درد جو اوڙاهه ؛رشيد سومرو

مذهبي جنونيت، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي پاڪستان جي هزارين مظلوم مائرن جون هنجون اجاڙي انهن کي درد جي انهيءَ اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، جتي هو اڪيلائپ ۾ پنهنجن پيارن کي ياد ڪري رت جا ڳوڙها وهائن پيون. سنڌ جنهن کي صوفين، سنتن ۽ ولين جي ڌرتي سڏيو وڃي ٿو، هاڻي ان مان به سهپ رواداري ۽ عدم تشدد جو رجحان ختم ٿي چڪو آهي. انتهاپسندي جو جِنُ هاڻي سنڌ جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ ڪاهي پيو آهي ۽ دهشتگردي جي ڀوت سنڌ جي شهرن ۾ پنهنجي وحشت ۽ دهشت جو روپ ڌاري ڇڏيو آهي، جتي ڪوبه انسان محفوظ ڪونهي، انهن وحشي صفت انسانن کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي ته مسجد ۽ امام بارگاهه ۾ نماز پڙهندڙ معصوم انسانن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جنهن کي بارود جي ڌماڪن ۾ اڏائي انسانيت جو دردناڪ قتل پيا ڪن، ڪير پڇي؟اسان پاڪستان جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اتر وزيرستان کان ويندي پشاور سانحي ۽ شڪارپور جي مسجد ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ هزارين معصوم، مظلوم انسانن کي موت جي راڪاس پنهنجي وات جو گرهه بڻائي ڇڏيو آهي، ڪير انهن مائرن کان ۽ انهن جي پيارن کان ته پڇي، جن جي خوشحال گهرن جا ويڙها ويران ٿي چڪا آهن، اسان جا ڪارا چشما پاتل اقتدار جا عاشق حڪمران محض انهن ڏکويل انسانن وٽ ان ڪري ڪونه ٿا وڃن ته متان اُهي پُڇي وٺن ته ڇا اسان اوهان کي ان لاءِ ووٽ ڏنا هئا ته اوهان اسان کي پنهنجن پيارن جا رت هاڻا لاش ڏيو.

شڪارپور جي امام بارگاهه جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ويل 16 سالا نينگر جي امڙ کان ته ڪيو پڇي، جيڪا پنهنجي لخت جگر جي ڳولا ڪرڻ وقت جتي پاڻ وساري ويٺي، مٿي تان پوتي اڏامي وئي، هوءَ چرين وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندي ۽ رڙيون ڪندي نظر آئي ته من ڪو هن جو ٻچڙو جيئرو هجي، پر جڏهن هوءَ مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجي ٻچي جي چچريل ۽ ڌڙ کان ڌار ٿيل معصوم پٽ جي لاش کي ڏسي ٿي ته هن جون چيخون ۽ اڀ ڏاريندڙ رڙيون نه صرف انسانيت جي ڪنڌ کي شرم کان جهڪايو ڇڏي، پر آسمان به روئڻ لڳي ٿو، پر جن ظالمن اهڙو قيامت خيز ڪم ڪيو سي انهن لاشن جي ڍير کي ڏسي ٽهڪ ڏئي مظلوم انسانيت جو مذاق اڏائي رهيا آهن.

آمريڪا ۾ سونامي اچي ٿي ته ان جو صدر ايمرجنسي نافذ ڪري پنهنجون سموريون مصروفيتون معطل ڪري پنهنجي عوام سان گڏ بيٺل هوندو آهي. گذريل آمريڪي چونڊن دوران ڪيليفورنيا ۾ طوفان آيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪي چونڊن جي تاريخ تبديل ڪئي وئي. هندستان ۾ ريلوي حادثو پيش آيو ته ان وقت جي وزير ريلوي شردپوار پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. برطانيه ۾ ٽي سال اڳ هڪ ريسٽورنٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو ته حڪومت فوري ايمرجنسي لاڳو ڪري انهن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ججن کي رات جو ڪورٽن ۾ ويهاري دهشتگردن کي فوري سزائون ڏئي ملڪ جي ساک کي برقرار رکيو، پر پاڪستان پشاور سانحي ۾ 150 معصوم ٻارڙا شهيد ٿي ويا. ڪراچي ۾ ڪوچ حادثي ۾ سٺ کان وڌيڪ جيئرا انسان سڙي ڪوئلو ٿي ويا. عالم دين خالد محمود سومرو کي مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. شڪارپور ۾ مذهبي جنونين 50 کان وڌيڪ معصوم نمازين کي شهيد ڪيو پر اسان جي حڪمرانن اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ بدران انهن ڏک جي ماريل خاندانن وٽ وڃڻ بدران پيار جا پرڻا ڪيا.

مذهبي جنونيت کان هٽي اسين جڏهن انساني، خصوصن حڪمرانن جي بي حسي تي سوچيون ٿا ته پنهنجو پاڻ تي شرم ٿو اچي. جڏهن ٿر ۾ ٻن مهينن ۾ ٽي سؤ کان وڌيڪ مائرن جا ٻچڙا دوا جي شيشي ۽ علاج نه ٿيڻ سبب اسپتالن جي بسترن تي مائرن جي هنجن ۾ تڙپي تڙپي مريو وڃن، جن لاءِ سندن امڙن ڪيترائي خواب ڏٺا ُهُئا.

فرقي پرستي، نسل پرستي، مذهبي جنونيت ۽ دهشتگردي شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جي سرزمين کي معصوم انسانن جي رت سان لهو لهان ڪري ڇڏيو آهي. اڄ اهائي ڌرتي پنهنجي صوفي ازم ۽ لطيف سائينءَ جي ’سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار‘ وارين دعائن بجاءِ پنهنجو منهن مٿو پٽي ٿر جي واريءَ ۾ منهن هڻي مسجدن ۽ درگاهن جي ڀتين سان مٿو ٽڪرائي ماتم پئي ڪري، )

پر اسين سڀ مصلحت، مفادپرستي، خوف ۽ اقتدار جي حوس ۾ انڌا ٿي پنهنجا چپ چورڻ بدران انهن کي سبي ماٺ جو روزو رکي ڇڏيو آهي.

هڪ ڏکايل ماءُ جڏهن سياري جي سرد راتين ۾ پنهنجن گلڙن کي گهرن ۾ نه ڏسي جڏهن دانهون ڪري ٿي، ان جي دانهن کي هڪ ماءُ ئي محسوس ڪري سگهي ٿي، هي اقتداري ڀوتار، جنوني رجعت پرست دهشتگردن کي ڪهڙي خبر هڪ ماءُ جي درد جي دانهن ۾ ڪيترو اثر آهي. اهو وقت پري نه آهي، جڏهن اهي برساتي وڏيرا عوام جي عذاب هيٺان هوندا ۽ سنڌ پنهنجو پاسو تبديل ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *