دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو وڃي…!

 

لاهور جي يوحنا آباد ۾ جيڪو ٿيو اهو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل هو ۽ ان کانپوءِ جيڪو ٿيو اهو به افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، چرچن تي آپگهاتي حملو ڪندڙن جي جيڪا چال هئي ان ۾ هو اسان جي ناداني جي ڪري لڳي ائين ٿو ته ڪامياب ويا آهن ۽ ڪامياب ٿي رهيا آهن، هاڻي به صورتحال کي سمجهندي عقل مندي نه ڏيکاري وئي ته پوءِ انهن کي شايد ناپاڪ ارادن جي عمل جو وڌيڪ موقعو ملي سگهي ٿو. مسيحي برادري کي نشانو بڻائڻ ۽ پوءِ مسيحي برادري ۽ اڪثريتي مسلم آبادي کي ويڙهائڻ دهشتگردن جي رٿابندي هئي ۽ جيڪڏهن دور انديشي سان ڏسجي ته اها سوچ اڃا به ڪنهن ٻئي جي ٿي سگهي ٿي جيڪو پاڪستان جو دشمن آهي. دهشتگردن کي ته رڳو مهُرو بڻائي استعمال ڪيو ويو ۽ انهن جون واڳون سنڀاليندڙ اڃا ڪي ٻيا آهن، لاهور ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ ان تي سموري قومي قيادت ۽ عوام پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ احتجاج ڪري ان جو عملي ثبوت به ڏنو ويو، پر ان واقعي جي رد عمل ۾ جيڪو ٿيو، ٻن مسلمانن کي جيئرو ساڙيو ويو، هڪ طرح جو ڄڻ ته تماشو بڻايو ويو، اهو ناقابل بيان آهي ۽ ان جي جيتري مذمت به ڪجي گهٽ ٿيندي، دهشتگردن ته بقول وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي باهه لڳائي پر ان کي هوا بعد ۾ ڏني وئي، جيڪا ٻن ماڻهن کي پڪڙي جيئرو ساڙڻ جي صورت ۾ ڏني وئي.دشمن هڪ تير سان ٻه شڪار ڪري ويو آهي ۽ ان جي اڃا به ڪوشش آهي ته فسادن جي باهه ڦهلائي ان جي هڪ جهلڪ ڪالهه لاهور ۾ احتجاج جي صورت ۾ نظر آئي جتي ڏنڊا بردار ماڻهن جن پاڻ کي مسيحي برادري جو ظاهر پئي ڪيو انهن شهر کي جنگ جو ميدان بڻائي رکيو، ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ، سرڪاري ملڪيتن، کي نقصان پوليس سان چڪريون ۽ سرعام ڏنڊا کڻي گهمڻ هي ڪم پرامن عيسائي برادري جو ناهي پر ڪنهن سازشي ٽولي جو آهي جيڪو پرامن ڪميونٽي ۾ داخل ٿي انهن جو نالو استعمال ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ فساد ڦهلائڻ چاهي ٿو. دهشتگردي جا واقعا پهريان به ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن واقعن خلاف احتجاج به ٿيندا رهيا آهن پر انهن ۾ اهڙي ڪنهن به سرگرمي جو مظاهرو نه ڪيو ويو جهيڙي ريت لاهور ۾ احتجاجن کانپوءِ ڪيو ويو آهي، چرچ واقعي بعد احتجاج متاثرن جو حق هو ۽ پرامن احتجاج کان ڪنهن کي روڪيو به ناهي ويو پر، پرتشدد احتجاج ڪنهن به ريت سٺو عمل ناهي، اسان مڃون ٿا ته عيسائي برادري پرامن نموني احتجاج ڪيو پر ڳالهه هي اهي ته ان ئي احتجاج کي ته وڳوڙين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو، انهن هينئر باهه کي اڃان به هوا ڏني آهي جنهن کي تدبر ۽ صبر سان اُجهائڻ جي ضرورت آهي، لاهور واقعي ۾ پڪڙيل ٻن مشڪوڪ جن کي شڪيقرار ڏئي ساڙيو ويو انهن کي پڪڙي پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حوالي ڪرڻ گهرجي ها. بي رحمي ۽ ڪٺور دلي جو مظاهرو ڪندي بنا ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي ٻن ڄڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، هي واقعو وڏي سازش جي عڪاسي ڪري ٿو، دشمن عناصر چاهين ٿا ته لاهور واقعي بعد وڳوڙن جي باهه کي سڄي ملڪ اندر ڦهلايو وڃي، هن نازڪ حالتن ۾ هوش مان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي، عيسائي برادري کي به سوچڻ گهرجي ته ڪير آهي جيڪو انهن سان پيش آيل واقعي کي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهي سڀ هن ملڪ، هن قوم جا دشمن آهن، هن ملڪ جي سمورن طبقن کي به سوچڻ گهرجي ته جيڪي به واقعا ٿيا اهي افسوسناڪ آهن ۽ انهن جي آڙ ۾ دشمن پاران وڇايل ڄار کان پاسو ڪري ۽ اتحاد ۽ اتفاق کي دانم ۽ قائم رکيو وڃي، گڏوگڏ سرڪار کي به اپيل آهي ته اها واقعي جي جاچ ڪري وڳوڙين ۽ انهن جي آقائن کي بي نقاب ڪري ته جيئن امن ۽ ايڪتا واري فضا کي ڪير متاثر نه ڪري سگهي. ،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *