الک نرنجن ڪانڌپي جو ڀَتُ ؛لياقت علي ٿهيم

دادو کان جوهي ويندڙ روڊ تي، گاڏي کان ٻاهر گھپ اوندھ آهي. جيتوڻيڪ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڳوٺن جون قطارون آهن پر اهي گھر ۽ وڻ به لوڊ شيڊنگ جي ڪارنهن ۾ غائب ٿي ويا آهن. زمين تي ڪٿي ڪٿي سيلي ۽ ڪلر جي اڇاڻ نظر اچي ٿي، باقي چوطرف ڌرتي تي ڄڻ ته ڪارو ڪپڙو وڇايل آهي. چوندا آهن ته اوندھ ۽ هيبت ۾ آفريڪا جي رات جو ڪو مٽ ناهي پر، انهي درجي بندي ۾ سنڌ جي ڪاري رات به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

مان رات جو دير سان جوهي پهتس. مونکي منزل تي پهچائيندڙ ٽيڪسي ڊرائيور ذات جو ڀٽو ۽ سيوهڻ جو رهاڪو آهي. مظفر ڀٽي جو سئوٽ آهي. اسان سندس ڪار ۾ ڀاڙو ڏئي ويٺاسين ته ڪراچي کان وٺي صوفياڻا ڪلام هلائڻ شروع ڪيائين. پوئين سيٽ تي مونسان گڏ ٻه عدد ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل، سوٽيڊ بوٽيڊ پنجابي طالبان ويٺا هئا. لاڙڪاڻي ڪنهن مذهبي اجتماع ڏانهن ٿي ويا. اهي همراھ ڪلاڪ کن ته پير اعجاز ۽ سچل جي ”پاڪيزه، حساس ۽ صاف سٿري سوچ رکندڙ“ ڪلامن کي برداشت ڪندا آيا پر پوءِ نيٺ ڦاٽ کاڌائون. ڀائي ڪوئي اور ڪيسيٽ نهين هي تمهاري پاس؟… نهين سر، همارا جو ڪجھ ڀي هئي يهي هي… مان ٻي ڪا ڪيسيٽ گاڏي ۾ رکندو ئي ناهيان. ڪجھ دير بعد، هي ٻئي ڄڻا وري پاڻ ۾ اهو بحث ڪرڻ لڳا ته سنڌي پيپلز پارٽي کي ڇو ٿا ووٽ ڏين ۽ مذهبي جماعتن يا عمران خان پٺيان ڇو نٿا لڳن؟ جيڪي کين سڌارن ۽ وڏيرن کان آزاد ڪرائين. پر انهي نقطي تي ٻئي هڪٻئي سان متفق هئا، تنهنڪري انهي کي بحث نٿو چئي سگھجي. ڪو اڌ منو ڪلاڪ باهمي امور دلچسپي تي تبادله خيال ڪرڻ يعني سنڌين تي دئونس ڪڍڻ بعد ٻئي ڄڻا ننڊ پئجي ويا.

جوهي ڏانهن منهنجي روانگي جو مقصد، هڪ ذاتي نوعيت جو ڪم سرانجام ڏيڻ آهي. تنهنڪري هي مضمون به ذاتي سوچ ويچار جو نتيجو آهي. هڪ گذاري ويل مائٽ جي خيرات جي ماني کائڻ وڃي رهيو آهيان. سوچيان ٿو انهي مائٽ جو توهان سان مختصر تعارف ڪرايان. هي زوال جا داستان آهن، تنهنڪري ههڙو عام شخصي تذڪرو پڙهندي توهان جيڪر بور ٿيو ته مونکي بخش ڪجو.

ڳالھ ڪجھ هن ريت آهي؛

اسانجو بابا ننڍي عمر ۾ يتيم ٿي ويو هو. صفا اڻپڙهيل، ڏاڍو غريب پر غيرتمند ماڻهو هو. دادو شهر جي هڪ واڻئي، ڪهل کائي ساڻس نيڪي ڪئي ۽ کيس مانڊڙي جيتري هٽ لاءِ سامان اوڌر تي ڏيندو هو. ائين هڪ ننڍڙي شهر ۾ زالين مڙسين محنت ڪري، لنگھڻ ڪاٽي، پندرهن ويهن سالن ۾ هي جوهي جو سرڪردو واپاري ٿي اڀريو. ايوب خان جي آخري ورهين تائين هنن ماڻهن معاشي طاقت سان گڏ سياسي اثر رسوخ به حاصل ڪيو ۽ خانصاحب حميد جتوئي مرحوم سان سندن سياسي الائنس ٺهيا. انهي عرصي ۾ هڪ همراھ، بنام مولا بخش وٽن ملازم ٿي آيو. هي بابا وارن جي هڪ مائٽياڻي وٽ هوندو هو، ننڍپڻ کان ڇورو ڇنو هو سو بابا وارا کيس پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ اچي کيس پاڻ وٽ بيهاريائون. ڪجھ عرصي بعد بابا جو مٿس ايڏو ته اعتبار ٿي ويو جو کيس پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏنائين. مولا بخش شروع ۾ سندن هڪ دڪان تي اچي بيٺو پر پوءِ جڏهن ڪڻڪ پيهڻ جي کري کوليائون ته انهي تي اچي ويٺو. اهڙي ريت هڪ يتيم ٻار مان ڦري سيٺ مولا بخش سڏجڻ ۾ آيو. سچار ماڻهو تڏهن مانَ لهندا هئا، سو چند سالن بعد هو اسانجي گھر ۾ ٿيندڙ هر ڪم جو انچارج بنجي ويو. گھرن جي تعمير هجي يا شادين ۾ ڀت ڪرائڻو هجي، مولا بخش انهي سموري ڪم جو نگران، منتظم اعليٰ ۽ ڪاڄ ۾ گھربل سموري سامان جي فراهمي جو سربراھ سمجھيو ويندو هو.

اسان وٽ جوهي ۾ جاين جي مرمت يا تعمير، عام طور تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن گھرن ۾ شاديون ٿينديون هيون. اسانجي وڏي ڀاءُ جي شادي وقت اسانجي اباڻي گھر جي مرمت ۽ رنگ ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي. هي قديمي گھر شهري طرز تعمير جي ٺهيل ٻه ماڙ عمارت هئي، جنهن تي فقط ڀلا ڪاريگر ڪم ڪري سگھيا ٿي. انهي مرمت ۽ پڪن فرشن ٻڌڻ جو ڪم سياري جي موسم ۾ شروع ٿيو. هي اوستا ڏينهن جو اچي ڪم ڪندا هئا ۽ رات جو وري انهي اوساري کي استر اچي هڻندا هئا. انهن مان هڪ رازي جو نالو لاهوتي هو. ٻئي ڀائر هئا. ماني گھٽ کائين سگريٽ ۽ چانهن تمام گھڻي پيئن.

جيڪر گھر ۾ بجلي جي فٽنگ ڪرائڻي آهي ته بجلي جا اوزار ٺاهيندڙ ۽ هڻندڙ مولا بخش ڳولي ڏيندو، جيڪڏهن عرس جو مهينو آهي ته مولود پڙهڻ لاءِ ڊرگھ مان مولوي گھرائي وڏي مسيت تائين پهچائيندو، بصرن ۽ سونف جو فصل لهي ته ڪارخاني تي ٻوريون سبندڙ، سٿي ڪندڙ، ويٽا ٺاهيندڙ، ڪانٽي تي تور ڪندڙ مزدور آڻڻ، نون ڪارخانن يا گھرن جي مرمت يا تعمير دوران مزدورن جي ماني پچرائڻ جو بندوبست ڪرڻ، چمڙيَ کي لوڻ ڏيڻ لاءِ سانوڻ ٻاليشاهي کي ٽيهه ئي تاريخون هٿ ڪري ڀانڊي تي ويهارڻ، اهي سڀ ڪم انهي کان علاوه. هڪ ڀيري منهنجي هڪ وڏي ڀيڻ بيمار ٿي ۽ ڪافي علاج بعد چاق نه ٿي ته اسانجي وڏن کي ڪنهن ٻڌايو ته مٿس رمل ڪيو ويو آهي ۽ انهي لاءِ ڪو عامل ڀوپو گھرجي. انهي بعد ڀوپي کي ميهڙ مان کڻي جوهي پهچائڻ ۽ ساڻس گڏجي جهنگ مان بت ڪڍي انهي کي ناس ڪرڻ جي سموري ڪارروائي مولا بخش سرانجام ڏني.(جاري)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *