سنڌ دريا ۾ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ سڳيون جي ڪچي ۾ 50 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي هيٺ اچي ويا

هنڱورجا (نمائندو) سنڌ دريا ۾ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ سڳيون جي ڪچي ۾ 50 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته هزارين ڳوٺاڻا پاڻي جي اندر ڦاٿل آهن انهن کي ٻاهر پڪي طرف ڪڍڻ لاءِ انتظاميه جي طرفان اڃا تائين ڪي به انتظامات ناهن ڪيا جنهن جي ڪري ڪچي ۾ ڦاٿل ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته انتظاميه جي پاران 3 ٻيڙيون سڳيون جي زيرو پوائنٽ تي ايس ايم بچاءُ بند وٽ آنديون ويون آهن جن کي پيٽرل فراهم نٿو ڪيو وڃي جنهن جي ڪري اهي ٻيڙيون بند ٿي بيٺل آهن جڏهن ته ڪچي ۾ اندر ڦاٿل ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙين جي ذريعي ڳرا خرچ ڪري ٻاهر نڪري رهيا آهن جن کي رهائڻ توڙي راشن فراهم نٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري ڪچي جا ٻوڏ متاثرين ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ بند تي پنهنجن ٻچن ٻارن سميت پريشان امداد جي آسري ويٺل آهن. هوڏانهن ڪچي جي ڳوٺن تي سڳيون جي پڪي سان ملائيندڙ سدا واهه جي محمود چنا واري پل پاڻي جي شديد دباءُ سبب ڪري پئي آهي جنهن جي ڪري سوين ڳوٺاڻن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. هوڏاهن ڪچي جي علائقي ۾ ماڻهن سان گڏ هزارين جانور ڦاٿل آهن جن ۾ خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي جڏهن ته بيمارين کان بچاءُ لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران اڃا تائين ڪنهن به قسم جي ويڪسئن ناهي ڪرائي وئي نه ئي وري ڪئمپون لڳايون ويون آهن ٻئي پاسي سڳيون جي ايس ايم بچاءُ بند جي ڪزور هجڻ جي ڪري 2010 جي مها ٻوڏ دوران بند جي مضبوطي لاءِ شروع ڪيل اسٽون پچنگ وارو ڪم رولڙي جو شڪار آهي 5 سال گذرڻ باوجود ڪم مڪمل نه ٿيو آهي ۽ ٺيڪيدار آبپاشي ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري بل پاس ڪرائي گم ٿي ويو آهي. سڳيون جي ڪچي ۾ پاڻي جي شديد دباءُ کانپوءِ هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل ڪمند، جوئر، تر، وونئڻ سميت ٻيا فصل مڪمل طور تي ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪجهه زمينداري بند اڃا تائين موجود هجڻ جي ڪري پاڻي جو دباءُ دريا جي بند طرف وڌي رهيو آهي جنهن ڪري قاضي ڀٽا، محمود چنا ۽ ٻين هنڌن تان بند ڪمزور هجڻ جي ڪري پاڻي جو دباءُ وڌڻ جي صورت ۾ ٽٽڻ جا امڪان موجود آهن. هوڏانهن هن وقت تائين ٻوڏ متاثرين جي رليف لاءِ وزيراعلي سنڌ جي واضع حڪمن جي باوجود اڃا تائين رليف وارو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي ۽ ڪٿي به سڳيون جي علائقي ۾ اڃا تائين نه ته رليف ڪئمپ لڳي آهي ۽ نه ئي وري صحت کاتي پاران ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي آهي. جنهن جي ڪري ڪچي جا ٻوڏ متاثرين ماڻهو بيمارين سبب سڳيون جي اسپتال جتي ڪنهن به قسم جي ڪابه صحت جي سهولت موجود ناهي اتي پهچن ٿا يا وري ٻين ڏوراهه علائقن هنڱورجا، راڻيپور، صوڀوديرو، گمبٽ جي اسپتالن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو. هوڏانهن تعلقي انتظاميه جا عملار بندن جا سکڻا چڪر ڪاٽي ڪوڙا بل ۽ ووچر ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن ڄڻ کين جي عيد ٿي وئي هجي. سڳيون جي ڪچي جي متاثر ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانهون ڪندي چيو آهي ته پاڻي جي ٻوڏ اچڻ جي ڪري اسان جو سڀ ڪجهه لڙهي ويو آهي پر انتظاميه اسان ڳوٺاڻن کي به ڪچي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءُ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. سڳيون ۾ ٽي ٻيڙيون بيهاريون ويون آهن جن کي به تيل فراهم نٿو ڪيو وڃي هن مطالبو ڪيو آهي ته ڪچي ۾ پاڻي اندر ڦاٿل ڳوٺاڻن کي فوري طور تي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي رليف ڪئمپون توڙي ميڊيڪل ۽ لائيو اسٽاڪ جون ڪئمپون لڳرايون وڃن ۽ متاثرين کي راشن فراهم ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *