جيڪڏهن اقتدار ۾ اچي وياسين ته ملڪ جون معاشي حالتون تبديل ڪري ڇڏينداسين: عمران خان

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته 2015 اليڪشن جو سال آهي پي ٽي آءِ جي وڪيل جڊيشل ڪميشن ۾ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اليڪشن 2013 ۾ منظم ڌانڌلي ٿي آهي اسان کي ڪميشن جي فيصلي جو انتظار آهي ريحام خان عملي سياست ۾ اچي چڪي آهي پي ٽي آءِ ملڪ کي خوشحال بڻائيندي هڪ ڏينهن جيڪڏهن اقتدار ۾ اچي وياسين ته ملڪ جون معاشي حالتون تبديل ڪري ڇڏينداسين ته ملڪ کي نه قرض وٺڻ جي ضرورت پوندي ۽ نه ئي ڪنهن کان خيرات وٺڻ عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته ان جو اعتماد ڪڏهن به نه ٽوڙيندس ملڪ جا 90 سيڪڙو ماڻهو ڪينسر جو علاج نٿا ڪرائي سگهن جيڪڏهن حڪمران عياشين نه ڪن ته عوام وڌيڪ ٽيڪس به ڏيندو هڪ خاص انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته ايم ڪيو ايم تي جيڪي الزام مڙهيا ويا آهن کيس ان الزامن جو لڳل داغ ڌوئڻ گهرجي جڏهن مان سياست ۾ نه هئس ته مون ۾ صبر هو هاڻي سياست ۾ آيو آهيان ته صبر به اچي ويو آهي هن چيو ته ڪراچي 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو پر هتي نه پاڻي آهي ۽ نه بجلي آهي مسئلن جي باوجود ڪراڇي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ عطيو ڏين ٿا شوڪت خانم اسپتال لاءِ به پاڪستانين کان چندو وٺون ٿا هن چيو ته ڪراچي ۾ به جلد شوڪت خانم اسپتال قائم ڪئي ويندي. شوڪت خانم اسپتال ڪراچي جي حوالي سان ان جو چوڻ هو ته زمين جيئن ئي ملندي شوڪت خانم اسپتال جي اڏاوت شروع ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *