جتي رت جا رشتا به ڇڏي وڃن..!

هي عورت جرمني جي شهر لائزگ جي رهندڙ هئي پيشي جي لحاظ سان هوءَ ڊاڪٽر هئي 1958ع جي ڳالهه آهي هن عورت 30 سالن جي ڄمار ۾ پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي باري ۾ هڪ فلم ڏٺي ”ڪوڙهه اڇوت مرض آهي“ جنهن ۾ مريض جو جسم ڳرڻ شروع ٿي ويندو آهي جسم ۾ گند ٿي وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ انسان جو گوشت ڀري هيٺ ڪرڻ لڳي ٿو، ڪوڙهي جي جسم مان بدبوءِ به ايندي آهي ڪوڙهي پنهنجي عضون کي بچائڻ لاءِ هٿن، ٽنگن ۽ منهن تي ڪپڙي جون وڏيون وڏيون پٽيون ويڙهي رکندا آهن هي مرض لاعلاج سمجهيو ويندو هو جيتوڻيڪ جنهن شخص کي ڪوڙهه جي بيماري ٿيندي هئي ته ان کي شهر کان ٻاهر ڪڍيو ويندو هو ۽ هو ويرانن ۾ سڏڪي سڏڪي دم ڏيندو هو. پاڪستان ۾ 1960ع تائين ڪوڙهه جا هزارين مريض موجود هئا هي مرض تيزي سان ڦهلجي به رهيو هو، ملڪ جي مختلف وڏن ماڻهن ڪوڙهين لاءِ شهرن کان ٻاهر رهائشگاهون تعمير ڪرائي ڇڏيون هيون، اهي رهائشگاهون ڪوڙهي علائقا چورايا ويندا هئا، ماڻهو اک، منهن ۽ نڪ بند ڪري علائقي کان ويجهو گذرندا هئا، ماڻهو مريضن لاءِ کاڌو ڀتين کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيندا هئا ۽ هو ويچارا مٽي ۽ گپ ۾ ليٿڙندي ماني ڇنڊيندي کائي ڇڏيندا هئا، ملڪ جي تقريبن سمورن شهرن ۾ ڪوڙهي علائقا موجود هئا، پاڪستان ۾ ڪوڙهه کي ناقابل علاج سمجهيو ويندو هو جيتوڻيڪ ڪوڙهه جي شڪار مريضن وٽ 2 آپشن هوندا هئا اهي سڏڪي ساهه ڏين يا خودڪشي ڪري ڇڏين هي انتهائي دل کي وڻندڙ ۽ توانائي سان ڀرپور عورت هئي ۽ هي يورپ جي شاندار ترين ملڪ جرمني جي شهري به هئي، زندگي جون خوبصورتيون ان جي رستي ۾ وکريل هيون پر هن ان وقت هڪ عجيب فيصلو ڪيو، هوءَ جرمني کان ڪراچي آئي ۽ هن پاڪستنا ۾ ڪوڙهه جي مرض خلاف جهاد شروع ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ ان کانپوءِ واپس نه وئي هن پاڪستان جي ڪوڙهين لاءِ پنهنجو ملڪ، پنهنجي جواني، پنهنجو خاندان ۽ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي،

هن ڪراچي ريلوي اسٽيشن جي پويان ميڪلوڊ روڊ تي ننڍو سينٽر ٺاهيو ۽ ڪوڙهين جو علاج شروع ڪري ڇڏيو، ڪوڙهه جي مريضن ۽ انهن جي وارثن ان فرشتي صفت عورت کي حيرت سان ڏٺو ڇو ته هن وقت تائين ڪوڙهه کي الله جو عذاب سمجهيو ويندو هو ماڻهن جو خيال هو هي گناهن ۽ ڏوهن جي سزا آهي، جيتوڻيڪ ماڻهو انهن مريضن کي گناهن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏيندا هئا انهن لاءِ پهريون چئلينج ان تصور جو خاتمو هو، انهن کي بيماري کي بيماري ثابت ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ويو ۽ ان کانپوءِ مريضن جي علاج جو سلسلو شروع ٿيو.

هي عظيم عورت پنهنجن هٿن سان انهن ڪوڙهين کي دوا به کارائيندي هئي ۽ انهن جي مرهم پٽي به ڪندي هئي، جن کي انهن جا سڳا به ڇڏي ويا هئا ان جو نيڪ جذبو ۽ نيت صاف جيتوڻيڪ الله تعاليٰ هن جي هٿن ۾ شفا ڏئي ڇڏي. هي مريضن جو علاج ڪندي ۽ ڪوڙهه ورتل ماڻهن جو ڪوڙهه ختم ٿي وڃي ها، ان دوران ڊاڪٽر آءِ ڪي گل به ان سان شامل ٿي ويو انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ 1963ع ۾ ميري لپريسي سينٽر ٺهيو ۽ مريضن جي خدمت شروع ڪرڻ لڳو، انهن ڏينهن ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرن، سوشل ورڪرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي تربيت جي شروعات به ڪري ڇڏي، اهڙي طرح هي سنيٽر 1965ع تائين اسپتال جي صورت اختيار ڪري ويو، انهن جذن خلاف ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سوشل ايڪشن پروگرام شروع ڪيا، ڊاڪٽر جي دوستن چندو ڏنو پر ان کانپوءِ به 70 لک روپيا کٽا پئي، هو واپس جرمني وئي ۽ جهولي ڦهلائي ماڻهن جي اڳيان بيهي رهي جرمني جي شهرين 70 لک روپيا ڏنا ۽ اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪوڙهه خلاف انقلاب اچي ويو هوءَ پاڪستان ۾ ڪوڙهه جا سينٽر ٺاهيندي وئي ايستائين جو انهن سينٽرن جو انگ 156 تائين پهچي ويو،

ڊاڪٽر ان دوران 60 هزار کان وڌيڪ مريضن کي زندگي ڏني اهي ماڻهو نه رڳو ڪوڙهه جي مرض کان صحتياب ٿيا پر اهي عام ماڻهن وانگر زندگي به گذارڻ لڳا، ان جي ڪوششن سان سنڌ، پنجاب ،خيبرپختخونخواهه ۽ بلوچستان مان ڪوڙهه ختم ٿي ويو ۽ عالمي صحت جي اداري 1996ع ۾ پاڪستان کي ”لپريسي ڪنٽرولڊ“ ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو پاڪستان ايشيا جو پهريون ملڪ هو جنهن ۾ ڪوڙهه تي ڪنٽرول ٿيو هو اهي ماڻهو هاڻ قبائلي علائقن ۽ هزاره ۾ ڪوڙهه جو پيڇو ڪري رهيا آهن ۽ انهن جو خيال آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان مان ڪوڙهه جا جزا به ختم ٿي ويندا، حڪومت 1988ع ۾ ان کي پاڪستان جي شهريت ڏئي ڇڏي هن کي هلال پاڪستان، ستاره قائد اعظم، هلال امتياز ۽ جناح ايوارڊ به ڏنو ويو ۽ نشان قائد اعظم سان به نوازيو ويو، آغا خان يونيورسٽي کيس ڊاڪٽر آف سائنس جو ايوارڊ پڻ ڏنو جرمني جي حڪومت به هن کي آرڊر آف ميرٽ سان نوازيو. اهي سمورا اعزاز ۽ ايوارڊ تمام شاندار آهن پر هي فرشتن جهڙي عورت ان کان وڌيڪ جي حقدار آهي جواني ۾ پنهنجو وطن ڇڏڻ دنيا جهان آباد ٿيڻ لاءِ ٽئين دنيا جا لکين ماڻهو زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن ۽ ان ملڪ ۾ اچڻ جنهن ۾ نظرين ۽ عادتن جي بنياد تي اختلاف نه ڪيو ويندو آهي، پر انسانن کي مذهب ۽ عقيدن جي بنياد تي سٺو يا خراب سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ ماڻهو پاڻ کي وڌيڪ سٺو مسلمان ثابت ڪرڻ جي لاءِ ٻين کي بنا ڪنهن ڊپ جي ڪافر قرار ڏئي ڇڏيندو آهي، ان جو نالو آهي ڊاڪٽر روٿ فائو ڊاڪٽر روٿ جو پنهنجي جواني ۾ ئي جرمني کان پاڪستان ۾ اچڻ ۽ پنهنجي زندگي هڪ ڌارئي ملڪ ۾ اهڙن مريضن لاءِ ارپي ٿي جن کي پنهنجا رت جا رشتا به ڇڏي ويندا آهن، واقعي اهو ڪمال آهي! ڊاڪٽر روٿ هن ملڪ جي هر ان شهري جي محسن آهي جيڪو ڪوڙهه جو مريض هو يا جنهن جو ڪو مٽ مائٽ ان موضي مرض ۾ ورتل هو يا جيڪو هن مرض ۾ وٺجي سگهيو پئي، اسان مڃون يا نه مڃون پر اها حقيقت آهي ته هي عورت، هن جي ساٿي سسٽر بيرنس ۽ ڊاڪٽر آءِ ڪي گل پاڪستان نه اچن ها ۽ پنهنجي زندگي ۽ پئسو هن ملڪ تي خرچ نه ڪن ها ته شايد اسان جي ملڪ جي روڊن ۽ گهٽين ۾ هن وقت لکين ڪوڙهه جي مرض ۾ ورتل مريض ڦرندا نظر اچن ها ۽ دنيا اسان تي دروازا بند ڪري چڪي هجي ها نه اسان جي ملڪ ۾ ڪو اچي ها نه ئي اسان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي سگهون ها اهي ماڻهو اسان جا محسن آهن ۽ اسان کي کين اڃان وڌيڪ ايوارڊ ڏئي انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

آن لائين انڊس نيوز جي ٿورن سان

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *