوز نه پئي ٿي سگهي ته پاڪ ايران تعلقات ۾ مسلسل بگاڙ اچي رهيو آهي ۽ اهو سلسلو آئينده اچڻ وارن مهينن ۾ به برقرار رهي سگهي ٿو.

گذريل هفتي جون جهڙپون توقع جي خلاف ناهن، هلندڙ سال باهمي تعلقات ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آيون آهن، جن ۾ انتهائي ضروري پاڪ ايران گيس پائپ لائين منصوبو جي معطلي به شامل آهي. پشاور ۾ ايراني قونصل خاني جي ٻاهران هڪ خودڪش حملو ٿيو، جڏهن ته فيبروري ۾ پنج ايراني فوجين کي مبينه طور تي پاڪستاني عسڪريت پسندن اغوا ڪيو هو.

اهي سڀ حالتون وزيراعظم نواز شريف جي قيادت جي دور ۾ سامهون اچي رهيون آهن. نواز ليگ جي اڳواڻن جي رياض سان ويجهڙائي آهي، جنهن جو اظهار هلندڙ سال شام ۾ اسد حڪومت جي خلاف موقف ۽ سعودي عرب کان مارچ ۾ ڏيڍ ارب ڊالرز جي ’گرانٽ‘ ملڻ، سڀ تهران جي نظر ۾ اسان جي خلاف ويو. هلندڙ سال جي شروع ۾ ائين نظر آيو هو ته پاڪستان ۽ ايران شام ۾ مخالف ڌڙن جي پٺ ڀرائي جو خطرو کڻي رهيا آهن. تنهن هوندي رياست اسلاميه جي اُڀرڻ کان پوءِ ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي، خطي ۾ روايتي تناظر ۾ تبديلي آئي آهي.

پر وزيراعظم جون ذاتي ترجيحون خارجه پاليسي تي اثر  انداز نه ٿيڻ گهرجن. خاص طور تي هن وقت تهران سان سفارتي ڇڪتاڻ ڪنهن به طرح پاڪستان جي حق ۾ بهتر ناهي.

ايران هن وقت ٻيهر اُڀري رهيو آهي ۽ اُهو ٻيهر خطي جو هيوي ويٽ مُلڪ بڻجڻ چاهي ٿو. هو پاڻ کي اهڙي طاقت تسليم ڪرائي چُڪو آهي جيڪا مسلسل شام جي صدر بشارالاسد جي حڪومت کي موثر سهڪار فراهم ڪري رهي آهي ۽ هي اُهو وقت به آهي جو اقتصادي پابنديون ۽ سفارتي تنهائي اُن کي ڪمزور ڪري چُڪي آهي.

جوهري تڪرار تي عالمي طاقتن سان هلندڙ ڳالهين سان سلسليوار اُنهن پابندين ۾ گهٽتائي ۽ اولهندين طاقتن سان سفارتي رابطن ۾ اضافو ٿيندو. عراق ۾ رياست اسلاميه جي اُڀرڻ کان پوءِ ايران جو اولهه سان ٽيڪنيڪي اتحاد مستقبل ۾ اُن جي لاءِ فائديمند هوندو ۽ خطي ۾ اُن جو ڪردار وڌندو.

ايران جي طرفان طاقت وڌائڻ وارو عمل اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن اسلام آباد ۽ تهران جي طرفان افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ائين لڳي ٿو ته اُن مُلڪ ۾ ٻنهي پاڙيسري مُلڪن جي وچ ۾ خطي جي ٻين طاقتن سان پراڪسي تڪرار جو خطرو وڌي رهيو آهي.

گذريل ڏهاڪي دوران ايران پنهنجو اثر رسوخ افعانستان جي اولهندي صوبي هرات کان اڳتي وڌايو آهي ۽ هاڻ اُن جا افغان سرزمين تي اهم واپاري ۽ سرمائيڪارانه مفاد وابسته آهن. اُن کان علاوه هو ڪيترن ئي افغان ميڊيا جي ادارن تي به اثر رسوخ رکي ٿو ۽ اُن جا واسطا افغانستان جي نئين قومي متحده حڪومت جي اعليٰ سطح تائين آهن.

هن وقت جڏهن افغان سياست ۾ نسلي صفن جو اثر تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ مخالف سياسي ڪميپن جي وچ ۾ خانه جنگي ٻيهر اُٿي رهي آهي، هن وقت پاڪستان ۽ ايران ممڪنه طور تي پاڻ کي مخالف ڪيمپس ۾ بيهاري سگهن ٿا. تهران جي طرفان افغان هزاره جي حمايت ڪئي وڃي، جڏهن ته اسلام آباد ڏکڻ ۽ اوڀر صوبن ۾ طالبان جي حمايت جاري رکي سگهي ٿو. انهيءَ تناظر ۾ پاڪ ايران تعلقات ۾ بگاڙ (روايتي مخالفت ۽ خطي جو اڀرندڙ منظر) ممڪن طور تي افغانستان ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

اُن کان علاوه ان حقيقت کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان جي ايران سان ويجهڙ واري ڪشيدگي اندروني چيلينجز جو سخت اظهار آهي. ايران، پاڪستاني صوبي بلوچستان جي عسڪريت پسندن جي سرحد پار حملن جو الزام هنيو  آهي. بلوچستان جي خوفناڪ سيڪيورٽي صورتحال کي ڏسندي اها دعويٰ مبالغه انگيز به نٿي لڳي.

فرقيواراڻه عسڪريت پسند گروپ، جهڙوڪ لشڪر جهنگوي پوري آزاديءَ سان بلوچستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ هزاره ۽ ٻين شيعن کي ظالماڻي طريقي سان قتل ڪيو پيو وڃي، ۽ اهو خيال تصوراتي ناهي ته ايراني عسڪريت پسند به بلوچستان ۾ ٺڪاڻو ٺاهڻ جا خواهشمند آهن، بنا شڪ جي پاڪستان جي عسڪريت پسند گروپن سان نظرياتي اتحاد ۽ مقامي سطح تي پوليسنگ ۽ قوانين جي موثر نفاذ جي ڪمي کي ڏسندي ائين بلڪل ممڪن آهي.

فرقيواراڻه تشدد جي ويجهڙ ۾ اضافو، پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو چئلينج آهي. هن وقت جڏهن وچ اوڀر تڪرار ۽ فرقيواراڻه بنيادن تي ورهائجي رهيو آهي، پاڪستان کي ان تڪرار کان ٻاهر رهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. پاڪستان دنيا جو ٻيو سڀ کان وڏو آزادي وارو مُلڪ آهي ۽ ايران کان پوءِ شيعن جي آبادي جي لحاظ کان به ٻيو وڏو مُلڪ آهي. پاڪستان سرزمين تي فرقيواراڻه تشدد مُلڪي وجود جي لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهن ٿا.

هڪ طرف فرقيواريت تي قابو پائڻ اهم ترين مقامي تقاضا آهي ته ٻي طرف ايران سان مضبوط دوستاڻا تعلقات اُن مسئلي جي حل جي ڪُنجي ثابت ٿي سگهن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *