بجيٽ 16-2015 اُٺ اڳي ئي ٿي رڙيا ؛سجاد مهر

ڪاڻيءَ جو وِهانءُ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڇيڏڪ به ٿيا ته نغارا به وڳا. اهو وهانءُ عوامي بجيٽ جي بينر هيٺ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پاران اعلانيو ويو. حڪومت نيٺ بجيٽ اعلاني ”سيرو کاڌو پاتل ڦاٽي“ جهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو. بجيٽ بابت مون امڪاني طور انهن حالتن کي اڳئين ڪالم ۾ ڀوڳيو هو، اڄوڪو اعلان ان جي تصديق کڻي آيو آهي. مخالف ڌر، چون ٿا ته ان ”عوامي بجيٽ“ کي رد ڪيو آهي، توڙي جو مخالف ڌر جي اڳواڻ کي تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ تعذير جهڙو بيان ٻُڌايو ويو آهي ته اهڙي مبارڪ بجيٽ تي تنقيد ۽ انڪار ڪرڻ، جمهوري ڪفر جي دائري ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري هو سڀاڻي يعني سومر تي ڳالهائي. اڄوڪو ڏينهن هن بجيٽ خلاف هو هڪڙو به گُٿو لفظ ٻڌڻ جي موڊ ۾ ناهن. پوءِ به خورشيد شاهه خاموش رهي نه سگهيو ۽ هُن عوامي پاسو جهليندي بجيٽ کي اميرن جي بجيٽ قرار ڏيندي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

هن سموري بجيٽ ۾ سڀ ڪجهه آهي پر عوام ناهي. اهي انگ اکر عوامي ناهن، اهو اعلان ۽ انداز عوامي ناهي. مهانگائيءَ کان ويندي سستائپ تائين جا لفظ ايوان جي نڙيءَ مان نڪتا ۽ مائيڪن معرفت گونجيا پر اهي اعلان ڪنهن سهائتا جو سبب بڻجي نه سگهيا. عوام لاءِ ته ’جهڙيون سٺ تهڙيون ٽي ويهان‘ جهڙي حالت لڳي رهي آهي، جن شين کي سستو ٿيڻو هو سي آسمان سان لڳايون ويون. جيڪي شيون اڳ ئي عوام جي پهچ کان پري هُيون تن کي ويتر پري ڪري انتظامي ڌر ثواب دارين حاصل ڪيو. هار سينگار مهانگو، کير ۽ کاڌي جا ڪيترائي اسم آسمان تي، موبائل فون مهانگي پر جهازن جا پُرزا سستا، اڏاوتي سامان سستو، زرعي اوزار سستا؛ چوندا آهن ته ”اَنُ نه مهانگو، پرين نه ڪوڙا“ مطلب ته زرعي حوالي سان مشينري سستي پر هاريءَ جو پگهر، محنت، مزدوري ۽ انهن جي ڪڙهندڙ رت ساڳي قيمت تي! سيلز ٽئڪس جي مد ۾ ٻيڻا ٽيڻا فارمولا، مڇي گوشت ۽ چانورن تي ٽئڪس، ليپ ٽاپ اسڪيم جاري رکڻ جو اعلان ٻئي پاسي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ ساڍا ست سيڪڙو واڌ!

عوام ڏانهن سرڪاري سنجيدگي نوٽ ڪرڻ جوڳي آهي. توڙي جو اهي انگ اکر آءِ ايم ايف جو اشارو آهن پر تڏهن به اهو ”دل کوٽي عُذر گهڻا“ واري بهاني جيان آهي. جيئن چوڻي آهي ته ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو. سو هن سڄي کٽراڳ ۾ سرڪار کي سرڪاري ملازم سولا لڳا پر مون ته سرڪاري ملازمت کان ٻه قدم اڳتي وڌي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ بابت لکيو هو ته انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين“ تي حياتيءَ جو گاڏي گهلي رهيا آهن.

اهڙي پرفارمنس مان ته اهو ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سرڪار کي عوام جو اونو ڪونهي ڪو، غريب جي دال روٽي ۽ ٻن ويلن جي وقت جو ڪو به اسڪيچ ڪونهي ڪو، اربن جي انهيءَ انگ ۾ بس ناهي ته اهو ويچارو عوام.

عوام دوست بجيٽ جو اثر ايندڙ ڏينهن ۾ ظاهر ٿيندو، جڏهن نئين فارمولي تحت زندگي نئون رخ وٺندي. هينئر رڳو هنبوڇيون آهن. اخبار جي پاسي ۾ خبر اها به پيسٽ ٿي پئي آهي ته سنڌ جي بجيٽ عوام دوست هوندي. توڙي جو مبينا اخباري خبر ۾ اهي به اطلاع آهن ته وفاق واري فارمولي تحت عمل ڪيو ويندو. هڪ پاسي مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي جيڪو موجوده فارمولي کي غير عوامي ٿو ڪوٺي ۽ اميرن جي بجيٽ ٿو چوي ٻئي پاسي سندس پارٽيءَ جو فيصلو وفاق سان هر حال ۾ راضي رهڻ ۽ انهن کي فالو ڪرڻ واري فارميٽ تحت ئي هلڻ جا اعلان آهن ۽ ٽئين پاسي کان آهي هي عوام، جنهن جي ٻڌڻ وارا شايد ته ٻوڙا ٿي پيا آهن، ڪٿي آهي انهن لاءِ بجلي ۾ ڪو رليف، گئس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي واري خبر، ڪٿي آهي انهن لاءِ ميرٽ تي نوڪري حاصل ڪرڻ جو آسان رستو، بيروزگاريءَ جي خاتمي جي ڪا خبر، بک جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪو پيڪيج، مُفت ۾ علاج ٿيڻ جي ڪا سهائتا، امن جي حوالي سان ڪا آٿت جهڙي اُميد! هي ته سئو سيڪڙو ئي اُن خبر جهڙي بجيٽ آهي، جيئن سينئر پرائيويٽ سيڪريٽرين جي پگهارن ۾ سئو سيڪڙو اعلان ٿيو آهي. قرضن ۽ وياجن جي معاملي ۾ ته 15 کربن جي خبر پرنٽ ٿي پئي آهي پر يوٽيلٽي اسٽورز واري رعايتي ڪميءَ تي به ڪنٽرول ڪيو ويو آهي ته وري کنڊ جي برآمد تي ملندڙ سبسڊي به ختم ڪئي وئي آهي.

ٻڌڻ ۾ ته اهو به آيو آهي ته، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ائين ٿيو آهي جو بجيٽ دستاويز قيدين واري وين ۾ وجهي پوليس جي سخت پهري هيٺ پارلياميٽ تائين پهچايا ويا… مطلب ته 67 صفحن واري اُن دستاويز کي به دهشتگرديءَ جو ڊپ هو ته متان اها رستي تان ئي هاءِ جيڪ نه ٿي وڃي. جيڪا وڏي هڻ وٺ کانپوءِ سرڪار سڳوريءَ رليف جي صورت ۾ پنهنجي عوام جي اُميدن پٽاندڙ تيار ڪئي آهي.

اندازو ڪريو، جنهن ملڪ ۾ ڪاغذ به محفوظ نه هُجن، پيپرن کي به پروٽوڪول گهرجي، سرڪاري گاڏيون ۽ گارڊ گهربل هُجن، اُن ملڪ جي ويچاري عوام جي تحفظ لاءِ انهن پيپرن ۾ ڪهڙو پيغام لکيل هوندو… سرڪار پنهنجي سيڪيورٽيءَ لاءِ ته سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي پر اُن عوام لاءِ ڪجهه ڪري سگهڻ جي ست نه ٿي ساري، جنهن عوام هن کي عظيم بڻائي اُن عهدي تائين رسايو آهي.

توڙي جو اسين اهو سمجهون ٿا ته اسان جي هيءَ واويلا، اهو روئڻ  ۽ احتجاج ”رڍن اڳيان رباب“ جيان آهي، انتظاميه جيڪا اڳ ئي سکڻي ڪُنيءَ جيان گهڻو اُڀامي رهي هئي، بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ حالتن جي منهن تان اهو ماسڪ لهي پيو آهي. هُو شعوري طور اهو سڀ ڪجهه ڪري چُڪا، جهڙي انهن مان هتان جي عوام کي اُميد هئي. سرڪار عُذرن جي حوالي سان ڀلي عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي لاٿ يا ڌرڻن جي هجڻ سان معاشي عدم استحڪام جي ڳالهه ڪري پر سچ اهو آهي جيڪو اسڪرين تان ڏٺوسين ۽ اخبارن ۾ پڙهيوسين. 253 اربن جا نوان لڳايل ٽئڪس سرڪار لاءِ جيترو سهائتا جو سبب بڻيا، اهو ته الڳ پر هي عوام انهيءَ ٽئڪس جي دٻاءَ هيٺ ويتر دٻجي ويندو…. يقينن اگهن جي صحت بهتر ٿي ويندي، مهانگائي جو مزاج بدلبو، دڪاندارن جو دماغ ڦرندو، قيمتون آسمان تي چڙهي وينديون. اهڙي صورت ۾ پورهيت، هاري، ڪمي ڪاسبي، کيسي خالي عوام انهيءَ مصيبت جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهندو؟!

ڪاش سياست جي سيني ۾ به ڪا دل هُجي ها، جيڪا مُفلسيءَ جي مارڪيٽ ۾ گهڙي انهن سُورن جو اندازو هڻي سگهي ها، جيڪي سُور هن اميراڻي بجيٽ غريبن جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن… هر دفعي جيان هيءَ بجيٽ به پنهنجي پر ۾ عوام لاءِ مايوسي ئي کڻي آئي آهي. ’ووءِ ووءِ ڪرڻ‘ وارن جي ڪا هڪ به نه ٻُڌي وئي آهي. پيٽ سان پٿر ٻڌي هلندڙ هن قوم جو هاڻي الله ئي واهي آهي. غريب جي چُلهه کي ويتر ٿڌو ڪري ويندڙ هيءَ بجيٽ عوام جي دل مان ڪهڙي آهه ڪڍائيندي؟ اهو ته سڀ ڪو ٿو سمجهي… هي جيڪي بيوس بار عوام جي ڪلهن تي سرڪار سڳوريءَ رکيا آهن، ان لاءِ ته اول ئي اندازو هو ته جڏهن سرڪار ٻورا ٿي سبيا، هي اُٺ تڏهن رڙيا ها…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.