تعليم ۽ ثقافت جو اڻٽر رشتوۡ: نجم الدين سومرو

“جنهن کي تو مورڳ پوشاڪ پئي ڀائنيو! اها صدين جي مصافحتن جي تسلسل جو هنر آ جا هن قوم جي ورثو بڻيو آهي“ بلڪل ايئن ئي ثقافت هر دور جي ماڻھن لاء باعث فخر رهي آھي. سنڌ جي سڀيتا به نج موروثي رهي آھي يعني ٻئي ڪنهن جي اثر هيٺ ناهي رهي. اجرڪ هجي يا سنڌي ٽوپي ان جو ٽاني ڪنهن به تهذيب ۾ نه ٿو ملي. اسين هن ٽقافت جي بلنديء جو اندازو  موهن جو دڙو جي آٽارن مان لڳائي سگهون ٿا. نئون نسل هن جي مهانتا جا قصا ٻڌائيندي ٻڌائيندي نه ٿو ٿڪجي پر بدقسمتي سان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ٿو ڪري ته هيڏي وڏي ترقي, پلاننگ,ماپ طور جا اوزار, پڪا گهر ۽ سٺو شھري نظام بنا علم  جي  هيتري اوج تي پهتو هوندو!؟ نه ايئن بلڪل نه هوندو ڇو ته علم ئي واحد هٿيار رهيو آهي جنهن قديم توڙي جديد ثقافتن کي اوج يا پستي ڏيکاري آهي, جنهن مان اندازو لڳائي  سگهجي ٿو ته صرف پوشاڪ نه بلڪ تعليم هنر رهڻي ڪهڻي خصوصن ٻولي به سڀيتا جي بقائي عنصرن مان هڪ آهن جن کان بنا ڪا به قوم عروج ۽ ترقي جا ڏاڪا نه ٿي اورانگهي سگهي.

قديم دور تي نظر ڊوڙائڻ سان خبر پوندي ته جنهن به قوم جي ٻولي جي منتقلي تيز تر هئي اها پاڻ کي تاريخ جي وهڪرن مان گهاريندي پاڻ کي ميسارجڻ کان بچائيندي آئي آ جنهن جو مٽال عربي ٻولي جو آهي. قران مجيد جي نازل ٿيڻ کان اڳ عربي ٻولي جي منتقلي فقط ڪهاڻين, قصن  يا وري شاعري جي ذريعي  بقا جو ريج کڻندي پاڻ کي مستحقم ڪندي آئي آھي. ساڳئي طرح,سنڌي يا سنسڪرت به پنهنجي بچاء جا بند به تاريخي قصن يا شاعري جي صورت ۾ ٻڌا. خاص طور , سنڌيء ٻولي کي لطيف لاکهڻون ٿي لڳو جنهن پنهنجي شاعري جي ذريعي ٻولي جي آسمان تي لفظن جا اڻکٽ ستاره ڏنا. لطيف جي شاعري به  سوچ لوچ ۽ ڄاڻ جو محور آھي جنهن کي پڻ علم جي نسبت سان پرکيو وڃي ٿو.

اڄڪله جديد دور ۾ به اها ئي قوم طاقتور تسليم ڪئي وڃي ٿي جنهن جي ٻولي مضبوط هجڻ سان گڏوگڏ  جديد علمن تي به عبور حاصل آھي. آمريڪي ء يورپي ملڪن جو دنيا جي ٻين تهذيبن تي اثر  ان ڳاله جو چٽو پٽو مثال آھي.  اهڙي نموني چائنه, جاپان, آمريڪا ۽ ٻيا طاقتور ملڪ ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جا محتاج نه آهن بلڪه هو پنهنجي ٽقافت ٻين تي مڙھڻ جي قوت به رکن ٿا جنهن کي جنهن کي جديد اصطلاح ۾ ”سافٽ ڪلچر“ سڏجي ٿو جنهن جو وڏي ۾ وڏو ذريعو ميڊيا آهي.   انهن ڳالهين مان اندازو هڻي سگهجي ٿو ته صرف لباس ئي سڀيتا جو حصو نه آھي بلڪ ٻولي به اهم محرڪن مان هڪ آهي. مطلب ته ٻولي جي منتقلي کانسواء اسين دنيا جي ڪنهن به ثقافت کي ان جي بلنديء يا بقاء جو سوچي به نه ٿا سگهون. ھاڻي اسان  وٽ ٻولي جي مستقل فراهمي جو ذريعو يا هٿيار فقط ئي فقط تعليم ئي آهي جنهن سان نه صرف سنڌو سڀيتا کي دنيا آڏو نروار ڪري سگهون ٿا بلڪ ٻين ڪيترن ئي مورچن تي خواه اهي سماجي هجن يا اقتصادي انهن تي زور آزمائي پڻ ڪري سگهون ٿا. جديد دنيا ڏينهون ڏينهن  گلوبلائزيشن   (هڪ ڳوٺ) جي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي جنهن ۾ مختلف تهذيبون هڪ ٻئي تي حاوي ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل آھن برتري (Hegemony) فقط ان کي ئي نصيب ۾ هوندي جا ٻين کان قديم ۽ وشال هجڻ سان گڏوگڏ پاڻ ۾ نون علمن جو خزانو به رکندي هجي. ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ فقط اجرڪ ۽ ٽوپي پائي اهو سمجهڻ ته اسان سڀن قومن کان آڙيڪاپ آھيون, دراصل وڏي ڀل هوندي. ماضيءتي فخر هجڻ سان گڏوگڏ حال جي حقيقتن کي پرکڻ ئي وڏي دانائي ليکبي آھي جنهن سان مستقبل جا فيصلا اٽڪيل هوندا آھن ۽ هن وقت حال جي اصل حقيقت هي آھي ته سنڌ تعليمي لحاظ  خيبرپختونخواه کان به پٺتي آھي! ڪاپي ڪلچر ڄڻ ته اسان جي ڪلچر جو حصو هجي. نئون نسل مختلف مسائل جو شڪار آھي جڏهن ته بيروزگاري ڏينهون ڏينهن نانگ جيڏو ڪر کنيون بيٺل آهي. مذھبي انتها پسندي جي مٿان دهشتگردي جو رنگ چڙھي رهيو آھي.  دراصل هن وقت سنڌ سان وڏي ۾ وڏي سچائي اها ئي ٿي سگهي ٿي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي علم جي نور سان روشن ڪيون.  جديد علمي لاڙا, بين الاقوامي اسڪالرشپ ۽  ٻيا ڪيترائي ئي موقعا اسان جا منتظر آهن ضرورت ان عهد جي آھي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي ان قداور ثقافت جو وارث بڻايون جا ايندڙ وقت جي وڏي قوت ٿي اڀري. اهڙي ڪاميابي صرف ايڪتا يا ٽوپي اجرڪ جو ڏينهن ملهائڻ سان نه  بلڪ تعليم ئي واحد ونجھ آھي جنهن سان ثقافت   جي ٻڏندڙ ٻيڙيء کي بقائيت جي ڪناري لاهي سگهجي ٿو. جيتري قدر ايندڙ نسل علم جي جهنڊي هيٺيان هوندو اوترو ئي مستقبل ۾ ٽقافت ۽ سڀيتا نروار هوندي.  ٻولي کي بچائڻ جون رڙيون نه بلڪه ترقي ۽ ڪاميابيء جي لهرن تي ترڻ وارو  هٿيار ”تعليم“ جي شڪل ۾ ھوندو, جنهن سان وري مستقبل  جي سيني تي هڪ دفعو ٻيهر موئن جي دڙي جهڙي تهذيب اڏي  سگهجي ٿي. هڪ   علم دوست ”مشوري اياز “ جي هنن لفظن وانگيان ته؛

سنڌ هاڻي انقلاب چاهي ٿي

ها! قلم ۽ ڪتاب چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.