25 سالن کان ڀارتي فلم نگريءَ سان واڳيل آهيان، جنهن تي حيرت آهي ته اتي ايترو ڪئين ٽِڪي آهيان:جوهي چاولا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا جوهي چاولا جو چوڻ آهي ته 25 سالن کان ڀارتي فلم نگريءَ سان واڳيل آهيان، جنهن تي حيرت آهي ته اتي ايترو ڪئين ٽِڪي آهيان، جوهي چاولا جو چوڻ هو ته سندس پهرين فلم سلطنت هئي جنهن ۾ سني ديول، ڌرمينڌر، شري ديوي ۽ امريش پوريءَ جھڙا اداڪارا هئا پر هيءَ فلم نه هلي، فلمي جي شوٽنگ دوران ”قيامت سي قيامت تڪ“ جي آڇ ٿي، آڇ قبول ڪرڻ تي دوستن چيو ته اهو ڇا ڪيئي؟ فيصلي تي نظرثاني ڪر، ڇو ته فلم جو پروڊيوسر ناصر حسين هو، جنهن جون فلمون ان وقت فلاپ پي ويون، ان فلم جو هيرو به هڪ نئون اداڪار هو، ”سلطنت“ فلاپ ٿي وئي ۽ ”قيامت سي قيامت تڪ“ اڄ تائين سڀني کي ياد آهي ۽ ان هيرو کي هاڻي بالي ووڊ ۾ ”مسٽر پرفيڪشنسٽ“ (عامر خان) سڏيو ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *