آمريڪي صدر جي ڀارت ياترا ۽ پاڪ ڀارت لاڳاپا ؛مشتاق گبول

هڪڙي پاسي پاڪستان جو فوجي سربراهه جنرل راحيل شريف چين جي دوري تي آهي، جتي هُن بيجنگ ۾ چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين جنرل فان سان ملاقات ڪئي آهي. انهيءَ ملاقات دوران جنرل فان، پاڪستان پاران دهشتگردن جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستاني فوج پاران دهشتگردن خلاف ٿيندڙ ڪارروائي کي اهم ڪارروائي قرار ڏنو آهي. هُن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙي قسم جي ڪاررواين سان ئي دهشتگردن کي شڪست ڏيئي سگهجي ٿي. جنرل فان دهشتگردن جي خلاف وڙهندڙ پاڪستاني ڪوششن ۽ پاڪستاني فوجين جي قربانين ۽ پاڪستاني عوام جي قربانين جو پڻ ذڪر ڪيو. جنرل فان انهيءَ حوالي سان جنرل راحيل شريف کي انهيءَ مشن ۾ چين جي مڪمل تعاون جو پڻ يقين ڏياريو.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڀارت جي دوري تي دهلي پهتو آهي. آمريڪي صدر جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي دهلي جا روڊ رستا ويران نظر اچي رهيا آهن، جتي وک وک تي سيڪيورٽي اهلڪار بيٺا نظر آيا.

توڙي جو ٽي وي تي ٻنهي ملڪن جي سربراهن جو پاڻ ۾ گرمجوشي سان ملڻ جي حوالي سان بحث ٿي رهيا آهن. ان ڳالهه تان هٽي انهيءَ ڳالهه تي سوچجي ته آمريڪي صدر جو ڀارت جو دورو صرف معاهدن تائين محدود رهندو يا اُن کان علاوه ڪي ٻيا مقصد ۽ معاملا هوندا؟

جيڪڏهن پردي پُٺيان ڪجهه اهم ڳالهيون ٿين ٿيون ۽ ڪا اهم پيش رفت ٿئي ٿي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ۽ انهيءَ حوالي سان به پاڪستان جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي. جيڪڏهن معاهدن جي پس منظر ۾ ڏسجي ته اڳ ۾ به آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪيترائي معاهدا ٿي چڪا آهن پر اُنهن معاهدن ۾ ڪا اڳڀرائي اڃا تائين ناهي ٿي سگهي.

ماضي ۾ نيوڪليئر معاهدي کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر اڃا تائين انهيءَ معاهدي تي عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي. بي بي سي جي سُهيل حليم مطابق گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي شايد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڀ کان وڏو تڪرار جوهري توانائي، ٽيڪنالاجي يا ماحوليات تي نه رهيو پر اهو تڪرار هڪ سفارتڪار ۽ اُن جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ واري عورت تي رهيو!

پاڪ فوج جي سربراهه ۽ آمريڪي صدر جا دورا پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکن ٿا.ٻنهي دورن کي اِن نظر ۾ به ڏٺو وڃي ته ٻنهي دوران مان هن خطي تي اڳتي هلي ڪهڙا اثر پوندا؟ ڇو ته هڪ پاسي آمريڪا، ڀارت جي وچ ۾ ويجهڙائي قائم ٿي رهي اهي ته ٻئي پاسي پاڪستان، چين سان ويجهڙائي قائم ڪري، ٻنهي ملڪن جي سربراهن تي باور ڪرائڻ چاهي ٿو ته اُن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هن خطي جا پاڪستان ۽ چين ٻه اهم ملڪ آهن، جن کانسواءِ ايشيا کنڊ جون حالتون بهتر بڻجي نٿيون سگهن! ڇو ته پاڪستان ۽ چين ٻه اهڙا ملڪ آهن جن سان ڀارت جون کوڙ معاملن تي تڪرار پڻ هلندڙ آهي.

ڪجهه وقت اڳ سموري دنيا ڏسي چڪي آهي ته ڀارت، عالمي قانون جي خلاف روزي ڪندي، سرحد تي بنا جواز فائرنگ ڪندو رهيو آهي، اهو ئي اُهو سبب آهي، جنهن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهندي پئي اچي. اڳتي هلي اها ڇڪتاڻ وڌي به سگهي ٿي، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ اها ڳالهه هن خطي جي امن ۽ سلامتي جي حوالي سان انتهائي سنگين ۽ تباهه ڪُن نتيجا ڏيئي سگهي ٿي. تنهن ڪري جيتري قدر ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو ويندو، اوتري قدر ماحول سازگار ٿيندو ويندو. چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ به سرحدي معاملن تي ڇڪتاڻ واري صورتحال رهندي آئي آهي، انهن ڳالهين کي ڏسندي ۽ افغانستان مان آمريڪا جي واپسي واري صورتحال کي ڏسندي جيئن آمريڪي صدر جي ڀارتي دوري کي اهم ڄاتو وڃي پيو، تيئن پاڪ فوج جي سربراهه جو دورو به اهم آهي. ڇو ته نيٽو جي واپسي کانپوءِ پاڪستان ۽ چين ۾ سيڪيورٽي معاملن تي پڻ بحث ٿيندو.

موجوده حالتن ۾ جتي هڪ طرف پاڪ، چين دوستي آهي ۽ هاڻ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ به جيڪا اعتماد جي فضا قائم ٿي آهي، ٻنهي ملڪن پاران جهڙي نموني ساٿ ۽ سهڪار ڪيو پيو وڃي. اُن سان هن خطي ۾ امن جو خواب، حقيقت جو روپ ماڻي سگهي ٿو. جيڪڏهن افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اڃا به ويجهڙايون قائم ٿين ٿيون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا اڃا به بهتر ۽ مضبوط ٿين ٿا ته پوءِ ڀارت اڪيلو رهجي ويندو.

پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جيڪا بي اعتمادي جي فضا هُئي، انهيءَ جو وڏو سبب افغان صدر حامد ڪرزئي هو، جنهن جا ڀارت سان لاڳاپا هئا ۽ ڀارت جي اُبتين سُبتين ڳالهين تي هو پاڪستان تي الزام هڻندو رهيو هو ته پاڪستان افغانستان ۾ طالبان جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. ان جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ پاڪستاني طالبان ملوث آهن. جڏهن ته پاڪستان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي، اُن ۾ افغاني طالبان ملوث آهن، جن کي ڀارت جي پُشت پناهي آهي. اِهي اُهي ڳالهيون هيون، جن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات مضبوط ۽ بهتر نه ٿي سگهيا پر نئين افغان حڪومت اچڻ کانپوءِ ۽ پشاور سانحي کانپوءِ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪا ويجهڙائي قائم ٿي آهي، ان سان ٻنهي ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي. ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي ڳالهيون طئي ٿي چڪيون آهن ته اُهي پنهنجي ملڪ کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندا ۽ دهشتگردن جي خاتمي جي حوالي سان به هڪ ٻئي سان تعاون ۽ سهڪار ڪندا. انهيءَ تعاون ۽ سهڪار جو ئي اهو نتيجو نڪتو جو پشاور سانحي ۾ ملوث ڪجهه دهشتگرد افغانستان ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن.

ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي آمريڪي صدر جي دوري کي ڏسجي ته اُن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي. اها اهميت تهائين وڌي سگهي ٿي، جڏهن آمريڪي صدر ايشيا کنڊ ۾ امن امان جي قيام لاءِ تحرڪ ۾  ايندو. ڇو ته هن وقت سموري دنيا دهشتگردي کي منهن ڏيئي رهي آهي. دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ جيڪي ملڪ متاثر ٿيل آهن، اُنهن ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ ڀارت شامل آهن. تنهنڪري دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ ٽنهي مُلڪن جو پاڻ ۾ گڏجڻ اهم آهي، جيستائين ٽيئي ملڪ گڏجي ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪوششون نٿا وٺن، تيستائين دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ممڪن ناهي.

پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جن معاملن تي ڇڪتاڻ هُئي، اُهي ئي معاملا آهن، جن ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. آمريڪي صدر جي دوري جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته ڀارت جي اها خواهش آهي ته آمريڪا آئوٽ سورسنگ تي پنهنجي پاليسي تبديل ڪري. موجوده وقت ۾ ڀارت جي خاص دلچسپي جديد ترين ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۽ گڏيل منصوبن ۾ جديد ترين اسلحو ڀارت ۾ ٺاهڻ واري ڳالهه ۾ آهي. ان کان علاوه افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي، اُتي پاڪستان ۽ ڀارت جو ڪردار، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي لاءِ ويزا جي ڪوٽا ۾ اضافي سميت هندستان جون هزارين خواهشون آهن.

”هزارين خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي

بهت نڪلي ميري ارمان، ليڪن ڦر ڀي ڪم نڪلي.“

بي بي سي مطابق آمريڪا جي سڀ کان گهڻي دلچسپي انهي قانون ۾ ترميم ڪرائڻ ۾ آهي، جنهن مطابق جوهري حادثن جي صورت ۾ بجلي گهر سپلائي ڪرڻ وارين ڪمپنين کي به معاوضي جي ادائگي جي لاءِ ذميوار قرار ڏنو ويندو.ڇو ته ان سان آمريڪي مفادن کي ڌڪ رسي ٿو.موجوده صورتحال ۾ هي خطو هڪ عجيب موڙ تي اچي بيٺو آهي. جيڪڏهن انهيءَ موڙ تي آمريڪي صدر جي هدايت تي ڀارت پنهنجي هٺ ڌرمي ڇڏي پاڪستان سان ٻيهر نئين سر بهتر ۽ مضبوط لاڳاپن جوڙڻ لاءِ نئين پيش رفت ڪري ٿو ته پوءِ ڪجهه وقت کانپوءِ صورتحال ۽ ٻي وڃي بيهندي ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي معاملي تي پاڪستان ۽ هندستان جو گڏجڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۽ انهيءَ حوالي سان افغانستان ۽ چين کي به گڏ ويهاري جيڪو لائحه عمل جوڙيو ويندو، ان جا اڳتي هلي خاطر خواهه نتيجا نڪرندا ۽ هن خطي ۾ رت جي جاري راند بند ٿي سگهندي ۽ امن، جيڪو هن وقت خواب بڻيل آهي، اهو خواب حقيقت ٿي سگهي ٿو.

جيڪڏهن پاڪ ڀارت لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي ٿئي ته پوءِ آمريڪي صدر جو اهو دورو سواءِ آمريڪي مفادن جي حاصلات کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *