مسئلن کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تحت وڌي رهيا آهيون: نواز شريف

لاهور (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته عوام جي زندگي ۾ آسودگي آڻڻ، ملڪ جي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪثر نه ڇڏينداسين، ملڪ سان جڙيل تمام گهڻن مسئلن کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي اڳتي وڌي رهيا آهيون، سڀني کي گڏ کڻي وڃڻ واري پاليسي تي عمل پيرا آهيون، قوم پنهنجي اتحاد سان ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو ڪري سڪون وٺندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن راءِ ونڊ ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو، ملاقات ۾ ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون، دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد، سينيٽ چونڊون، صوبي سميت ملڪ ۾ امن جي گڏيل صورتحال ۽ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي دوري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ امن مان جي گڏيل صورتحال   آمريڪي صدر براڪ اوباما جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي دوري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير، وزيراعظم کي صوبي ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن تي اعتماد ۾ ورتو، ٻڌايو ويو آهي ته ملاقات دوران پارٽي معاملا، مارچ ۾ ٿيندڙ سينٽ چونڊون ۽ آمريڪي صدر براڪ اوباما جي ڀارت جي دوري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ نصير آباد ڊويزن ۾ دهشتگردن پاران گڊو کان سبي ويندڙ مرڪزي ٽرانميشن لائين جي تباهي، بريڪ ڊائون جي مرڪزي سبب بڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *