ڀارت اجاين الزامن کان پاسو ڪري.!

 

ڀارتي پنجاب جي ضلعي گورداس پور   ۾ دهشتگردن جي حملي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾صلاحڪارن جي سطح واريون ڳالهيون ملتوي ٿي ويون آهن، جڏهن ته پاڪستان ڀارتي بچاءُ واري وزير پاران گورداس پور  حملي جا جوابدار پاڪستان مان اچڻ واري  الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ نجي ٽي وي چينل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته گورداس پور   سانحي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي قومي سلامتي وارن صلاحڪارن جي رٿيل ملاقات ملتوي ٿي وئي آهي. ميڊيا موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي صلاحڪارن جي ملاقات آگسٽ مهيني ۾ رٿيل هئي. هوڏانهن پاڪستان ڀارتي بچاءُ واري وزير پاران گورداس پور   حملي جا جوابدار پاڪستان مان اچڻ واري  الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارتي صوبي  پنجاب جي شهر گورداس پور  پوليس اسٽيشن تي حملي جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، پاڪستان پاڻ به دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت اجاين الزامن کان پاسو ڪري. گورداس پور  واقعي کانپوءِ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڀارتي پنجاب واري دوري کي روڪي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت پاران ورڪنگ بائونڊري تي ٺاهن جي خلاف ڀڃڪڙي تي ڳڻتي آهي ۽ پاڪستان پنهنجي قومي مفاد ۾ سمورا قدم کڻدو. پرڏيهي ترجمان موجب حملي آورن جي پاڪستان مان اچڻ بابت ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان مذمت جوڳو آهي. قاضي خليل الله موجب پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، گردسپور حملي جا جوابدار پاڪستان مان اچڻ وارو ڀارتي وزير جو بيان  افسوس جوڳو آهي. ڀارت پاران هر معاملي ۾ پاڪستان کي ملوث ڄاڻائڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. پاڪستان گورداس پور   واقعي تي شديد مذمت وارو بيان جاري ڪري چڪو آهي. ڀارت غلط الزامن کان پاسو ڪري. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪراچي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري جا پيرا ڏکڻ آفريڪا ڏانهن وڃن ٿا، هن چيو ته ڪراچي اندر دهشتگردي ۾ ملوث ڏوهاري ڏکڻ آفريڪا ۾ رهيل آهن، انهن جي اچ وڃ روڪي وڃي.

حيدرآباد ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو،ڪاروهنوار سخت متاثر.!

حيدرآباد ۾3 ڏينهن گذرڻ باوجود برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، حيدرآباد سٽي، قاسم آباد ۽ لطيف آباد جي علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان بيٺل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، شهر جي اڪثر علائقن  جي گهرن، اسڪولن، سرڪاري ادارن، تفريح گاهه توڙي مسجدن ۾ پاڻي بيٺل آهي، شهرين جو ڪارووهنوار سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ شهري پيئڻ جي پاڻي ۽ بجلي کان محروم بڻيل. شهرين پنهنجن علائقن ۾ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ضلعي انتظاميا، واپڊا، واسا ۽ بلديا خلاف سخت نعري بازي ڪئي، حيدرآباد جي ريلوي ڪالوني، حالي روڊ، اسٽيشن روڊ، اوڊين سيئينما، جوڻيجا ڪالوني، شاهه لطيف ڪالوني، قاسم آباد فيز 1، سحرش نگر، شيدي ڳوٺ، ڀٽائي نگر، سٽيزن ڪالوني، انور ولاز، ٽيڪينيڪل ڪاليج روڊ، چانڊيه ڳوٺ، ڏومرا ڳوٺ، سومرا ڳوٺ، جي او آر ڪالوني، شهباز بلڊنگ، راڻي باغ، عيد گاهه، ٽيون نمبر تلاءَ، ٽنڊو ٺوڙهو، ٽنڊوآغا، پريٽ آباد، لياقت ڪالوني، سميت لطيف آباد نمبر 11، 2، 10، سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو آهي. سنڌ جي ٻئين نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ قائم سرڪاري ادارن شهباز بلڊنگ جي آفيسن آڏو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، جڏهن ته شهر جي اڪثر علائقن جي گھرن ۾ به پاڻي داخل ٿيڻ سبب شهري عذاب ۾ مبتلا ٿي پيا آهن، ان حوالي سان احتجاج ڪندڙ رهواسين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد انتظاميا برسات کي 3 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود هن وقت تائين پاڻي جو نيڪال نه ڪري سگهي آهي. هنن چيو ته حيدرآباد انتظاميا، ڊپٽي ڪمشنر توڙي بلديا اعليٰ جا عملدار صرف پاڻي جي نيڪالي لاءِ بيان ڏيڻ جي حد تائين آهن، جڏهن ته واسا توڙي ايڇ ڊي اي عملدار ظاهر ئي نه آهن. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر فياض احمد جتوئي چيو آهي ته حيدرآباد خاص طور قاسم آباد ۾ پاڻي جي نيڪالي وارو نظام درست نه هجڻ ڪري پاڻي جي نيڪالي ۾ گهڻي مشڪلات آئي آهي. هن چيو ته هڪ طرف بجلي جي اک ٻوٽ ڪري پمپنگ مشينون بند ٿي وڃن ٿيون ته ٻئي طرف شهرين جو دٻاءُ هجڻ ڪري عملو مونجهاري جو شڪار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *