ڏوڪري ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، گندگي جي آزار ۽ ٽي ايم او جي ڪرپشن خلاف جيئي سنڌ تحريڪ پاران احتجاج

ڏوڪري(نمائندو)ڏوڪري ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، گندگي جي آزار ۽ ٽي ايم او جي ڪرپشن خلاف جيئي سنڌ تحريڪ ۽ شهرين طرفان 4 ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽي ايم او جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب سڄو شهر ڀوڳي رهيو آهي، عوام جي زندگي عذاب بڻائيندڙ ٽي ايم او خلاف بنا دير ڪارروائي ڪري شهر جي صفائي بحال ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق ڏوڪري شهر ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري گندو پاڻي شاهي بازار، اسپتال روڊ، سئنيما روڊ، امام بارگاهه روڊ سميت مکيا روڊن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ ڪري دوڪاندار ۽ شهري سخت پريشان آهن. ٻئي طرف برساتي پاڻي ۽ گندگي سبب ميمڻ محلو، عباسي محلو، عيدگاهه محلو، قريشي محلو، جوڻيجا محلي، بينظير ڪالوني، فارم محلي سميت ڪيترن ئي محلن ۾ گندو پاڻي گهٽين ۽ گهرن ۾ بيهڻ ڪري مليريا سميت ٻين وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ٻئي طرف برساتي پاڻي نيڪا نه ٿيڻ، شهر ۾ گندگي ۽ ٽي ايم او امداد کوکر جي مبينا ڪرپشن خلاف جيئي سنڌ تحريڪ جي سڏ تي شهر جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين طرفان ڪامريڊ شبن جتوئي، ديشي شبير، عثمان جيسر، جميل شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٽائون هال ۾ 4 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته مظاهرين شهر جو گشت ڪري حيدر چوڪ وٽ ڌرڻو پڻ هنيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪامريڊ شبن جتوئي، عثمان جيسر ۽ جميل شيخ چيو ته ڏوڪري شهر ۾ گندگي جي ذميوار ٽي ايم او امداد کوکر ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ٽائون آفيسر گلشير کوکر ڏوڪري ڪروڙين روپيا ڪرپشن ڪري شهر کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته 4 ڏينهن کان جاري شهرين جي احتجاج جو ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي سرڪاري ڪاموري نوٽيس نه ورتو آهي، جيڪا عوام سان وڏي زيادتي آهي. اڳواڻن چيو ته شهر ۾ 6 ڏينهن اڳ پيل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ انتظامي نااهلي آهي، پر تنهن هوندي به اينٽي ڪرپشن سميت سرڪاري ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. شهرين ۽ قومي ڪارڪنن وڏي وزير، بلديات جي وزير، چيئرمين نيب، چيئرمين اينٽي ڪرپشن ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻوکان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري تعلقي جي هڪ ڪروڙ 35 لک روپيا بجيٽ هڙپ ڪندڙ ٽي ايم او امداد کوکر ۽ سندس ڀاءَ ٽائون آفيسر گلشير کوکر کي بنا دير هٽائي سندن ڪيل ڪروڙين روپيا ڪرپشن جي انڪوائري ڪرائي ڏوڪري شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *