ڪرنسي سمگلنگ ڪيس: ماڊل ايان علي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، رمانڊ ۾ واڌ

راولپنڊي (بيورو) ڪرنسي سمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، جنهن بعد سندس عدالتي رمانڊ ۾ 13 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سپر ماڊل ڪيس تي خدشا ظاهر ڪندَي حڪومت ۽ چيف جسٽس کان اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ سندس ڪردارڪشي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج رانا آفتاب احمد خان، ماڊل ايان علي خلاف ڪرنسي سمگلنگ ڪيس جي ٻـُڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جِي سينيئر گائنالاجسٽ جِي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ايان علي ڳورهاري ناهي، هوءَ مڪمل صحتياب آهي. ڪسٽم اختيارين پاران ڪيس جو مڪمل چالان پيش نه ڪرڻ تي اڄ به ماڊل تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، جنهن بعد عدالت ايان علي جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي 11 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ماڊل جَي وڪيل لطيف کوسا ايان علي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ تي اعتراض واريندي چيو ته ڪسٽم اختيارين پاران پيش ڪيل چالان مڪمل ناهي. ٻڌڻيءَ دوران ڳالهائيندي ماڊل ايان علي چيو ته کيس اندازو نه هو ته ايترا پئسا پرڏيهه کڻي وڃڻ غيرقانوني آهي. ٻڌڻي وقت ايان علي جي والد جي عدالت ۾ موجودگي تي به ماڊل جي وڪيل اعتراض واريا. سردار لطيف کوسا چيو ته ماڊل ايان علي پيءُ سان نه ٿي ملڻ چاهي، تنهنڪري کيس عدالت کان ٻاهر ڪڍيو وڃي، جنهن تي عدالت ايان جي والد کي ٻاهر وڃڻ جو حڪم ڏنو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *