يار سرفراز وسطڙو! ؛ارشد شاهه

زندگيءَ جي اڙانگي سفر ۾ ساٿي ملندا ۽ وڇڙندا رهندا آهن، پر ڪي اهڙا ساٿي به هوندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت اوچتو ڪيترن ئي ساٿين جي ذهنن تي گهڻي وقت تائين نه مٽجندڙ اثر ڇڏي ويندا آهن. نوشهروفيروز ضلعي جي ديهه مچر ۾ چاچي عبدالحڪيم وسطڙي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سينيئر صحافي، ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن سرفراز وسطڙو به اهڙو ئي ساٿي هو، جيڪو ڪالهه بظاهر گڙدن جي تڪليف سبب حيدرآباد سول اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سرفراز وسطڙي شروعاتي تعليم اباڻي ضلعي مان حاصل ڪئي، انٽرميڊئيٽ ڪرڻ کانپوءِ هن اچي حيدرآباد وسائي. سنڌ يونيورسٽي مان سوشولاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. هو نوجواني کان قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو. هن ڪجهه سال جيئي سنڌ تحريڪ ۾ جي ايم سيد جي سرپرستي ۾ به ذميواريون ادا ڪيون. بقول سرفراز جي ته، ”مون کي ڪاليج جي وقت کان ئي صحافت ڪرڻ جو شوق هو“، ان شوق جي ڪري ئي هو قومي تحريڪ مان صحافت سان واڳجي ويو. هن 1992ع ۾ روزاني ”سنڌو“ اخبار کان صحافت جي باقاعده شروعات ڪئي. عبرت اخبار ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ پوءِ چيف رپورٽر جي حيثيت ۾ ساهه جو سڳو ٽٽڻ تائين وابسته رهيو. صحافت جي حوالي سان سرفراز منفرد شخصيت جو مالڪ هو، هميشه منهن تي مرڪ سجائي رکندڙ هن دوست جي ڊڪشنريءَ ۾ انڪار جو لفظ ئي نه هو. ساڻس ڪير ملندو ۽ ڪو ڪم چوندو ته هڪدم ها ڪري ڇڏيندو هو. ماڻهن کي آفيس ۾ وٺي وڃي يا فون ڪري حال سارو سڀني کي ڪم ايندو هو. هن سنڌ جي صحافين جي فلاح بهبود لاءِ سنڌ صحافي سنگت کي جوائن ڪيو ۽ ان جو مرڪزي صدر به رهيو، پر سنگت ۾ ڪجهه ڳالهين تي اختلافن کانپوءِ سرفراز سنڌ صحافي سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. سرفراز وسطڙي کي رپورٽر ڊائريون لکڻ ۾ وڏو ڏانءُ حاصل هو. سينئر صحافي دوست به سرفراز وسطڙي کي بهترين صحافي سڏيندا آهن. صحافت سان گڏوگڏ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي پروگرام ڪيا. ٻين صحافين جي ڀيٽ ۾ سرفراز وسطڙي جا وزيرن، سياستدانن، ڪامورن سان تمام گهڻا تعلقات هئا، هو هر ان ماڻهوءَ سان، دوستاڻي انداز ۾ ڳالهائيندو هو، پوءِ اهو دوست هجي، وزير يا ڪو اعليٰ عملدار ڇو نه هجي. چوندا آهن ته مرڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جو قدر ڪيو ويندو آهي پر سرفراز وسطڙو اهو شخص هو جنهن جو سڀني جيئري قدر ڪيو، پر افسوس جو ارڏي هُجڻ سبب هن پنهنجو قدر پاڻ نه ڪيو….

مون شروعات ۾ گڙدن جي بيماري وگهي فوت ٿيڻ واري جملي ۾ ظاهري لفظ استعمال ڪيو، اهو ان لاءِ ته ان بيماري پويان ٻي ڳالهه به آهي، جيڪا ناانصافي ۽ لاقانونيت جي عنصر کي چٽو ڪري پيش ڪري ٿي. سرفراز وسطڙي تي 2 سال اڳ قاتلاڻو حملو ٿيو، ان حملي ۾ انتهائي ويجهي مفاصلي کان ان کي جوابدار رپيٽر سان سڌو فائر ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو هو، جيڪو هن رياست جي قانون ۽ انصاف جي رکوالن جي وڏين دعوائن باوجود اڄ به فرار ئي آهي. ٻئي طرف اهو جوابدار آزاديءَ سان گهمي سُڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي، ان واقعي بعد 2 سال گذرڻ دوران سرفراز مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ رهيو. چار کان پنج ڀيرا هن جا آپريشن ڪيا ويا. رپيٽر مان ڇٽل ڪارتوس مان نڪتل ڇيرن سرفراز جي گڙدن، جگر، آنڊن ۽ جيري سميت سڀني عضون کي سخت متاثر ڪري ڇڏيو هو، ان هوندي به هو علاج سان گڏوگڏ جوابدار جي گرفتاري لاءِ قانوني جنگ لڙندو رهيو. هن کي بار بار آڇ ڪئي وئي ته ٺاهه ڪريو، پر سندس اها ئي چوڻي هئي ته جوابدار هڪ ڀيرو قانون وٽ پيش پئي. ٻي ڳالهه پوءِ ڪبي، ان سڄي صورتحال ۾ هو واڳ ڌڻين آڏو به دانهيندو رهيو، پر کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ واڳ ڌڻين ڪي به سنجيده قدم نه کنيا.  انتهائي افسوس ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته جتي سرفراز جي آخري رسمن ۾ حيدرآباد جا سمورا صحافي دوست هيا اتي سياسي، سماجي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ هڪ به ڪاموري جو نه هجڻ اها ئي سوچ ظاهر ڪري ٿو ته انهن ماڻهن جو ڪم خبر هلڻ سان آهي، خبر هلائڻ وارن سان نه. سرفراز جيڪو قومي تحريڪ سان به سلهاڙيل رهيو. جڏهن ان کي علمدار چوڪ جي قبرستان ۾ دفنايو پئي ويو ته اتي ڪجهه فرلانگن تي موجود قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، جسقم ۽ ايس يو پي جي هيڊڪوارٽرن ۾ ويٺلن به آخري رسمن ۾ شرڪت جي زحمت نه ڪئي. عبرت ۾ ڊيوٽيءَ دوران سرفراز وسطڙو اداري جي سرواڻ قاضي اسد عابد سان انتهائي ويجهو رهيو ۽ قاضي صاحب جو به ساڻس رويو هميشه پنهنجائپ وارو رهيو ۽ اها ڳالهه هو هميشه هر ڪنهن آڏو ڪندو رهندو هو. اڄ سرفراز اسان جي وچ ۾ ناهي، پر سندس يادون آهن ۽ رهنديون. هن پنهنجي ڪردار ۽ رويي سان دوستن جو وڏو حلقو ٺاهيو، جيڪي کيس ايترو جلدي وساري نه سگهندا. آخر ۾ يار کي شاهه سائين جي هن شعر جي ڀيٽا:

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *