ابوظهبي ٽيسٽ: پاڪستان پهرئين اننگز ۾ ٽي سئو اٺيتاليهه رنسون ٺاهي آئوٽ

 

دبئي(اسپورٽس نيوز) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستاني بيٽسمين شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ پوري ٽيم 348 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته قومي ٽيم کي ڪيويز  تي 74 رنسن جي برتري حاصل آهي.شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جي ٽئين ڏينهن اظهر علي ۽ اسد شفيق راند جي شروعات ڪئي.اظهر علي سينچري ۽ اسد شفيق ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي راند جي ٽئين ڏينهن 201 رنسن جي حصيداري قائم ڪئي ۽ ٽيم جو مجموعي اسڪور 286 رنسن تائين پهتو ته اظهر علي سومرويلي جو شڪار بڻيو.اظهر علي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 12 چوڪن جي مدد سان 134 رنسن جي اننگز کيڏي، پاڪستان جي پنجين وڪيٽ اسد شفيق جي ڪري جيڪو 104 رنسون ٺاهي اعجاز پٽيل جو شڪار بڻيو، هن اننگز ۾ 14 چوڪا به هنيا.ڇهون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر بابر اعظم هو جيڪو 14 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن بلال آصف به 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.قومي ٽيم جي اٺين وڪيٽ ياسر شاهه جي ڪري جيڪو 1 رنس ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، حسن علي بنا ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته ڪپتان سرفراز احمد 25 رنسون ٺاهي ڪيچ ڏئي ويٺو.قومي ٽيم پهرئين اننگز ۾ اظهر علي ۽ اسد شفيق جي سينچرين جي ڪري 348 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي، پاڪستان کي ڪيويز  تي 74 رنسن جي برتري حاصل آهي.نيوزيلينڊ طرفان وليمسن 4، اعجاز پٽيل ۽ ٽرينٽ بولڊ 2، 2 رانديگرن جو شڪار ڪيو. گذريل ڏينهن قومي ٽيم 3 وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنسون ٺاهيون هيون، حارث سهيل 34، امام الحق 9 ۽ محمد حفيظ بنا ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *