مخدوم شهاب الدين جي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان پپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي اڳوڻي صدر مخدوم شهاب الدين، ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل خواجا رضوان عالم، مخدوم ارتضيٰ ۽ حيدر زمان سومر ڏينهن هتي بلاول هائوس ۾ پاڪستان پپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. سينيٽر شيري رحمان ۽ جميل سومرو به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ ڏکڻ پنجاب جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن بابت غور ويچار ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *