ٻارڻ ڪير بڻجندو؟ ؛سرواڻ چانڊيو

اڄ کانپوءِ ڪنهن وقت به ملڪ ۾ فوجي عدالتون پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏينديون، ان ڳالهه جي خبر نه آهي ته اڄ کانپوءِ ٿيندڙ واقعن جا ڪيس انهن عدالتن ۾ هلايا ويندا يا اڳ ۾ ئي ٿيل واقعن ۽ گرفتار جوابدارن کان شروعات ڪئي ويندي، ان بابت هڪ ٻن ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو، باقي قوم کي حڪومت پاران 2015ع جي شروع ۾ ملڪ ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو تحفو ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي اهو تحفو غريبن جي لاءِ ڪيترو لاڀائتو ٿيندو؟ ان جو ڇيهه وقت ئي ڪندو.

ايڪيهين آئيني ترميم جنهن جي سمورين سياسي پارٽين مڪمل حمايت ڪئي ۽ سرعام ووٽ ڏئي ان کي ڪامياب ڪيو، اتي ان آئيني ترميم جي منظوري وقت ئي دهشتگردن جي حامين ۽ مخالفن جي وچ ۾ لڪير نڪري وئي آهي ۽ ايوان ۾ ئي ان ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته ڪير ملڪ ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ ڪير ان رتوڇاڻ جي جاري رهڻ جي حق ۾ آهي. ايڪيهين آئيني ترميم جتي ملڪي تاريخ کي تبديل ڪيو آهي، اتي ان ڳالهه ۾ به فرق ڪري ڇڏيو آهي ته مذهبي ڌرين کي ڪنهن به صورت ۾ سياست جي اجازت نه هجڻ گهرجي، ڇو ته سنڌي ۾ چوڻي آهي ته رت هميشه دانگيءَ تي ورندو آهي ۽ جڏهن دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ ملڪ ۾ نظرياتي مخالفت هوندي، جتي سياسي پارٽين فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي کلي حمايت ڪئي، اتي مذهب جي نالي تي سياست ڪندڙ ڌرين جو رت دانگي تي وري آيو ۽ اندر ۾ لڪل خوف ۽ پنهنجا ڪرتوت ظاهر ٿيڻ جي ڊپ کان دهشتگردي خلاف کڄندڙ قدم ۾ حصو بڻجڻ کان نابري واري ڇڏي.

مذهبي جماعتن جو هڪ اڳواڻ جيڪو پنهنجو پاڻ کي سدائين پڙهيل لکيل مولوي چورائيندو آهي، ان آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ هڪ نئون بحث مارڪيٽ ۾ آڻيندي دهشتگردي خلاف کڄندڙ قدم کي سيڪيولر ملڪ بڻائڻ جي سازش قرار ڏئي، ان عمل کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان هاڻي عالمن کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي پڻ سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اهو چيو آهي ته ان سازش کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي.

هاڻي خبر ناهي ته واقعي ئي اها ملڪ کي سيڪيولر بڻائڻ جي سازش آهي يا دهشتگردي مان پاند آجو ڪرائڻ جي ڪوشش! پڙهيل لکيل ۽ ساڃاهه وندن جي نظر ۾ ته اها دهشتگردن کي چٿڻ جي لاءِ اهم وک آهي پر هيءُ صاحب ته ڳالهه ئي ٻي ڪري رهيو آهي. هاڻي خبر نه آهي ته صحيح ڪير آهي پر جيڪڏهن واقعي ئي سيڪيولر رياست بڻائڻ جي سازش ۾ دهشتگردن جو خاتمو ٿئي ٿو ته پوءِ جنهن به شڪل ۾ دهشتگردي جو خاتمو اچي ٿو، اسان کي اهوئي سماج گهرجي، نه ڪي انتهاپسنديءَ جي نالي تي مقتل گاهه بڻايل سماج! جتي ٻارن کان ويندي عورتن کي قتل ڪري ان کي مذهب جو نانءُ ڏئي جائز فعل قرار ڏنو وڃي.

ملڪ ۾ ماضي جي ڪارنامن کي نظر ۾ رکندي، ان ڳالهه جي به پوري پڪ آهي ته هيل به هنن فوجي عدالتن جو نشانو اهي ئي ماڻهو بڻجندا، جن جو ڪو به اوهي واهي نه آهي، باقي مولانا عبدالعزيز، مولانا فضل الرحمان سميت اهڙيون ڪي به ڌريون ان جو شڪار نه بڻجنديون! ڇو ته انهن جي پٺ ڏاڍي آهي ۽ انهن جي پويان ڏنڊي بردار گهڻا آهن. اها ڳالهه هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعن مان پڌري آهي. ڳجهن ادارن جي رپورٽ باوجود لال مسجد جي برقعي پوش خطيب کي ڪو به هٿ لائڻ لاءِ تيار نه آهي، مولانا فضل الرحمان سرعام دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن جي مخالفت ڪري ٿو پر پوءِ به کيس حڪمرانن پاران ڳراٽڙيون پاتيون وڃن ٿيون ۽ کيس سائين سائين ڪيو وڃي ٿو. پر سنڌ جي انهن لاوارث ۽ ناسمجهه نالي ماتر قومپرستن جو پڇڻ وارو ڪو به نه آهي، جن کي ڪڏهن سانگهڙ ۾ جيئري ساڙيو وڃي ٿو ته ڪڏهن کين سلو پوائزن ڏئي خالقِ حقيقي ڏانهن موڪليو وڃي ٿو! نه انهن جي قتل تي ڪنهن منصف جي ڪن تي جونءَ سري ٿي نه ئي وري ڪنهن حڪمران جي چهري تي ڪي گهنج پون ٿا ۽ هاڻ به انهي جو ٻارڻ اهي ئي سنڌ جا لاوارث ماڻهو ئي بڻجندا پر پوءِ به سياستدان ملڪ مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ اهو سڀ ڪجهه سهڻ جي لاءِ تيار آهن. ڇو ته انهن اڳ ۾ به انهن ظلمن تي آواز ناهي اٿاريو ۽ جن اٿاريو آهي انهن جي ڪو ٻُڌڻ وارو نه آهي. ائين اهو معاملو ماضي وانگر حال ۾ به جاري رهندو ۽ ٻارڻ جو شڪار ٿي نوجوان پنهنجون زندگيون وڃائيندا رهندا، نه منزل ملندي ۽ نه ئي وري شهيدن جي قطار ۾ ڪا گهٽتائي ايندي ۽ اها قطار ڏينهون ڏينهن ڊگهي ٿيندي ويندي.

16 ڊسمبر کانپوءِ جي صورتحال جي ڏس ۾ ملڪ ۾ ڪيترائي غير معمولي قدم کنيا پيا وڃن. واقعي به انهن قدمن کي غير معمولي ئي چئبو، جو سياستدان پنهنجي لاءِ کڏ پاڻ پيا کوٽين ۽ پوءِ هڪٻئي کي ڀاڪر وجهي پنهنجي ڪرڻ جي مبارڪ به ڏين ۽ ڇاتي تي هٿ هڻي چون ته اسان پنهنجو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي، آهي ڪو ٻيو جيڪو ائين پنهنجو خاتمو ڪري، ان سڄي صورتحال ۾ ماڻهن کي 17 ڊسمبر تي اعليٰ اختيارين جي هڪ پريس ڪانفرنس به نظر ۾ رکڻ گهرجي، جنهن ۾ اعليٰ اختيارين اهو واضح ڪيو هو ته هن صورتحال کانپوءِ جيڪو به دهشتگردن (طالبان) جي حمايت ڪندو، ان جو خير نه هوندو ۽ هتي هاڻ اهڙو ڪو به نه آهي، جيڪو انهن جي حمايت ڪري پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي سندن ئي طبقي جي هڪ (ر) عملدار هڪ دفعو ٻيهر انهن کي پنهنجو ٻچو قرار ڏنو، لال مسجد جي خطيب، پشاور سانحي ۾ ٻارڙن جي ڪوس تي مذمت ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر اهي ٻئي ڄڻا اڄ به خير خوبيءَ سان ويٺل آهن ۽ مزي سان پنهنجو مطالبو به مڃرائي رهيا آهن ۽ انهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي مولانا صاحب به ميدان ۾ اچي ويو آهي ۽ انتهاپسندن جي ٻانهن ڏينهون ڏينهن ٿلهي ٿي رهي آهي.

ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته دهشتگردن جي حامين کان سندن بيانن جي ٻي ڏينهن تي سخت قسم جو پُڇاڻو ڪري اُنهن کي اڳتي لاءِ خاموش ڪرايو وڃي ها، ان سان انهن دهشتگردن کي واضح پيغام ملي ها، جيڪي اڃان به ان آس ۾ آهن ته اهي ڪمزور ٿيڻ وارا نه آهن. ڇو ته هنن معاشري جي رڳ رڳ ۾ مولانا عبدالعزيز ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي پيدا ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي ڪڏهن به انهن کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏيندا ۽ جيڪڏهن واقعي ئي اهڙو ڪو قدم کڄي وڃي ها ته پوءِ لاهور ۾ سلمان تاثير جي ورسي جي تقريب تي به حملو نه ٿئي ها ۽ اهڙي سوچ ۽ عنصرن جو خاتمو يقيني ٿئي ها. پر اڳتي هلي جيڪڏهن پنهنجن ۽ پراون وارو فرق رکيو ويو، ته پوءِ سوليءَ تي اهي ئي لٽڪندا جن جو ڪو به همدرد ۽ والي وارث نه هوندو، باقي جيڪي سگهارا هوندا، انهن جو وار به ونگو نه ٿيندو ۽ سموري مُلڪ ۾ قائم ٿيل فتويٰ جون فيڪٽريون عوام ۽ ٻارن کي بک بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنديون رهنديون ۽ پوءِ آئيني ترميمون ۽ فوجي عدالتون انهن جي راهه روڪي نه سگهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *