رت ريٽيل شهر جو نوحو ؛شوڪت لوهار

سيني ۾ لڳندڙ ڪنهن ڀالي يا بڙڇي جهڙن هنن واقعن ۾ ساهه ٻوساٽيل آهي. ماتم ۽ المين جا ايترا داستان آهن جو جيڪڏهن ڪو شاعر چاهي ته رزميه شاعري جو پورو ديوان جوڙي سگهي ٿو ۽ هر ان ديوان جو هر داستان سُڏڪن ۽ ڪيهاٽ سان ڀرپور هوندو، هر سٽ ۾ هڪ الميو، دک ۽ درد ڀريل هوندو. آهه ۽ پڪار جو اهڙو منظرنامو جيڪو دل ۾ جهير وجهي ٿو، جڏهن ان جو ذڪر ڪجي ٿو. اسان جي ڏکن جون ڪهاڻيون فردوسي جي شاهنامي جهڙيون شاهڪار ان ڪري آهن جو انهن ۾ بي حسي، بيوسي نرگسيتِ، نڪ جي پڪائي ۽ ماڻهوءَ جي روپ ۾ مروئن جا روپ موجود آهن.

سهراب ۽ رستم جهڙا شاهنامي جا شاهڪار شايد سنڌ جي ڪنهن المياتي ڪهاڻي جو ئي حصو ٿي سگهن ٿا، يا ان جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهن ٿا. هن وقت سنڌ سڪتي جو شڪار آهي. سنڌ جي نڙيءَ ۾ هڪ سڏڪو اٽڪي پيو آهي، جيڪو سڏڪو هڪ سڏ هو، وراڪو هو، پنهنجن لاءِ ميار هئي، پنهنجن لاءِ پاراتو هو. سنڌ هڪ اهڙو شجر آهي جيڪو سڀني مسافرن لاءِ گهاٽي ڇانو به ميسر ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ ان کي رسدار ميوا به مهيا ڪري ڏئي ٿو پر پوءِ به لالچ ۽ هٻڇ ۽ نيچ جي هيٺائين سطح ۾ رهندڙ کوڙ سياسي چمڙا اهڙا به آهن، جيڪي هن درخت جي سيني تي پنهنجا تکا ڪهاڙا هڻي رهيا آهن. هوائون سوڳوار، ڳليون ويران ڳوٺ، شهر ڀڙڀانگ، هي منظر سنڌ منظر آهي.

هونئن ته سنڌ جو هر شهر هن وقت انهيءَ اڏوهي کاڌل ڪاٺ جيان آهي، جيڪو ڪاٺ آهي ته چندن جو پر ڇاڪاڻ ته ان جي سار سنڀال نه لهڻ جي ڪري ۽ ان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ جي ڪري، ان جي اهڙي ابتر حالت ٿي ويئي آهي. اهو قحط وفا جو لقاءُ هوندي به وت ۽ وس آهر هي سنڌ جا شهر امن ۽ آشتي جي ناڪام ڪوشش ڪندا رهيا آهن پر جڏهن توهان جي طاقت ختم ٿي وڃي، تڏهن طاغوتي قوتن جو گهنچڪر شروع ٿيندو آهي ۽ هڪ اهڙي مشين جيان آپريٽ ڪري ٿي جو خبر ئي نٿي پوي.دهشت جي ٺيڪيدارن هن دفعي دهشتگردي جو شڪار شڪارپور شهر کي بڻايو آهي. هن واقعي ۾ هن وقت جي خبرن موجب سٺ کان مٿي بيگناهه ماڻهن پنهنجيون جانيون وڃايون آهن ۽ سئو کان مٿي زخمي ٿيا آهن. هڪ دفعو وري هو ڪامياب ويا، هڪ دفعو وري دهشتگرد پنهنجو وارو وڄائي ويا. دردن ۽ درن جي اهڃاڻ طور سڃاتو ويندڙ هي شهر شڪارپور جيڪو اتر سنڌ جو اهم واپاري مرڪز رهيو آهي پر جهڙي نموني ڪنهن ماڻهو سان بيوفائي ٿيندي آهي، اهڙي نموني هن شهر سان بيوفائين جا داستان به اڻ ڳڻيا آهن. هونئن ته هن شهر کوڙ اهڙن عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي، جن ۾ سامي، شيخ اياز ۽ الهه بخش سومرو پر سدائين لاءِ مشهور هي شهر شڪارپور، جنهن جي سنڌ جو صوفي ڀڳت ڪنور رام به ڪٺو ويو ۽ تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مهر جتوئي تڪرار جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ شهر شڪارپور پنهنجي کٽي ۽ نج آچار بجاءِ هن بدبودار برادري جهيڙن جي ڪري گهڻو تڻو خبرن جو مرڪز بڻيل رهيو آهي. هي ٻن ڌرين جو تڪرار جيڪو منهنجي حياتي کان وڏو، منهنجي ڇا مون جهڙن گهڻن دوستن جي حياتي کان وڏو ۽ پراڻو آهي، جيڪو مون کي ڪڏهن ڪڏهن اسرائيل ۽ فلسطين تڪرار جيان لڳندو آهي…

لکي در ويجهو موجود امام بارگاهه وٽ جمعي جي نماز ٿي رهي هئي، اوچتو ڪو ٻار ۽ عورت داخل ٿيا ڇوڪري اندر وڃي اها پڇا ڪئي ته هتي ڪينسر جو علاج ٿيندو آهي ۽ نعري جي گونج کانپوءِ هر طرف دونهون ۽ گوشت جا لوٿڙا اڏرڻ لڳا، هر ڏسا، هر ساعت ماڻهوءَ جي ماس سڙڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻهن جون آهون، ڪيهون، دانهون، ڪيهاٽ آسمان تائين بلند ٿيڻ لڳا. کن پل جو کيل، زندگي ڄڻ جر تي ڦوٽو. ماڻهوءَ جو موت ايترو سستو ۽ آسان! شڪارپور جي امام باهه ۾ جيڪي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر اڌ کان مٿي ماڻهو جيڪي سخت زخمي هئا، اهي ضلعي حڪومت ۽ ضلعي اسپتال ۾ موجود اعليٰ سهولتن جي ڪري تڙپي تڙپي مري ويا. پوري شهر ۾ صرف ٻه ايمبولينسون؟ واهه! واهه! ضلعي انتظاميه واهه، اوهان ته دنيا جي سڀني چانڪاين ۽ ميڪالين جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. زخمي ۽ رت ڳڙندڙ ماڻهن کي گڏهه گاڏن ۽ چنگچين تي کڻي اسپتال پهچايو پئي ويو. اسپتال ۾ نه ڊاڪٽر نه زخمين کي رت لڳائڻ لاءِ ڪو ٽيڪنيشن اسٽاف موجود. اوهان ته فلورنس نائيٽ ايگل جي روح تي رهڙون ڏيئي ڇڏيون. ڀلا ائين ٿئي به ڇو نه! جيڪڏهن اسين سفارشن تي ڀرتيون ڪنداسين ۽ قومي خدمت جي ادارن کي خانداني ۽ پنهنجي ذاتي ملڪيت ڪري هلائينداسين ته پوءِ حال اهو ئي ٿيندو. ساڳيو حال سنڌ ۾ موجود نساسڪ کاتي جو آهي. سوئيپر ۽ ٻهاري ڏيندڙ جڏهن ننڍڙا ڪاٽن وڏيرا هوندا ته پوءِ شهر گندگيءَ جو شڪار نه ٿيندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

اها ته شابس آهي پاڪستان آرميءَ کي جو انهن پني عاقل مان ايمبولينسون ۽ ڊاڪٽر موڪليا، ڪن زخمين کي سکر ۽ لاڙڪاڻي منتقل ڪرڻ دوران انهن جو گهڻو رت وهي وڃڻ جي ڪري ۽ زخمن جا سور نه سهڻ جي ڪري رستي ۾ ئي موت ٿي ويو.

ٺيڪ آهي ٻي جاءِ تي اوهان جي خوبصورت وڳن ۾ ملبوس ٿيل، ڳڙ لڳل ڳالهين کي کڻي مڃجي ته ٿر ۾ جهالت آهي ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي ٿئي ٿي ۽ ٻارڙن جي ڪچي پيدا ٿيڻ ڪري موت ٿئي ٿو. ماڻهن کي لاش انهيءَ ڪري نٿا ڏنا وڃن جو اسان وٽ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڪا ليبارٽري موجود ڪو نه آهن. مڃجي کڻي ته سنڌ جي ٻهراڙي ۾ لاقانونيت ڪونه آهي. سنڌ جي شهرن ۾ آبادي گهڻي هجڻ ڪري پورا ڪو نه ٿا پئجي سگهون پر ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جا روڊ ۽ رستا ڀڳل ۽ ڀُريل ڪو نه آهن، پر هتي ڪهڙو دليل اوهان جو ساٿ ڏيندو؟

وڏا وڏا محلات انهن ۾ لڳل فرانس جون ٽائلون، وڏيون ٿلهين ٽائرن واريون گاڏيون ته اوهان ورتيون پر سڄي سنڌ ۾ ڪا هڪڙي ئي اهڙي وڏي شاندار اسپتال ڪو نه ٺهرائي، جيڏو اوهان جو محل آهي. اوهان جي محلات جي باٿ رومن ۾ لڳل ٽچ اسڪرين ٽونٽين جيترو خرچ به اوهان هن ٻاڪاريندڙ عوام لاءِ ڪونه ڪيو؟

هن وقت شڪارپور جي شهيد ٿيل معصوم ماڻهن جي جنازه نماز ٿي ويئي آهي ڪي اڃا تائين اسپتال ۾ موجود آهن، غم ۽ ماتم جو اهڙو عالم آهي، جنهن جو ذڪر ڇيڙجي ٿو ته اکين مان سانوڻ ڇُلي ٿو پوي.اوهان جي اٿاهه بيوسي، نرگسيت ۽ نڌڻڪائپ جو شڪار ٿيل هي ذرو ذرو مرندڙ شهر اوهان جي توجهه جا طلبگار آهن. اوهان جي پين جي هڪ جنبش جي ضرورت آهي.جڏهن ڪو ٻارڙو يتيم ٿيندو آهي ته ان جي حالت انتهائي رحم جوڳي هوندي آهي، ڪو پرگهور لهي، ڪو سار لهي. لٽا ڪپڙا کاڌو پيتو ڏي، پر جڏهن ڳوٺ، واهڻ وستيون ۽ شهر يتيم ٿيندا آهن، اِهي دهشتگردن جي ور چڙهندا آهن ۽ شڪارپور جيان شڪار ٿيندا آهن، هي ته هاڻي دهشتگردي جو شڪار ٿيو آهي پر اسان ته ڪڏهوڪو اهڙن سڀني شهرن ۽ ڳوٺن کان لاتعلقي ڪري پنهنجي پنهنجي حصي جي دهشتگردي ڪري چڪا آهيون. ٿورو ضمير جي اکين ۾ اکيون ملائي ڏسون. ڇا اسين اکيون ملائڻ جهڙا آهيون؟سنڌ تمام گهڻي وقت کان وٺي هڪ انصاف پسند معاشري، يڪسانيت ۽ مذهبي هم آهنگي جو اهڃاڻ پئي رهي آهي. سنڌ ۾ موجود صوفي، بزرگ هميشه هيڪڙائي ۽ مذهبي يڪسانيت جو اهڃاڻ رهيا آهن. شڪارپور جي حاجن شاهه سرڪار جي مزار کان وٺي سامي، سچل، ڀٽائي، اياز، بخاري سڀئي انسانيت جي سربلندي لاءِ ڪوشان رهيا آهن. ماضي ۾ ٿيندڙ واقعن کي اسين وساري ويٺا آهيون، جو شڪارپور هاڻ پنهنجي شناخت وڃائي رهيو آهي ان لاءِ اکيون کولڻ جي ضرورت آهي. ماضي ۾ شڪارپور ويجهو بم ڌماڪا ٿيڻ ۽ بزرگ حسين شاهه بخاري جي ويجهي مائٽ جو المياتي موت اهڙن واقعن جي هڪ ڪڙي آهي. لکي در امام بارگاهه ڪربلا موليٰ جي دهشتگردي جو واقعو انهن سڀني واقعن جو تسلسل آهي.

ويجهڙائي ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن، هن رياست جي روح کي رهڙي ڇڏيو آهي. پشاور ۾ آرمي اسڪول جي واقعي کانپوءِ جيئن پورو ملڪ هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ويو هو ۽ دهشتگردن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ويو هو پر جڏهن ڪاميٽيون جوڙبيون آهن ته پوءِ ڪم مٽيءَ حوالي ٿيڻ جهڙا خدشا اڀرندا آهن. شڪارپور سانحو هڪ وڏو سانحو آهي پر افسوس ته هن هيڏي ساري سانحي کانپوءِ نه ئي نام نهاد ميڊيا ان کي اوتري ڪوريج ڏني آهي، جيتري جو اهو گهرجائو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڪيبل، چينل پنهنجي لوگو کي بليڪ (ڪارو ڪري احتجاج جي علامت طور نوٽ ڪرايو آهي.) حالت آهي اسين درد جي ڀيٽ ڪونه پيا ڪريون پر هي حقيقي ڳالهيون آهن، ڇاڪاڻ ته پشاور سانحي جتي پوري قوم کي هڪ پيغام ڏنو هو ته هاڻ گهڻو ٿيو، اُتي شڪارپور جي امام بارگاهه ۾ زندگيون وڃائيندڙ مسڪين 60 شهيدن جو خون ڇا ڪو وڏو پيعام نه آهي؟ صبح جو سوير تقريبن هڪ جهڙن نالن وارن پروگرامن سان پيش ٿيندڙ عورت ميزبانن کي شڪارپور سانحي ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ 60 کان مٿي بيگناهه ماڻهن تي پڻ ڪجهه ڳالهائڻ گهرجي. هو ڀل ڪارو ويس نه پائين، ڀلي پنهنجيون اکيون اشڪبار نه ڪن پر ايترو ڪن جو هن سانحي کي وائکو ڪري سگهجي.پر نه لڳي ٿو ته قومي ميڊيا به هاڻ هڪ لائين ڪڍي ڇڏي آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ حادثا ۽ دهشتگردي جا واقعا ايتري اهميت ڪونه ٿا لهڻن، تنهن ڪري هو محدود ڪوريج ڏيئي اڳتي وڌي وڃن ٿا. ڪجهه حد تائين هو صحيح به آهن، جتي اسان جا پنهنجا، پنهنجن شهرن کي ڌڪو ڏيئي ڀت سان لڳائي رهيا آهن، اُتي ٻي ڪنهن تي ميار ڏيڻ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟

يه داغ داغ اجالا يه شب گذيده شجر

وه انتظار ٿا جس ڪا، يه وه سحر تو نهين

يه وه سحر تو نهين جس ڪي آرزو لي ڪر

چلي ٿي يار ته مل جائي گي ڪهين نه ڪهين

فلڪ ڪي دهشت مين تارون ڪي آخري منزل

ڪهين تو هوگا شب سُست موج ڪا ساحل

ڪهين تو جا ڪي رُڪي گا سفينه غم دل (فيض)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *