ملڪ ۾ بجلي جي پيداور جا شروع ڪيل منصبن سان لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي: عابد شير علي

سکر(بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وزير عابد شير علي چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداور جا شروع ڪيل منصبن سان لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي، ن ليگ جي حڪومت توانائي جي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، سيپڪو سميت بجلي جي ورهاست وارين ڪمپنين کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو بجلي جي چوري ۽ رهتون ادا نه ڪرڻ وارن صارفين خلاف مهم کي تيز ڪرين ۽ بجليچوري ۾ ملوث صارفين ۽ انهن کي بجلي جي سهولتون فراهم ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.، سيپڪو ۾ موجود ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف لٺ کئي آهي آفيسرن کي هدايتون به ڏنيون آهن ته هو پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ سان گڏو گڏ صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرين. ٻئي صورت ۾ انهن جي خلاف سخت کاتيدار ڪاروائي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ ن ضلعي سکر جي صدر سيپڪو بورڊ آف ڊائريڪٽر جي ميمبر امام الدين کوسو، ترجمان خورشيد احمد ميراڻي، ميمبر سيپڪو بورڊ آغا امتياز جي اڳواڻي ۾ سيپڪو ريسٽ هائوس ۾ ملاقات ڪندڙ ليگي ڪارڪنن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته لائن مين، ميٽر ريڊر، لائين سپريٽنڊنٽ ۽ ٻين اسٽاف کي پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني آهي هڪ مهيني کانپوءِ سکر جو دورو ڪندس. ان موقعي تي وفد ضلعي سکر ۾ پارٽي مسئلن ۽ سپڪو جي ڪاڪردگي ۽ صارفين جي مشڪلات جي باري ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو جنهن تي عابد شير علي يقين ڏيارو ته سکر جو دورو ڪري سندن ن ليگ جي آفيس ۾ ڪارڪن جا مسئلا پڻ ٻڌندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *